شام ٿيان ۔

مگسي

سينيئر رڪن
شام ٿيان

شاعر- ميرمگسي

شام کان اڳ جي شام ٿيان
سُري سکي! جي نام ٿيان

ڪاش نوري نماڻي ٿيئين تون
مان بھ تماچي ڄام ٿيان

ڪينجھر پينگھي ھنج ۾ توسان
ابديء جو آرام ٿيان

تنھنجي اکين جي اوٽ ۾ سانئڻ
ساري حياتي سام ٿيان

آءُ تھ اھڙي راند رچايون
تون خاصو مان خام ٿيان

پنھنجو پويتر پيار ڏي ”مير”
سُوري جو الھام ٿيان
 
Back
Top