اڙي عشق ۔

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    اڙي عشق

    شاعر-عباس مگسي


    اڙي عشق گھڻائي عاشق رُلائي تو ڇڏيا
    نماڻا تھ ڇا پر نواب وڏا نچائي تو ڇڏيا

    واھڻ وستي تھ ڪجھ بھ ناھن تو اڳيان
    ميلن وارا شھروڏا وڏا مٽائي تو ڇڏيا

    ويا پڙھڻ ولايت ڪونڌر ڪيئي ڪشالا ڪندي
    پڙھيا گھڻوئي پر سبق وڏا پڙھائي تو ڇڏيا

    سورن ۾ پيا سوچن ۽ سڏڪن سياڻا سڀيئي
    ڏيئي دلاسا چاھ جا چريا وڏا بڻائي تو ڇڏيا

    ھيڻو آ حال ھوڏن ۾ ھن عاشق ”عباس” جو
    ٿورو رحم تھ ڪر ڏونگر وڏا ڏڪائي تو ڇڏيا​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو