اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

'تعارف' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2011۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    [​IMG]

    اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    منهنجو نالو سنڌي نور

    [JUSTIFY]
    مون سائين نثار ناز جي چوڻ تي هي فورم جوائن ڪيو آهي. مان هميشه ٻين کان ٻه قدم اڳ هلڻ جي قائل رهي آهيان، جنهن ماحول ۾ رهان ٿي، اهڙي ماحول ۾ زندگي بسر ڪرڻ لاء صرف عام رواجي ڇوڪرين کي سٺو سمجهيو ويندو آهي، پر مان هر دفعي مشڪلاتن کي مُنهن ڏئي به پنهنجي سوچ مطابق هلڻ سکيو آهي ۽ اڳتي به ڪوشش ڪندس ته پاڻ ملهائي سگهان۔

    جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا (شاھ)


    منهنجي شادي منهنجي ماروٽ آفتاب سان ٿي، مون کي چار ٻار آهن، هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون۔ سوچندي آهيان ته ٻارن کي بهترين تعليم ۽ تربيت ڏئي سگهان، خاص ڪري نياڻين کي۔ پنهنجي لاء ته ڄڻ هر ڳالھ ختم ڪري هاڻ انهن جي لاء پيا جيئون ـ پنهنجا خواب ۽ سڀ خواهشون هاڻ ڄڻ ته ختم آهن.

    جيئن هڪ ٻيو شعر تمام گهڻو پسند آهي، شاعر جي نالي جي ڄاڻ نه اٿم

    منهنجا احساس صليبن تي ڇڏي ٿو چاڙهي
    ڏات منهنجي کي وجهڻ چاهين ٿو سوگهي سنگهرا


    [/JUSTIFY]
     
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي وعليڪم اسلام
    توهان کي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي اچڻ تي اسان سنڌي ڀائرن جو هي سڪ ڀريو سلام شل قبول پوي
    ادي توهان جا خيال تمام بهترين آهن انشاالله سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو
    مهرباني
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سٿ پاران ادي سنڌي نور صاحبه کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪارڪيون ٿا۔

    ادي نور فيسبوڪ جي سنڌي گروپن ۽ سنڌي پيجز تي گهڻي سرگرم رهندي آهي خاص ڪري سندس نثري ۽ آزاد نظم ، جيڪي جيء کي جهنجهوڙڻ لاء ڪافي هوندا آهن۔ هر موقعي جي مناسبت سان يا پنهنجي اندر جي احساسن کي لفظي روپن ۾ بيان ڪندڙ ادي نور کي ڀليڪار۔

    سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک، پنهنجو ڪويتائون، نظم ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي ۽ اوهان جي شرڪت اسان لاء اميد افزا آهي۔

    اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔
    [/JUSTIFY]

    ادي نور جو هڪ نظم پيش آهي :

    اي ڪاري رات تون گذري وڃ
    صبح نويلي اچڻي آء
    جي تو ڏنيون سوغاتون
    اونڌاهي ۾
    سي روشن صبح ۾ پسڻي آ
    اي رات انڌاري گذري وڃ
    مون جي ڏٺا ننڊ ۾ سپنا
    هاڻي جاڳندي سي ماڻيندم
    ٿي اٽل ڪارونجھر جون
    ٽڪريون
    منهن ڏينديس تن مشڪلاتن کي اڄ
    ڏونگر ڏاري نئي صبح
    سنواري ان اونڌاهين مان نڪري ائنديس
    اي رات انڌاري گذري وڃ
    مون جي ڪيا وچن پاڻ سان
    سي سڀ پاڙي ڏيکارينديس
    حسرتون ، خواب ، اميدون کڻي
    من جون
    هاڻ مان
    پاڻ جئارينديس


    [​IMG]
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ڀلي ڪري آئين ڌِي اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿِي ته اسان جي سنڌِي نياڻِي جنهن جو نالو سنڌي نُور آهي اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿي سنڌي ٻولِي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي شاعري وسيلي ڪندي، امان سنڌي نُور اسان جي سنڌياڻيون ڀينرون انٽر نيٽ جي حوالي سان انتهائي گهٽ فعال آهن اسان جي سنڌ سلامت تي به ڪافي ساريون ڀينرون ميمبر آهن ته سهي پر انهن جون لکڻيون نه هُئڻ برابر آهن ، جيتري قدر ڌِي مونکي خبر آهي ته توهان کي سنڌي ڪمپوزنگ جي مناسب ڄاڻ آهي، جيڪڏهن توهان سنڌ سلامت تي هڪڙي سنڌي ڀيڻ جي حيثيت سان فعال ٿينديون ته يقينن منهنجي سنڌ جون ٻيون نياڻيون به توهان جي ديکا ديکي ۾ ضرور سنڌ سلامت جي ڀائرن سان گڏجي هن سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ لا اڳتي اينديون ، ڌِي نُور توهان جي هتي اچڻ تي اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي انتهائي خوش ٿيا آهيون توهان جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪندي توهان کي ڀليڪار ٿا چئون شال سنڌ جون سڀ نياڻيون ٻاڳهل ، بختاور ٿي جيجل سنڌ جي سينڌ کي سائو رکن۔ مونکي يقين آهي ته ڀيڻ سنڌي نُور ٻين سنڌي نياڻين کي اسان جي هن سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي باري ۾ ضرور ۾ ضرور آگاهه ڪندي۔ شال جيجل سنڌ جي هي نياڻي سنڌي نُور سدائين سنڌ جيجل کي پنهنجي نالي نُور جيان روشنين سان منور ڪندي رهي آمين۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ۔
     
  6. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادا سليمان وساڻ توهان جا ٿورا جو مونکي ايتروٌٌٌ مانٌٌ ڏنو۔
     
  7. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    سڀني ڀائرن جي مهرباني
    ادا رمضان، رياض حسين، ادا سليمان وساڻ ۽ سائين نثار ناز جن جا لک ٿورا منهنجي حوصلا افزائي ڪرڻ جا۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي نور کي اڱڻ تي ڀليڪار۔
     
  9. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي سنڌي نور کي سنڌ سلامت جي محبت ڀريل فورم تي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار ٿا چئون۔
    توهان جون ڳالهون پڙهي ڪري تمام خوشي ٿي جو توهان هڪ بهتر سوچ جي مالڪ آهيو۔ اميد آهي توهان پنهنجي علم سان اسان کي ڪجھ نوازيندا۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي سنڌي نور صاحب ۔اسلام عليڪم توهان جي تعارف واري ليک مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان زندگي کي هر مرحلي تي چلينج ڪري ان تي فتح حاصل ڪنديون آهيو۔ادا نثار ناز صاحب اڳ ۾ ئي توهان جي خوبين ۽ احساسن جي باري ۾ پنهنجا ويچار ڏنا آهن۔ادا سليمان جن به توهان جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ۽ توهان جي محنتن کي ساهرايو آهي۔توهان جي ڪجه شاعري جيڪا اسان کي پڙهڻ جو موقعو مليو آهي ان مان اوهان جي ميچوريٽي جو احساس ٿئي ٿو۔ادي توهان جو هن فورم تي ميمبر ٿيڻ سان اسان کي يقين آهي ته هن محبتي ا ڳڻ تي هڪ سٺي ۽ باصليت ميمبر جو اضعافو ٿيندو۔هن فورم کي پنهنجي ليکن ۽ شاعري سان سجائيندا رهجو۔توهان کي اسان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔
     
  11. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    وعليڪم اسلام
    ادي سنڌ سلامت جي بهترين اگڻ تي خوش آمديد
     
  12. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    وعليڪم اسلام
    ادي سنڌ سلامت جي بهترين اگڻ تي خوش آمديد
     
  13. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادا طاهرسنڌي، ادا عبدالرحيم ۽ ادا غلام مصطفي ميمڻ ٿورا جون توهان هن فورم ۾ منهنجي آجيان ڪئي۔
    هڪ پتڪڙو عرض منهنجي انهن ڀائرن کي جيڪي هن سنڌ سلامت فورم کي اوطاق جو نالو ڏئي اسان ٍجهڙين ڀيئنرن کي ڄڻ ته ڪو غلط پيا چئو، منهنجي ڳالھ چوڻ جو مقصد صرف ايترو ته جيئن هيئر ادا مصطفي مٿي لکيو آهي ته ادي هن اوطاق ۾ هڪ ميمبر جو اضافو آهي، ادا هٿ ٻڌي ڀيڻ جي نماڻي گذارش ته ڇا ڀيئنرون اوطاق ۾ سٺيون لڳنديون آهن هن سنڌ سلامت جي ڀلاري ۽ پاڪيزه فورم کي اهڙو نالو نه ڏيو ته بهتر ٿيندو يا وري هتي مائن ۽ ڀيئنرن جو اچڻ بند ڪيو وڃي، مون اها گذارش سائين نثار ناز کي به ڪئي هئي، ڇو ته پهرين ئي ڏينهن مونکي آجيان ۾ اوطاق جي لفظ ڏنڀي وڌو هو، وڌيڪ توهان ڀائر مرضي جا مالڪ آهيو۔
     
  14. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي سنڌي نور کي سنڌ سلامت جي محبت ڀريل فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    فيس بڪ جهڙي سوشل نيٽ ورڪ تي سنڌي نور جو نالو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي جيڪا هر وقت پهنجي قلم جي ذريعي ڪڏنهن پهنجي جذبن جي ته ڪڏنهن هن معاشري جي ۽ ڪڏنهن اسان جي زندگي ۾ اچڻ وارن طوفانن سان گڏوگڏ پهنجي ڌرتي جي سونهن کي سهڻي نموني بيان ڪرڻ ڪوشان رهندي آهي سنڌي نور جيڪا هميشه سچ چوڻ جي عادي آهي ۽ جيڪا ڳاله دل ۾ سا زبان تي ان جي اها خوبي تمام سٺي لڳندي آهي سنڌي نور کي هتي ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان هتي اسان جي هن ساٿ ۾ اسان سان گڏ شامل ٿيا اميد ته اوهان پهنجون لکڻيون سنڌ سالامت جي ميمبرن سان به ضرور شيئر ڪندا ۽ پهنجي فڪري صلاحتيون استعمال ڪندي سنڌ سلامت فورم کي اڃا به خوبصورت بنائڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا اسان جو دعائون اوهان سان گڏ آهين محرم الحرام جي مصروفيتن جي ڪري اوهان کي ڀليڪار چوڻ ۾ دير ٿي وئي ان ڪري ايڊوانس ۾ ئي ڪن پڪڙي سوري چئي ڇڏي آهي اميد ته معافي ملي ويندي هههههههه سو هاڻِ اوهان کي اسان طرفان سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي ڀلي ڪار ۽ ويلڪم
     
  16. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    مهرباني توهان سڀني جي جن مونکي هن فورم ۾ ڀليڪار ڪيو۔
     
  17. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادي ڀيڻ توهان کي سنڌ سلامت تي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي اميد ته اڳتي هلي توهان پنهنجو ڪاوشون ۽ لکڻيون هن سنڌي فروم تي سڀني سامھون پيش ڪندا، مهرباني ڀيڻ
    توهان جو ڀاعرفان ديشي
     
  18. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ڀليڪار ادي کي سنڌ سلامت فورم تي اچڻ تي
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    السلام عليڪم۔ سنڌ سلامت جي محبتن ۽ چاهتن ڀريي اڱڻ تي خوش آمديد۔ توهان جو سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري سان ڪيترو چاهه آهي انهي ڳاله جي خبر اسان جي سنڌ سلامت جي ساٿين جي ڀليڪار مان پئجي وئي۔ اميد ته توهان پنهنجي لکڻين سان هن اڱڻ کي روشن ڪري ڇڏيندا۔
     
  20. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: اسلام عليڪم : سنڌ سلامت جا ساٿيو

    ادا عرفان ديشي، ڀاء فاروق سومرو ۽ عبدالوهاب سڀني ڀائرن جي مهرباني ٿورا جو منهنجي آجيان هن پاڪ فورم ۾ ڪئي، مان سندن ٿوراتي آهيان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو