ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڇا واقعي امام حسين عه ڪوفين جي خطوط جي ڪري ڪوفي جو رُخ ڪيو.
اڪثر اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته ڪوفين امام عه کي خط لکيا ۽ امام عه انهن خطن جي ڪري ڪوفي جو رستو اختيار ڪيو. ڪوفين ڌوڪو ڪيو ۽ امام شهيد ٿي ويو اهي اهڙا جملا آهن جيڪي هر حق پرست جي دلين کي آزار ڏين ٿا. قطعي نظر ته اهي شيع ها يا دولت پرست يا بي همت هي. ڇا امام واقعي ڪوفين جي ڌوڪي ۾ آيو، ڇا ڪوفين کان امام ڌوڪو کاڌو، ڇا امام جي بصيرت ايتري ڪمزور هئي جو امام عه ڪوفين کان ڌوڪو کائي وئي.؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اسان جهڙن ڪمزورن کي پيرشان ڪن ٿا.
پهريان ته ڪوفي جو رخ امام ڪڏهن ڪيو؟ ۽ ڪوفي جي حقيقت تي ڪجھ بحث ڪرڻ ضروري آهي. ڪوفو حضرت عمر جي زماني حضرت علي عه جي زماني ۾ پهرين اسلامي ڇانوڻي جو طور تي وجود ۾ آيو.ڇا امام جو مقصد ان ڇانوڻِي تي قبضو ڪري حڪومت جي خلاف بغاوت ڪرڻ هو مون هن موضع ۾ حماسه حسيني کان مدد ورتي آهي تقريبن حواله هن ڪتاب تان ڪوڊ ڪيا آهن. جا مطهري صاحب جي ڪتابن مان بهترين ڪتاب آهي بلڪه جي ائين چوان ته انساني اقتدار جي ترجماني ڪندڙ منهنجي مطالعي مان گزرندڙ تمام ڪتابن مان بهترين ڪتاب آهي ته غلط نه هوندو. جڏهن مون اها ڪتاب جيڪا منهنجي هڪ بزرگ مونکي بطور هديو ڏني جيڪو اسلام آباد ۾ نهج البلاغه تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي محترم علامه عمران علي صاحب . آءُ سندن ممنون و مشڪور آهيان جو انهن مونکي هن ڪتاب جي مطالعي جي اهل سمجهيو. آءُ چاهيندس ته هر دوست جيڪو ڪربلا ۽ ان جي حقيقت کي سمجهڻ گهري ٿو ان کي ان ڪتاب جي طرف پنهنجي توجه ڪرڻ گهرجي. انمول
غور ڪريو ته ڇا واقعي امام عه جي تحريڪ جو مقصد ڪوفي تي قبضو جيڪا اسلامي فوجي ڇانوڻي هئي ) ڪري ڪو انقلاب آڻڻ هو يا ڪجھ ٻيو.؟ )
دوستو اوهان امام جي خروج جي تاريخن تي غور ڪريو ته هر حقيقت اوهان اڳيان ظاهر ٿي پوندي .غور ڪريو امام حسين عه اٺاويهين رجب تي مدينو ڇڏيو آهي.
۽امام امام حسين عه شعبان جي ٽين تاريخ مڪي ۾ داخل ٿيا ، رمضان، شوال، ذيقعد ۽ ذي الحج جي اٺين تاريخ يعني هي تقريبن چار مهينا آهن جيڪي امام عه مڪي ۾ رهيا ۽ امام امام حسين عه جو مسلسل پيغام هلي رهيو هو. هي اهي ايام هيا جن ۾ عمري کي مستحب سمجهيو ويندو آهي ۽ اڄ به خاص ڪري انهن مهينن ۾ عمرو ڪيو ويندو آهي پري پري کان ماڻهون آيا ٿي ته ان وقت لازمي طور تي ڪوفي کان به ڪئي ماڻهون عمري لاءِ آيا هوندا جن وڃي امام جو مديني کان گهران نڪرڻ جو مقصد بيان ڪيو هوندو نتيجي ۾ اهي خط جيڪي اڄ به مشهور آهن ڪوفي کان لکيا وي روايتن ۾ آيو آهي ته امام عه وٽ جيڪو پهريون ڪوفي کان خط آيو اهو سندن مڪي ۾ ٻيون مهينو هو . يعني امام عه جيڪو مڪي کان ڪوفي جي طرف سفر ڪيو آهي ان سفر جي دعوت امام عه کي مڪي ۾ حجرت ڪري اچڻ جي ٻئي مهيني ۾ ملي ٿي جڏهن ته امام عه پنهنجي سفر جي شروعات اٺاويهين سفر تي شروع ڪري ڏني هئي. . جڏهن پري پري کان جي علائقي جا ماڻهون عمري لاءِ آيا ٿي ته هي پيغام امام حسين عه کي مدينو بدر ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ امام حسين عه جا يزيد جي خلاف پيغام رساني ٿي ڪئي سا به پهچي رهي هئي . يزيد امام حسين عه جي ان وقت کان پريشان هو ان لاءِ يزيد حاجين جي لباس ۾ 30 مانهو امام جي قتل لاءِ موڪليا ته جيئن معاملو به حل ٿي وڃي ۽ سڀاڻي اها ڳالھ هلائي وڃي ته الائي ڪير امام عه کي قتل ڪري ويو. مسئلو حضرت عثمان جي قتل جيان اختلافي ٿي وڃي ها الله خير . ليڪن امام جي دور انديشي ان ڳالھ کي سمجهيو ٿي . بحرحال هي منهنجو موضوع ڪونهي . امام حسين عه کي انهي مڪي قيام دوران جڏهن ڪوفين جا خط پهتا ۽ تاريخ ۾ رقم آهي ته پهريون خط امام عه کي 15 رمضان تي موصول ٿيو جنهن کان پوءِ امام امام حسين عه ذيقعد ۾ جناب امير مسلم کي پنهنجو سفير بڻائي موڪليو. هاڻي ته هي ڳالھ روزِ روشن جيان عيان آهي ته امام جو خروج ڪوفين جي ڪري نه بلڪه ڪوفين جي دعوت امام جي خروج جي ڪري هئي جڏهن ڪوفين امام عه جو خروج ڏٺو ته امام حسين عه کي خطوط لکيا . اهو پيغام اسلامي رياست جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ لڳو ۽ اهو پيغام پڻ ڪوفي پهتو ۽ اتان جي ماڻهن خطوط لکيا. امام حسين عه جو مدينو بدر ڪرڻ ڪا ننڍڙي ڳالھ نه هئي . هي اهو وقت هو جو امام امام حسين عه جو مڪي ۾ رهڻ به يزيد لاءِ اسلامي رياست ۾ نقصان ده ثابت ٿي رهيو هو امام حسين عه ڪوفي جو سفر ڇو اختيارڪيو اهو غور جي قابل آهي.؟ ڪوفي لاءِ مشهور آهي ته ڪوفو حضرت عمر جي زماني ۾ فوجي ڇانوڻي طور وجود ۾ آيو. ان وقت ٻه فوجي ڇانوڻيون مشهور هيون هڪ شام ٻي ڪوفو. ڪوفي جو بنياد معاويه رکيو هو . حضرت علي عليه السلام ڪوفي جي اهميت کي ايترو سمجهيو جو پاڻ عه ان وقت مدينوجيڪو مسلاممن جو دارالخلافه هو ۽ پهرين ٽنهي خليفن جي زماني ۾ پڻ دارالخلافي رهيو کي ڇڏي ڪوفي کي اچي دارالخلافه بڻايو.ان جون به ڪئي وجوهات آهن ليڪن هڪ خاص وجھ بنو اميه جي پروپيگنڊه جو ٽوڙ پڻ هو.امام امام حسين عه جي مڪي ۾ رهڻ دوران مون پهريان به عرض ڪيو ته هي اهي مهينا هيا جن ۾ عمري کي انهن مهينن ۾ مستحب سمجهيو ويندو هو. اسلامي رياست جي هر ڪوني ڪوني کان ماڻهون عمري جي سعادت لاءِ ايندا ها. امام حسين عه ڪوفين جا خط وصول ڪيا پاڻ ڪوفين جي طرزِ عمل کان ته واقف ئي هيا سندن عمر جو گهڻو حصو ڪوفي ۾ گذريو هو. امام جي ان وقت ڪوفي جي طرف نه پيا اچن ته هڪ عام سوچ امام کي خط لکيا ويا ليڪن امام انهن ڏانهن نه ويو. آءُ سمجهان ٿو ته امام عه هر لڪل ڪفر کي ّظاهر ڪرڻ جو پورو تحيو ڪيو هو. ان لاءِ لازمي هو ته ڪوفي وارن کي به ظاهر ڪن سو امام عه ڪوفي جو سفر اختيار ڪيو. جڏهن امام عه کي رستي تي خبر پئي ته سندن مقرر ڪيل امير ڪوفي ۾ شهيد ٿي چڪو آهي ته امام عه پوءِ به پنهنجو سفر ته جاري رکيو امام مسلسل ڪوفي جي حالات کان آگاه رهيا. جي امام جو خروج ڪوفين جي ڪري هجي ها ته حُر جي لشڪر کان پهريان امام حسين عه کي ڪوفين جي غداري جي خبر فرزدق ڏني هئي جتي هن امام حسين عه کي چيو ته ڪوفي جو حال هي آهي ته ڪوفين جون دليون توهان سان ۽ تلوارون توهان جي خلاف آهن ته امام حسين عه ان وقت پنهنجي سفر کي ترق ڪري ها ليڪن امام جو سفر پوءِ به جاري و ساري رهڻ ٻڌائي ٿو ته امام جو خروج ڪوفين جي خطوط جي ڪري نه پر امام جي نگاه ۾ اها منزل هئي جا ڪنهن کي نظر نه ٿي آئي . جڏهن امام عه مديني مان هجرت ڪئي ته جناب عبدالله ابنِ عباس امام حسين عه کي فرمايڳ ته مولا ايڏانهن جو سفر نه ڪريو اوهان کي شهيد ڪيو ويندو ليڪن امام حسين هع اهو جواب ڏنو جيڪو فرشتن کي آدم عه جي تخليق تي ڏنو هو ته مان اهو ٿو ڄاڻان جيڪو اوهان نه ٿا ڄاڻو.
هلندي هلند هڪ جاءِ تي امام پنهنجي صحابه کي حڪم ڪيو پاڻي اضافي کڻو اٺن گهوڙن تي اضافي پاڻي کڻو. اچانڪ هڪ صحابي پڪاريو يا ابا عبدالله مون هتان پهريان به سفر ڪيو آهي پرڪڏهن به مون هت وڻ ناهي ڏٺو پر هاڻي هڪ وڻ نظر پيو اچي ڪنهن صحابي چيو نه هي وڻ ناهي هي ڪو جهنڊو آهي ٿوري دير کان پوءِ حقيقت واضع ٿي وئي جناب حُر عه پنهنجي هڪ هزار جي لشڪر سان نمودار ٿيو ۽ حالت هي هئي سندن پير اکڙيل اکڙيل ها جسم نڊهال ها، بس قريب المرگ ها امام عه جن فرمايو هنن کي ۽ هنن جي جانورن کي پاڻي پياريو. جڏهن سندن صحابي جانورن توڙي انسانن کي پاڻي پياري رهيا تڏهن امام پنهنجي باوفا اصحابن کي حڪم ڪيو ته ڏسو هنن جا جانور توڙي هي گهڻا اڃايل آهن. هي هڪ ڀيرو پاڻي پيئڻ سان سيراب نه ٿيندا هنن کي ٻه ٽي ڀيرا پاڻي پياريو.هي انساني مروت جو ڪمال آحي. پاڻ ڄاڻن ٿا ته هي يزيدي لشڪر آهي سندن تلاش ۾ نڪتل آهي ليڪن پوءِ به ؟ هنن مان هڪ شخص روايت ٿو ڪري ته موکي اڃ تمام گهڻي لڳل هئي ۽ مشڪ جا مونکي ڏني وئي هيئ ان جو منهن مونکان نه ٿي کُليو، امام حسين عه پاڻ اچي ان مشڪ جو منهن کوليو. جڏهن امام حسين عهجي حر سان ڳالھ ٻولھ ٿي ته امام عه اهو فرمايو اوهان ڪوفي وارن اسان کي خط لکيا آهن جي اوهان پنهنجي واعدي يا قول تان انحرافي ٿا ڪريو يا منهنجي مدد تان هٿ ٿا کڻو ته مونکي آزاد ڇڏيو . ان مان صاف ظاهر آهي ته امام عه جي خروج جي پٺيان ڪوفين جي حمايت نه هئي بلڪه امام جي قيام ڪوفين کي يزيد جي خلاف متحد ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ڪوفين امام عه کي خطوط لکيا ته اوهان جي يزيد جي خلاف نڪتا آهيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون . اچو اسان اوهان جي رقاب ۾ يزيد سان مقابلو ڪنداسين . امام حسين جڏهن مڪي کان نڪتا ته رستي تي امام عه کي حضرت امير مسلم جي شهادت ۽ ڪوفين جي ڌوڪي جو اطلاع مليو . ليڪن امام پنهنجي سفر کي ترڪ ناهي ڪيو بلڪه سفر مسلسل جاري رکيو. ان مان به ثابت آهي ته امام عه جي قيام جو مقصد اهو نه هو ته امام عه خروج ان لاءِ ڪيو جو امام عه کي ش ڪوفين دعوت ڏني هئي ۽ جي امام عه کي ڪوفي دعوت نه ڏين ها ته امام خروج نه ڪن ها نه اهو پروپيگنڊه ڪندڙ ٽولو حقائق کي يڪسر لڪائيندڙ ٽولو آهي . اوهان جي امام حسين عه جي هر مقام تي خطبن کي ڏسندئو ته اوهان کي سمجھ ۾ ايندو ته امام حسين عه جو ڪو ساٿ ڏئي ها يه نه ڏئي ها پر امام عه لازمي خروج ڪن ها . امام هر مقام تي اهو چيو جنهن مان اوهان جي سامهون امام عه جو حُر جي لشڪر اڳيان ڏنل خطبي ۾ رسولِ اڪرم صه جي هڪ حديث جو حوالو ٿو پيشڪجي جيڪو امام عه حوالو حُر جي لشڪر اڳيان پيش ڪيو هو. جنهن مان اوهان به خوبي اهو اندازو لڳائي ٿا سگهو ته امام عه هر حال ۾ قيام ڪن ها. پاڻ حُر جي لشڪر سامهون ان حديث جو حوالو ڏيندي فرمائين ٿا ته پيغمبر فرمايو جي اهڙو زمانو اچي وڃي ۽ حالات هي ٿي وڃن مسلمانن جي بيت المال جي حالت ابتر ٿي وڃي بيت المال هڪ گروه ۾ مختصص ٿي وڃي ، جي حلالِ خدا حرام ۽ حرامِ خدا حلال ٿي وڃي ماڻهون ٻن گروهن ۾ مبتلا ٿي وڃن فقير فاقن ۾ دردمند دردن ۾ ۽ جيڪو پيٽ ڀري کائي سو اٿي نه سگهي ۽ مسلمان ان وقت کي سمجهن ۽ خاموشي اختيار ڪن ته خدا تي واجب آهي ته اهڙي مسلمانن کي اتي پهچائي جتي ظالمن جو ٺڪاڻو هوندو آهي ان مقام تي مونکي منهنجي ذميداري جو احساس آهي پيغمبر جو فرمان آهي ته انهن حالتن ۾ مومن تي واجب آهي ته اهو اهڙي ظالم حڪمران جي خلاف خروج ڪري.
امام حسين عه جو هڪ ٻيو تاريخي خطبو جنهن ۾ امام حسين عه فرمايو ۽ پنهنجي موقف کي بلڪل عيان ڪيو.هي خطبو امام حسين عه امير مسلم جي شهادت جي خبر تي ڏنو، ڇا توهان نه ٿا ڏسو حق تي عمل نه ٿو ٿئي ؟ ڇا توهان نه ٿا ڏسوته الاهي قوانين پامال ٿي رهيا آهن ؟ ڇا توهان نه ٿا ڏسوڪنهن قدر خرابيون پيدا ٿي چڪيون آهن ؟ ڪير ڪنهن کي منع ڪرڻ وارو ڪونهي ، ڪير باز نه ٿو اچي ، انهن حالتن ۾ مومن ( امام جو فرمان هي ناهي ته مون حسين کي نه امام فرامئين ٿا ته مومنکي ) کي پنهنجي جان تي کيڏڻ گهرجي ۽ موت جي ملاقات جو منتظر هئڻ گهرجي . انهن حالتن ۾ آءُ مرڻ کي ترجيح ٿو ڏيان موت کي پنهنجي لاءِ سعادت ٿو سمجهان ، آءُ مرڻ کي خدا جي راھ ۾ سشهادت ٿو سمجهان ، آءُ ظاڪم سان گڏ رهڻ کي ملامت ٿو سمجهان ، منهنجي روح اهڙي روح ناهي جو ظاڪمن سان گڏ رهي .مولا امام حسين عه جي هن گفتگو مان هر ڪو شخص اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته امام کي ڪنهن جي مدد جي پرواه نه هئي امام جي ڪو مدد ڪري ها يا نه ڪري ها امام حسين عه لازمي خورج ڪن ها . ليڪن امام جي ان طريقي گهڻ لڪل شين کي ظاهر پڻ ڪيو . وسلام