• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي سريلنڪا خلاف ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
21mrygk.jpg


متحده عرب امارات ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هوم سيريز ۾ پاڪستان سريلنڪا کي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-1 ، هڪ ڏينهن واري سيريز ۾ 1-4 ۽ ٽي ٽئنٽي سيريز ۾ 0-1 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي۔ ان سان گڏ پاڪستاني ٽيم ون ڊي رينڪنگ ۾ هڪ درجو مثي اچي پنجين نمبر تي پهتي آهي۔

پاڪستان پاران بئٽسمينن، بالرن سٺي ڪارڪردگي پيش ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي۔ جڏهن ته سريلنڪا جي بيٽنگ لائين سواء ڪمار سنگاڪارا جي بلڪل ناڪام رهي۔

پاڪستان پاران ٽيسٽ ميچن ۾ توفيق عمر 324 رنسون ، اظهر علي 263 رنسون ۽ يونس خان 221 رنسون ٺاهي بهترين بئٽنگ جڏهن ته سعيد اجمل 18 وڪيٽون، عمر گل 14 وڪيٽون ۽ جنيد خان 12 وڪيٽون وٺي بهترين بالنگ ڪرائي۔

پاڪستان پاران ون ڊي ۾ عمر 161 رنسون، يونس خان 150 رنسون جڏهن ته شاهد آفريدي 13 ۽ سعيد اجمل 11 وڪيٽون وٺي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري۔​
 
جواب: ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي سريلنڪا خلاف ڪاميابي

پاڪستان تمام سٺي راند کيڏي آهي
انشا الله سڌائين پاڪستان کٽيندي
 
Back
Top