دوستي ۽ قرباني۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ هاري کي ڪجهه ٻڪريون ۽ هڪ گهوڙو هو۔۔۔ هُو هر وقت انهن جي کائڻ پيئڻ جو خيال رکندو هو۔۔۔ گهوڙي ۽ ٻڪر جي پاڻ ۾ دوستي ڪجهه سوائي ٿي لڳي جو هو هروقت گڏ گڏ هوندا هئا۔۔۔
    سڀ ڪجهه ٺيڪ هو پر هڪ ڏينهن گهوڙو بيمار ٿي پيو۔۔۔ شهر کان پري هجڻ ڪري هاري کي جانورن جو ڊاڪٽر پنهنجي فارم تي ئي گهرائڻو پيو۔۔۔
    ڊاڪٽر چڪاس کان پوءِ هاري کي ٻڌايو ته گهوڙي کي هڪ وائرس ورتو آهي۔۔ ان کي ٽي ڏينهن مسلسل دوا ڏيئڻي پوندي ۔۔۔ پر جي ٽن ڏينهن ۾ هي ٺيڪ نه ٿيو ته گهوڙي ماري دفن ڪرڻ پوندو جو متان اهو وائرس ٻين جانورن کي به لڳي۔۔۔
    گهوڙي جو دوست ٻڪر اها سموري وارتا ٻڌي رهيو هيو۔۔۔ هن کي گهوڙي جي بيماري جو ٻڌي افسوس ٿيڻ لڳو۔۔ هُو گهوڙي ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين۔۔ ”همت ڪر دوست ۔۔۔! ائين نه ٿئي جو ٻين کي بچائڻ لاءِ توکي ماريو وڃي۔۔۔“
    ٻئي ڏينهن وري ڊاڪٽر آيو ۽ گهوڙي کي دوا پياري واپس ورنيو۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ٻڪر گهوڙي وٽ آيو ۽ چيائين۔۔۔” دوست۔۔۔ ڪوشش ڪر۔۔۔ اٿ ڪوشش ڪر۔۔۔ ائين نه ٿئي ته تون ماريو وڃين۔۔۔!“
    ٽئين ڏينهن ڊاڪٽر وري آيو ۽ گهوڙي جو معائنو ڪيو۔۔۔ هن گهوڙي کي چڱي طرح چڪاسيو ۽ هاري کي چيو۔۔۔ ”مون کي نه ٿو لڳي ته گهوڙو ٺيڪ ٿي سگهندو۔۔۔ وائرس ڪافي خطرناڪ آهي۔۔۔ سڀاڻي ئي گهوڙي کي ماري دفن ڪرڻو پوندو ۔۔۔ متان اها بيماري ٻئي مال کي لڳي۔۔۔“
    ٻڪر هڪ دفعو ٻيهر گهوڙي وٽ آيو ۽ چيائين۔۔۔ ”اٿ منهنجا دوست۔۔! جي اڄ نه ته ڪڏهن به نه۔۔ ! مان تنهنجي مدد ٿو ڪريان۔۔۔ همت ڪر اٿي ڏيکار۔۔۔ جي نه ته تون بچين نه سگهندي ۔۔۔ همت ڪر۔۔ ها بس ٿورو وڌيڪ ۔۔۔ چڱو مونسان گڏ زور لڳاءِ۔۔۔ هڪ۔۔۔ ٻه۔۔۔ ٽي ۔۔۔ ها بس باقي ٿورو ۔۔ باقي ٿور۔۔۔ تمام ڀلو۔۔۔ تمام ڀلو۔۔ پاڻ سنڀالجانءِ۔۔ پاڻ سنڀال ۔۔ وڏا ساهه کڻ۔۔۔۔“
    گهوڙو آهستي آهستي ٻڪر جي همٿائڻ ۽ سهاري سان پاڻ کي مٿي بيهاريو۔۔ ڪجهه وقت ساهه کڻڻ کان پوءِ همت گڏ ڪئي ۽ آهستي آهستي هلڻ لڳو۔۔۔
    ٻئي ڏينهن جڏهن ڊاڪٽر ۽ هاري فارم تي آيا ته گهوڙو ٻڪر سان گڏ ڊوڙي رهيو هيو۔۔۔ اهو ڏسي ڊاڪٽر ۽ هاري حيران ٿي ويا۔۔۔ هاري خوشي ۾ ڊاڪٽر کي چيو۔۔۔
    ”ڊاڪٽر صاحب هي ته ڪرشمو ٿي ويو۔۔۔ گهوڙو ٺيڪ ٿي ويو۔۔۔ ڇو نه ان خوشي ۾ دعوت ٿي وڃي ۔۔۔ توهان ترسو مان هيئنر ئي ٻڪر کي ذبح ٿو ڪري وٺان۔۔۔“
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    دوستو مٿين ڪهاڻي مان پنهنجي ان دوست جي نانء ڪندس جنهن سان تازو سندس آفيس ۾ اهڙو ئي واقعو پيش آيو آهي۔۔۔
    هن جڏهن پنهنجي دوست کي آفيس جا سمورا ڪم سيکاريا ته باس کي سندس جي ضرورت محسوس نه ٿي۔۔ ۽ ان کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو...
    هڪ چوڻي آهي جنهن تي ڪڏهن مون به عمل ناهي ڪيو ته ۔۔۔ ”وقت ۽ حالات کي پنهنجي ڌاري تي هلڻ ڏجي۔۔۔“
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    بهترين شيئرنگ ڏاڍي ڀلي ۽ نصيحت آميز ڪهاڻي آ۔۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    سائين رشيد صاحب ڳالھ ته اوهان جي به ٺيڪ آهي ته وقت ۽ حالات کي پنهنجي ڌاري تي هلڻ ڏجي، پر ڇا ان جو مطلب اهو به ٿئي ٿو ته ڪنهن جي مدد نه ڪرڻ گهرجي؟
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    يار ٻڪرو ته تباه ٿي ويو۔


    بهرحال مثال انهي ڪري ته ٺهي آهي۔ قرباني جو ٻڪرو ٿيڻ۔​
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ بيشڪ ٻڪري ته پنهنجي دوستي نڀائڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي ۽ پنهنجو فرض نڀايو ۔۔۔ باقي هڪ چوڻي آهي ته چـڱائي ڪرڻ وقت ان جي ثمر جي پرواه نه ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    پنهنجن دوستين خاطر ۽ پيارن رشتن خاطر ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجيون جانيون به ڏئي ڇڏيون آهن پر پنهنجي دوستيءَ جي چولي کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو آهي ۔۔۔

    قسمت جون رانديون عجيب هونديون آهن ۔۔۔ هن آکاڻيءَ مان اهو سبق هرگز به نه ڪڍجي ته ڪنهن سان ڀلائي نه ڪجي، بلڪه هن آکاڻيءَ مان اهو سبق ملي ٿو ته چڱائي ڪريو بيشڪ انجو نتيجو ڪهڙو به نڪري ۔۔۔

    لک ٿورا دوست رشيد، هميشه جيئان لاجواب مختصر آکاڻي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    سائين نثار صاحب ڌڻي اوهان کي سلامت رکي بلڪل اوهان صحيح لکيو آهي ته
    چڱائي ڪريو بيشڪ انجو نتيجو ڪهڙو به نڪري
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    سائين نثار صاحب ڌڻي اوهان کي سلامت رکي بلڪل اوهان صحيح لکيو آهي ته
    چڱائي ڪريو بيشڪ انجو نتيجو ڪهڙو به نڪري
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    هههههههههههههههههههههههههههههههههههههه

    يار ان ٻڪر سان ته ٿئي ته ڏاڍي

    پاڻ به ان ڳالهه قصي جو شڪار آهيان

    سداِئين گڏ
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دوستي ۽ قرباني۔۔

    ادا رشيد بھترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو