تنهن عشق کي شاباس(ايڪتا جو سڏ ٿيو سڀئي سنڌي ڀٽ شاهه جي نگري ۾ گڏٿيو)زيب نظاماڻي

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي۔
    هڪ هفتو پهرين ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ۾ حيدرآباد شهر ۾ هڪڙي ايڪتا ريلي ۾ محترما زيب نظاماڻي صاحبه سان ملاقات ٿِي، اتي هي مضمون ”تنهن عشق کي شاباس“ جيڪو محترما زيب نظاماڻي صاحبه شايد صرف سنڌ جي وڏي اخبار ”ڪاوش“ لا تحرير ڪيو هو، مون جڏهن اهو مضمون پڙهيو ته کيس گُذارش ڪئي ته سانئڻ مونکي انهي مضمون جي فوٽو ڪاپي ڏيو ته آئون به سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي فورم سنڌ سلامت تي شايع ڪري ڇڏيندس، پاڻ سوچيندي رهي مون اهو مضمون ساٿ ۾ ئي فوٽو اسٽيٽ جي دوڪان تان فوٽو اسٽيٽ ڪاپي ڪرائي اوريجنل ڪاپي پنجن منٽن ۾ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي حوالي ڪري ڇڏي، گوناگون مصروفيتن سبب مان انهي مضمون کي وقت سر ڪمپوز نه ڪري سگهيس، يا کڻي ائين چئجي ته مونکي وسري ويو ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جو ڪو مضمون مونکي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻو آهي، اربع 30 نومبر 2011 شام جو حسب معمول لائبريري ويس ته اتي اخبار ڪاوش پڙهڻ شروع ڪيم ، منهنجو هميشهه اهو اصول رهيو آهي ته ڪاوش اخبار پڙهڻ جي شروعات آئون ڪاوش اخبار جي هائيڊ پارڪ کان شروع ڪندو آهيان سو اربع 30 نومبر 2011 ع جي هائيڊ پارڪ ۾ لکيل خطن کي پڙهندو پڙهندو جڏهن هيٺ نهاريم ته هيڊنگ ۾ مونکي محترما زيب نظاماڻي صاحبه جو مضمون تنهن عشق کي شاباس هيڊنگ ۾ نظر آيو، اڙي مونکي ياد اچي ويو ته محترما زيب کان اهو ساڳوڻو مضمون مون سنڌ سلامت لا ورتو هو، پنهنجي پاڻ کي بروڀلو چيم ته ڪاش اهو مضمون آئون سنڌ سلامت جي سنڌياڻي سيڪشن ۾ ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پهرين ڪمپوز ڪري اپ لوڊ ڪريان ها۔ خير اڄ ڪجهه واندڪائي ملي آهي آئون ساڳيو مضمون ڪمپوز ڪري محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي ٿورن سان ۽ هاڻي ڪاوش اخبار جي ٿورن سان توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔ اميد ته پسند ايندو[/JUSTIFY]
    نثاراحمدناز ​

    [​IMG]
    [JUSTIFY]جڏهن قرطاجيه تي رومين حملو ڪيو هو ، ۽ قرطاجيه جي قلعي کي گهڻو وقت محاصرو ڪرڻ سبب قلعي واسين وٽ جتي کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي هُئي. اتي جنگي سازو سامان ، هٿيار به ختم ٿي ويا هُئا ۽ هڪ يقني شڪست قرطاجيه جي مقدر ۾ نظر اچي رهي هُئي پر قومي جذبي ۽ جدوجهد سان انهن کي ان تقدير جي تحرير کي به تبديل ڪري ڏيکاريو، ماڻهن پنهنجي گهر ڊاهي ان مان لوهه ڪڍي لوهارن کي ڏنو ، جن ان لوهه مان تير، تلوارون، نيزا ۽ ڀالا تيار ڪيا، جڏهن ته منجنيقن لاءِ رسا ٺاهڻ لاءِ ان شهر جي نوجوان نياڻين پنهنجا خوبصورت وار ڪٽي ڏنا! ان ريت ان قوم حُسن ۽ سڪون کي قربانگاهه ۾ آندو ۽ اها قيمت اداڪري پنهنجي آزاديءَ جو دفاعُ ڪيو، اُتي جِي عوام ڄاتو ٿي ته گهر وري به ٺهي پوندا ، وار وري به پيدا ٿي ويندا، پر جي مُلڪ غلام ٿيو ته ان جي آزادي تڪڙي ممڪن بڻجي نه سگهندي، اهو هو حُب الوطنيءَ جو جذبو.......! حُب الوطني سر زمين جي ٽڪري سان پيار جو نالو ئي نه آهي، اهو هڪ جامع اصطلاح آهي ، قوم وطن جي تصور کانسواءِ اڻپُورِي آهي ۽ قوم جي بين الاقوامِي طور مڃي ويندڙ وصف اها آهي ته ” ماڻهن جو اهڙو گروهه جنهن جي پنهنجي ڌرتي، تهذيب، ثقافت ۽ تاريخي ورثو ساڳيو هُجي، اجتماعي نفسيات ساڳي هُجي، ۽ گڏجِي رهڻ جو جذبو هُجي“.
    ان گڏجي رهڻ واري جذبي جي اظهار جو نالو ئي ايڪتا آهي. اهو ايڪتا جو اظهار سنڌ جهڙي نموني 20 نومبر2011 تي ڪيو، اهو هڪ منفرد مثال آهي، هاڻي وري سنڌ ۾ تبديلي جي خواهش کڻي ڀٽ شاهه تي وچن جو ڏينهن به ايندڙ سال جنوري2012 ۾ پيو اچي. ان قومي ميڙاڪي لاءِ ڀٽائِيءَ جي نگري جو انتخاب ڪرڻ جو مطلب ان قومي جاکوڙ جو مرڪز ۽ محور به ڀٽائِيءَ کي بنائڻ آهي. ڀٽائِي اسان جي محبت، عقيدت، سنڌ دوستي، ثقافت جي تحفظ جاکوڙ جو سرواڻ ۽ سنڌ جي سڪار ۽ عالمي امن جو داعي آهي. لطيف جو رسالو انهن سمورن تصورن جو ڀنڊار آهي، جنهن لاءِ راشد چيو آهي ته:[/JUSTIFY]


    سنڌيءَ ۾ ڪو مضمون مقالو نه هُجي ها،
    ڪو لوڪ گيت، بيت ، جمالو نه هُجي ها،
    ڪو نظم ، نثر قوم کي زنده نه رکي ها،
    راشد ! جي ڀٽائِيءَ جو رسالو نه هُجي ها...!​


    [JUSTIFY]سنڌيءَ ۾ لکيل ان منظوم ” صحيفي“ جي صاحب ڀٽائِيءَ جي آڳنڌ ۽ آسڻ تي ڪروڙين سنڌين کي گڏ ٿي سلامي ٿيڻو آهي. ” ڪوڙين ڪن سلام اچيو اَڳهه ان جي“ واري سِٽَ جي عملي اظهار ۽ ساڀيان جو ڏينهن ايندڙ سال جنوريءَ ۾ پيو اچي، لطيف پاڻ تبديليءَ واري جاکوڙ جو سرواڻ رهيو آهي سندس دور تبديلي لا جاکوڙ جو دور رهيوآهي. بيدارِيءَ جو سڏ لطيف وٽ ملي ٿو، بغاوت جي ترغيب به لطيف وٽ ملي ٿِي، آڻ نه مڃڻ وارو واڪو به ”هڻ ڀالا ، وڙهه ڀاڪرين، آڏِي ڍال مَ ڍارَ“ جي صُورت ۾ لطيف وٽ ملي ٿو، ٻولِيءَ جي تحفظ جو سڏ به لطيف وٽ ملي ، هُو ان جي آڏو حفاظت جو بند به ٻڌي ٿو ، فارسِي پڙهندڙن ۽ سکندڙن کي گولو ۽ غلام سڏي ٿو، ، وسيلن جي چوري ۽ استحصالي قوتن جي قابض ٿيڻ خلاف جاڳرتا جو سڏ به لطيف وٽ” ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچِي چور چڙهيا“ جِي سٽ جي صورت ۾ ملي ٿو، اهي اهو تبديليءَ جو دور هو ، جڏهن رقاصه راڻي بڻي ۽ پوءِ ”گُلان“ مان گُل ٿيو ۽ ان ”شاهه جي غلام“ تبديليءَ جي سلي جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ڀٽ ڌڻيءَ جي اڱڻ تي تي جنوريءَ2012 ۾ ميڙاڪي جو جيڪو سڏ ڏنو ويو آهي،. ان جو سبب به اهو آهي ته لطيف سمورن تبديلي پسندن جو روحاني سرواڻ ۽ تبديلي پسندن جو روحاني سرواڻ ۽ اُتساهه جو محور آهي. اُن ئي تبديليءَ جي محرڪ لطيف جي اڱڻ تي ميڙاڪي جو سڏ تبديليءَ جي ”امين“ جي اڱڻ تي سنڌ جي سياسي ڪلچر کي بدلائڻ جو سڏ هڪ سوڀارِي وک ثابت ٿيندو. ڪنهن سينواريل سماج ۾ تبديلي آڻن ته تمام وڏي حاصلات آهي پر تبديليءَ لاءِ ماڻهن جا ذهن تيار ڪرڻ به ڪا گهٽ حاصلات ناهي ۽ اهڙو ڪريڊٽ يقينن ڪاوش ، شام ، ڪشش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ جيڪو هاڻي سنڌ جي حقيقي سرواڻ طور سُڃاپندڙ محترم علي قاضيءَ کي ئي وڃي ٿو جيڪو ڀٽ ڌڻِيءَ جي اڱڻ تي محبتي ميڙڻ ٿو چاهي، سنڌ جِي اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، ۽ لطيف وٽ ان اڌ آبادِيءَ جي هر عمل ۾ شموليت جي اهيمت ايتري آهي جو اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ جابجا مخاطب ئي عورتن کي آهي،”اديون عبداللطيف چئي“ يا جيڪڏهن ڀٽائِي جي شاعريءَ مان ان ستن سُورمين( سسئي ، سُهڻِي، سورٺ، مومل، مارئي، ليلان ۽ نُوري) کي ڪڍي ڇڏجي، ته باقي ڇا ٿو وڃي بچي، ان لطيف جي اڱڻ تي ميڙاڪي جي سڏ کي عورتن کي به ايتري ئي اهميت ڏيڻ گهرجي، جيتري اهميت کين ڀٽائيءَ پنهنجي شاعري ۾ ڏني، اڃان ته سنڌ جي نياڻين تي قرطاجيه جهڙي آزمائش ناهي آئي پر مونکي ويساهه آهي ته سنڌ جي عورت جيڪا هن سسٽم۾خاص طور تي ڀوتارڪي سسٽم جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ مظلوم آهي. تبديلي جو سڏ اها وڌيڪ ورنائيندي. تبديلي جو سڏ سنڌ جي نجات جو سڏ آهي، سنڌ جي نياڻين جي نجات جو سڏ آهي. آئون وچن ٿِي ڪريان ته ڀٽ ڌڻيءَ جي اڱڻ تي ان ميڙاڪي ۾ آئون به شامل هونديس، ۽ سنڌ جي نياڻين کان به اها ئي اميد ٿي ڪريا ن ته اهي وڌ ۾وڌ ان ميڙاڪي ۾ شامل ٿين آئون اڄوڪي پنهنجي هن تحرير کي ڀٽائيءَ جي هنن سٽن تي ختم ڪنديس :[/JUSTIFY]

    ڪنور پاڙو ن پاتار ۾ ڀنور ڀري آڪاس،
    ٻنهي سندي ڳالهڙِي، رازق آندي راس،
    تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا​


    [​IMG]
    هن مضمون جي ليکڪه سنڌ مشهور شاعره زيب نظاماڻي سنڌي ادبي سنگت کان مليل ايوارڊ 2011 ع مشهور ليکڪ زيب سنڌي کان حاصل ڪري رهي آهي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو