ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]ميمو اسڪينڊل هن وقت ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ ڪنهن کي ٻڌڻ کانسواء سپريم ڪورٽ پاران حسين حقانيء کي سزا ٻڌائڻ پٺيان ڪهڙي انصاف جي تقاضا آهي۔ انصاف ته اهو هوندو آهي جنهن ۾ ملزم کي صفائيء جو پورو حق هجي۔ هاڻي ته عاصمه جهانگير به ميدان ۾ لٿي آهي ته هوء صرف چئن هزارن جي فيس تي حسين حقانيء جو هي ڪيس لڙندي جنهن ڪيس جي پوئواري ڪرڻ کان هن انڪار ڪيو هو۔

    تجزيه نگارن جون ڳالهيون پنهنجي جاء تي پر هن ميمو اسڪينڊل لاء نواز شريف جو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ اصل ۾ سندس ڀاء شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ آهي۔ سپريم ڪورٽ جي هڪ فل بينچ کي خميس ڏينهن ميان شهباز شريف جي خلاف انهيءَ آئيني ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ سندس اسيمبلي جي ٻٽي ميمبر شپ کي چيلينج ڪيو ويو آهي پر بينچ جي ٽنهي ججن جسس شاڪر الله جان، جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس اعجاز احمد چوڌري کي ان لارجر بينچ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن نواز شريف ۽ سندس جماعت جي اڳواڻن جي انهن آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي آمريڪي فوجي قيادت سان ساز باز جي باري ۾ تحقيقات جو مطالبو ڪيو ويو آهي، لارجر بينچ جي ڊگهي ٻڌڻي سبب ذڪر ڪيل جج شهباز شريف خلاف ڪيس ٻڌي نه سگهيا۔ هاڻي ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا شهباز شريف عدليه کان مٿانهون آهي ؟؟

    شهباز شريف جي حڪومت خبر ناهي ڪيستائين اسٽي آرڊر تي هلندي ۽ سندس ۽ نواز شريف خلاف قائم ڪيل ڪيسن جي المارين جون چاٻيون ڪڏهن کلنديون ؟ اتي هڪ اهم سوال پاڪستان جي ان ڪرپشن ڪيس جو به اٿي جو جنهن ۾ آء ايس آء پ پ پ جي مقابلي ۾ سياسي اڳواڻن ۾ پيسا ورهايا هئا۔ اصغر خان جو داخل ڪيل اهو ڪيس ڪيترن سالن کان التوا جو شڪار آهي ۽ شايد ئي سندس زندگيء ۾ اهن ڪيس جو ڪو نتيجو اچي سگهي۔

    سوال ته اهي به اٿن ٿا ته پاارلياماني ڪميٽين جامزا ماڻيندڙ، صوبائي حڪومت جا مزا ماڻيندڙ، پي اي سي جي چيئرمينشپ جا مزا ماننيدڙ، مفت ۾ ٻاران علاج ڪرائي مزا مانيندڙ نواز ليگ ڪيئن ساڳي ئي پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ٿي ڪوٺي جنهن ۾ ويٺا هو مزا ماڻين ؟ اصل ۾ هي سڀ ڪجهه پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي سبوتاز ڪرڻ جون تياريون آهن۔

    اسان جي مشهور آزاد عدليه ۽ آزاد ڪرايل جج خبر ناهي ڪڏهن انهن التوا ۾ پيل ڪيسن ڏانهن ڌيان ڏئي انصاف جي برابري ڪري سگهندا ؟
    [/JUSTIFY]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    پي پي پي حڪومت پنهنجا عيب ڇپائڻ چاهي ٿي ، ميمو جي ڪري ملڪ جي جيڪا بدنامي ٿي اها ڪا گهت آهي ۔ پي پي پي وارن وٽ قابليت جي ڪمي آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    سڀني کي خبر آهي ته آمريڪا جو پٺو ڪير رهيو آهي۔ هي حالتون ڇو ٿيون آهن ۔۔۔۔۔ ملڪ جي نيڪ ناميء جي اوهان کي تمام گهڻي لڳل آهي ، اوهان کي ملڪ جي واڳيل فوج ۽ پنجاب وارن به ته بوسڪيء جا پٽڪا پارايا آهن !!!!
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    جڏهن پنهنجو سنڌي صدر آيو ته سوچو هيو سين ته من ڪجهه سنڌ لاء ڀلو ڪري پر لالو جي پوري فيملي هڪ آهي هن وقت به سنڌ جي حالت ٻين صوبن کان خراب ترين آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي آمريڪا جا پٺو ته سڀ آهن ء جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي ته ٻڌڻو پوي ٿو تمهارا سنڌي بيٺا آهي نه بدنام ته آهي پوء سنڌ لاء ڪجهه ڇو نٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ ڇو نٿو تيل ء گئس جي رائلٽي وٺي ڏئي ڇو جو هن ۾ ايتر همٿ ء قابليت ئي نه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ۾ هن وقت به مهاجرن شهرن ۾ پنهنجي 60 ء ٻهراڙيء ۾ 40 ڪوٽا ورتي آهن هنن پي پي وارن کان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء هو ان تي زبردستي عمل به ڪرائين ٿا ء سنڌي ويچارا لڳا پيا آهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    اڙي يار عرس سنڌي ويچارا ناهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر افسوس جو سنڌي وڪاميل آهن ۽ افسوس ته هو تمام ٿوري اگهه تي وڪامجن ٿا ؟ پوء اهو ڪير به هجي۔ اسان وٽ نالي ڳڻائڻ جيترا به اهڙا ماڻهو ناهن جن تي اسان ناز ڪري سگهون۔ سنڌي هر دور ۾ وڪاميا آهن پوء اها، پ پ پ هجي، ارباب جو دور هجي، ڄام صادق جو دور هجي۔

    پر منهنجي مٿي موڪليل موضوع جو مقصد ڪو ٻيو هو جيڪو شايد اسان سمجهڻ جي ڪوشش به نه ڪيون۔ اهي اسان ئي هئاسين جيڪي لاهور تائين ويا هئاسين ته چيف جسٽس جي بحالي ٿئي ؟؟ اسان امداد اعواڻ جيڪا وڪيل ان تحريڪ ۾ وڃايا پر انصاف ڪٿي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صدر يا پ پ پ گورنمنٽ کڻي قابل نه به هجي پر ان جو مقصد اهو ته ڪڏهن به ناهي ته انصاف ۾ برابري نه ڪجي۔ منهنجو موضوع ان تي هيو ته نواز شريف جو ڪورٽ ۾ وڃڻ پويان ڪهڙا محرڪات آهن۔

    پر اسان جي سوچ شايد ڀت ٽپڻ جي قابل به نه رهي آهي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    سڀئي هڪ جڳ جا گلاس آهن۔۔۔۔
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ

    ڳالهه هي آهي ته پنهنجن جو سور وڌيڪ ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو