
هڪ هاري کي ڪجهه ٻڪريون ۽ هڪ گهوڙو هو۔۔۔ هُو هر وقت انهن جي کائڻ پيئڻ جو خيال رکندو هو۔۔۔ گهوڙي ۽ ٻڪر جي پاڻ ۾ دوستي ڪجهه سوائي ٿي لڳي جو هو هروقت گڏ گڏ هوندا هئا۔۔۔
سڀ ڪجهه ٺيڪ هو پر هڪ ڏينهن گهوڙو بيمار ٿي پيو۔۔۔ شهر کان پري هجڻ ڪري هاري کي جانورن جو ڊاڪٽر پنهنجي فارم تي ئي گهرائڻو پيو۔۔۔
ڊاڪٽر چڪاس کان پوءِ هاري کي ٻڌايو ته گهوڙي کي هڪ وائرس ورتو آهي۔۔ ان کي ٽي ڏينهن مسلسل دوا ڏيئڻي پوندي ۔۔۔ پر جي ٽن ڏينهن ۾ هي ٺيڪ نه ٿيو ته گهوڙي ماري دفن ڪرڻ پوندو جو متان اهو وائرس ٻين جانورن کي به لڳي۔۔۔
گهوڙي جو دوست ٻڪر اها سموري وارتا ٻڌي رهيو هيو۔۔۔ هن کي گهوڙي جي بيماري جو ٻڌي افسوس ٿيڻ لڳو۔۔ هُو گهوڙي ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين۔۔ ”همت ڪر دوست ۔۔۔! ائين نه ٿئي جو ٻين کي بچائڻ لاءِ توکي ماريو وڃي۔۔۔“
ٻئي ڏينهن وري ڊاڪٽر آيو ۽ گهوڙي کي دوا پياري واپس ورنيو۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ٻڪر گهوڙي وٽ آيو ۽ چيائين۔۔۔” دوست۔۔۔ ڪوشش ڪر۔۔۔ اٿ ڪوشش ڪر۔۔۔ ائين نه ٿئي ته تون ماريو وڃين۔۔۔!“
ٽئين ڏينهن ڊاڪٽر وري آيو ۽ گهوڙي جو معائنو ڪيو۔۔۔ هن گهوڙي کي چڱي طرح چڪاسيو ۽ هاري کي چيو۔۔۔ ”مون کي نه ٿو لڳي ته گهوڙو ٺيڪ ٿي سگهندو۔۔۔ وائرس ڪافي خطرناڪ آهي۔۔۔ سڀاڻي ئي گهوڙي کي ماري دفن ڪرڻو پوندو ۔۔۔ متان اها بيماري ٻئي مال کي لڳي۔۔۔“
ٻڪر هڪ دفعو ٻيهر گهوڙي وٽ آيو ۽ چيائين۔۔۔ ”اٿ منهنجا دوست۔۔! جي اڄ نه ته ڪڏهن به نه۔۔ ! مان تنهنجي مدد ٿو ڪريان۔۔۔ همت ڪر اٿي ڏيکار۔۔۔ جي نه ته تون بچين نه سگهندي ۔۔۔ همت ڪر۔۔ ها بس ٿورو وڌيڪ ۔۔۔ چڱو مونسان گڏ زور لڳاءِ۔۔۔ هڪ۔۔۔ ٻه۔۔۔ ٽي ۔۔۔ ها بس باقي ٿورو ۔۔ باقي ٿور۔۔۔ تمام ڀلو۔۔۔ تمام ڀلو۔۔ پاڻ سنڀالجانءِ۔۔ پاڻ سنڀال ۔۔ وڏا ساهه کڻ۔۔۔۔“
گهوڙو آهستي آهستي ٻڪر جي همٿائڻ ۽ سهاري سان پاڻ کي مٿي بيهاريو۔۔ ڪجهه وقت ساهه کڻڻ کان پوءِ همت گڏ ڪئي ۽ آهستي آهستي هلڻ لڳو۔۔۔
ٻئي ڏينهن جڏهن ڊاڪٽر ۽ هاري فارم تي آيا ته گهوڙو ٻڪر سان گڏ ڊوڙي رهيو هيو۔۔۔ اهو ڏسي ڊاڪٽر ۽ هاري حيران ٿي ويا۔۔۔ هاري خوشي ۾ ڊاڪٽر کي چيو۔۔۔
”ڊاڪٽر صاحب هي ته ڪرشمو ٿي ويو۔۔۔ گهوڙو ٺيڪ ٿي ويو۔۔۔ ڇو نه ان خوشي ۾ دعوت ٿي وڃي ۔۔۔ توهان ترسو مان هيئنر ئي ٻڪر کي ذبح ٿو ڪري وٺان۔۔۔“