دنيا جي عظيم دانشورن جا قول

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2011۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    چونڊ رسول بخش جوڻيجو


    جنهن ماڻهو وٽ حوصلي جو ڪميت آهي ان لاءِ ڪابه منزل ڏکي ۽ ڏور نٿي ٿي سگهي. ( هونري گاريڊ)

    بلندويون هميشه انهن کي ملنديون آهن جيڪي انهن سان پيار ڪرڻ سان گڏ انهن ڏانهن سفر به ڪندا آهن. (گارليس ڊي)


    آئون طوفانن کان نٿو ڊڄان ۽ نه ئي مون کي کانئن شڪايت آهي، ڇوته انهن ئي مو کي اهو سيکاريو آهي ته ٻيڙا ڪيئن هلائبا آهن. ( لئيسامي ايلڪوٽ)

    تڪليفن کان نه گهٻرايو ، ڇو ته تڪليفون انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪنيديون آهن، سوچڻ سان ماڻهو ڏاهو ٿيندو آهي ۽ ڏاهپ ماڻهو کي جيئڻ جي جي لائق بڻائيندي آهي.
    ( رسول بخش پليجو)

    اچو ته شعور جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي هن سمنڊ جهڙي ان سنسار جي سير لاءِ نڪرون، جتي سمجهه نالي ڪو ٻيٽ چون ٿا، جتي اعلي ظرف ۽ دائمي خوشي جا گل ٽڙن ٿا. ( ٽينو)

    دل گهرئي دوست جي آمد ڊگهي بارش کانپوءِ سج جي خوبصورت تڙڪي جيان هجي ٿي. ( شيڪسپيئر)

    هڪ انسان کي کليل دماغ ضرور هئڻ گهرجي ، پر خالي دماغ نه ( چارلس بڪسٽن)
    ڪنهن ڪم دوران هر صورت ۾ ان جي بهتر نتيجي جي اڳڪٿي ڪرڻ بدران اهو چوڻ گهرجي ته هر ممڪن حد تائين ڪوشش ڪبي (انيتا هل)

    ناڪامين کي لڪائڻ بدران انهن مان سکڻ گهرجي. ( ڪيٿرائين)

    جيڪڏهن توهان پنهنجي اڄ کي سنڀالي نٿا سگهوته سڀاڻ توهان جو ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ پنهنجو اڄ ماڻيو ۽ فتح حاصل ڪريو (ري مدر)

    ماڻهو توهان کي پنهنجو دوست محسوس ڪن ، توهان تي اعتبار ڪن ۽ توهان جي پرپٺ توهان جي حق ۾ ڳالهائين ، ان کان وڏي ٻِي ڪابه فتح نٿي ٿي سگهي ( جان جي گرڪ)

    ماڻهن جي خيال انهن جي عملن مان پرکي سگهجن ٿا. (جان لاڪ)

    عمل کانسواءِ سکڻين خواهشن حوالي ٿي ويل زندگي جو ذائقو کٽي صوف جهڙو هوندو آهي. (ٽام هاپڪنس)

    پنهنجو نظرون جهڪائي نه هلو ، سدائين ڪنڌ کڻي هلو ته جيئن سامهون ايندڙ زندگي جو چهرو صاف ڏسي سگهو.
    (هيلن ڪيلر

    ننڍا منصوبا نه ٺاهيو ، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪابه ڪشش نه هوندي
    آهي ۽ نه ئي اهي ماڻهو جو رت گرمائيندا آهن، وڏاخواب ڏسو،وڏا منصوبا ٺاهيو ۽ پوءِ انهن لاءِ مسلسل محنت ڪيو.
    (ڊينئيل ايڇ)

    اميد جي آجيان ڪجي ، خوف سان مقابلو ڪجي ۽ بدتري جو انديشو رکي ان سان مقابلي لاءِ تياري ڪجي، زندگي سان محبت ڪجي. ( رسول بخش پليجو)

    ٿورائي جي صورت ۾ اسان ڏانهن دشمن ويجهو اچي ٿوته اسين ٽڙي پکڙي وڃون ٿا، دشمن ساهي کائي ٿو ته اسان ان جي ڪمزور حصي تي حملو ڪيون ٿا ۽ آهستي آهستي دشمن جو خاتمو ڪريون ٿا.( مائوزيتنگ)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جي عظيم دانشورن جا قول

    لک قرب، انتهائي جاندار اقوال ونڊ ڪيا اٿوَ

    بيشڪ انساني تجربن مان نڪتل سهڻيون ڳالهيون اسانجون رهنما ٿين ٿيون ۽ انهن جي رهنمائيءَ ۾ اسين ڪاميابيون حاصل ڪريون ٿا ۔۔۔ هر سهڻي شئي حاصل ڪريو ۽ هر بري شئي کان پاسو ڪريو جي چوڻي مطابق اسانکي هن ڪائنات کي سهڻو بڻائڻ لئه اسانکان اڳ گذريل يا موجود ڏاهن انسانن جي تجربن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    هڪ دفعي هڪ جنازو ٿي ويو ته الله جي رسول جي اصحابين ان مئل ماڻهونءَ جي ڪردار جي تعريف ٿي ڪئي ته الله جي رسول چيو ته اهو ماڻهون جنتي آهي ۔۔۔ اصحابن چيو، اوهان ته کيس سڃاڻو به ڪون پوءِ اوهان ڪيئن چيو ته هو جنتي آهي؟، ۔۔۔ پاڻ سڳورن فرمايو ته جنهن ماڻهونءَ جي پويان ٻيا ماڻهون سندس ڪردار جي تعريف ڪن ته اهو ماڻهون جنتي آهي ۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جواب: دنيا جي عظيم دانشورن جا قول

    سائين مهرباني
    ۽ توهان به پاڻ سڳورن جو بهترين قصو لکيو آهي
     
  4. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    تمام بهترين ڳالهيون
     
  5. Illahi Bux Chachar

    Illahi Bux Chachar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2011
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    Kashmore
    جنهن ماڻهو وٽ حوصلي جي ڪميت آهي ان لاءِ ڪابه منزل ڏکي ۽ ڏور نٿي ٿي سگهي
     
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    دوستن کي هن موضوع ۾ بهرو وٺي وڌيڪ ڏاهن جا قول لکڻ گھرجن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو