ميمو اسڪينڊل نه پر شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ لاء نواز شريف جو ميدان ۾ لهڻ
محمد سليمان وساڻ
ميمو اسڪينڊل هن وقت ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ ڪنهن کي ٻڌڻ کانسواء سپريم ڪورٽ پاران حسين حقانيء کي سزا ٻڌائڻ پٺيان ڪهڙي انصاف جي تقاضا آهي۔ انصاف ته اهو هوندو آهي جنهن ۾ ملزم کي صفائيء جو پورو حق هجي۔ هاڻي ته عاصمه جهانگير به ميدان ۾ لٿي آهي ته هوء صرف چئن هزارن جي فيس تي حسين حقانيء جو هي ڪيس لڙندي جنهن ڪيس جي پوئواري ڪرڻ کان هن انڪار ڪيو هو۔
تجزيه نگارن جون ڳالهيون پنهنجي جاء تي پر هن ميمو اسڪينڊل لاء نواز شريف جو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ اصل ۾ سندس ڀاء شهباز شريف جي حڪومت بچائڻ آهي۔ سپريم ڪورٽ جي هڪ فل بينچ کي خميس ڏينهن ميان شهباز شريف جي خلاف انهيءَ آئيني ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ سندس اسيمبلي جي ٻٽي ميمبر شپ کي چيلينج ڪيو ويو آهي پر بينچ جي ٽنهي ججن جسس شاڪر الله جان، جسٽس جواد ايس خواجه ۽ جسٽس اعجاز احمد چوڌري کي ان لارجر بينچ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن نواز شريف ۽ سندس جماعت جي اڳواڻن جي انهن آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي سفير حسين حقاني جي آمريڪي فوجي قيادت سان ساز باز جي باري ۾ تحقيقات جو مطالبو ڪيو ويو آهي، لارجر بينچ جي ڊگهي ٻڌڻي سبب ذڪر ڪيل جج شهباز شريف خلاف ڪيس ٻڌي نه سگهيا۔ هاڻي ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا شهباز شريف عدليه کان مٿانهون آهي ؟؟
شهباز شريف جي حڪومت خبر ناهي ڪيستائين اسٽي آرڊر تي هلندي ۽ سندس ۽ نواز شريف خلاف قائم ڪيل ڪيسن جي المارين جون چاٻيون ڪڏهن کلنديون ؟ اتي هڪ اهم سوال پاڪستان جي ان ڪرپشن ڪيس جو به اٿي جو جنهن ۾ آء ايس آء پ پ پ جي مقابلي ۾ سياسي اڳواڻن ۾ پيسا ورهايا هئا۔ اصغر خان جو داخل ڪيل اهو ڪيس ڪيترن سالن کان التوا جو شڪار آهي ۽ شايد ئي سندس زندگيء ۾ اهن ڪيس جو ڪو نتيجو اچي سگهي۔
سوال ته اهي به اٿن ٿا ته پاارلياماني ڪميٽين جامزا ماڻيندڙ، صوبائي حڪومت جا مزا ماڻيندڙ، پي اي سي جي چيئرمينشپ جا مزا ماننيدڙ، مفت ۾ ٻاران علاج ڪرائي مزا مانيندڙ نواز ليگ ڪيئن ساڳي ئي پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ٿي ڪوٺي جنهن ۾ ويٺا هو مزا ماڻين ؟ اصل ۾ هي سڀ ڪجهه پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي سبوتاز ڪرڻ جون تياريون آهن۔
اسان جي مشهور آزاد عدليه ۽ آزاد ڪرايل جج خبر ناهي ڪڏهن انهن التوا ۾ پيل ڪيسن ڏانهن ڌيان ڏئي انصاف جي برابري ڪري سگهندا ؟