اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو
منهنجو نالو سنڌي نور
مون سائين نثار ناز جي چوڻ تي هي فورم جوائن ڪيو آهي. مان هميشه ٻين کان ٻه قدم اڳ هلڻ جي قائل رهي آهيان، جنهن ماحول ۾ رهان ٿي، اهڙي ماحول ۾ زندگي بسر ڪرڻ لاء صرف عام رواجي ڇوڪرين کي سٺو سمجهيو ويندو آهي، پر مان هر دفعي مشڪلاتن کي مُنهن ڏئي به پنهنجي سوچ مطابق هلڻ سکيو آهي ۽ اڳتي به ڪوشش ڪندس ته پاڻ ملهائي سگهان۔
جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا (شاھ)
منهنجي شادي منهنجي ماروٽ آفتاب سان ٿي، مون کي چار ٻار آهن، هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون۔ سوچندي آهيان ته ٻارن کي بهترين تعليم ۽ تربيت ڏئي سگهان، خاص ڪري نياڻين کي۔ پنهنجي لاء ته ڄڻ هر ڳالھ ختم ڪري هاڻ انهن جي لاء پيا جيئون ـ پنهنجا خواب ۽ سڀ خواهشون هاڻ ڄڻ ته ختم آهن.
جيئن هڪ ٻيو شعر تمام گهڻو پسند آهي، شاعر جي نالي جي ڄاڻ نه اٿم
منهنجا احساس صليبن تي ڇڏي ٿو چاڙهي
ڏات منهنجي کي وجهڻ چاهين ٿو سوگهي سنگهرا