http://www.filecluster.com/downloads/Vista-Transformation-Pack.html 7 ٽرانسميشن پيڪ ان کان سواء ٻه ٻيون لنڪس سيون مائيزر http://hotfile.com/dl/130266368/6d056bd/SevenMizer_1.2.0.0.exe.html رين ميٽر http://hotfile.com/dl/130265731/3e003f2/Rainmeter-2.1.exe.html
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو اسلام عليڪم۔ تمام بهترين سافٽويئر سنگت سان شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔ ادا فاروق سومرا۔ مٿيون سافٽويئر انسٽال ڪرڻ سان اوهان جي ونڊوز ايڪس پي ونڊوز 7 ۾ ڪانورٽ نه ٿيندي پر انهي ۾ ڪو شڪ ناهي جو توهان ڪي ونڊوز 7 وانگر توهان کي آپشنس ۽ آئڪان ڏسڻ ۾ ايندا۔ انهي پيڪ کي انسٽال ڪرڻ سان توهان جو ڪمپيوٽر تمام آهسته ڪم ڪندو۔ اهو انهي لاءِ ته ٽرانفارميشن پيڪ پاڻ ساگڏ الاهي ننڊا ننڊا سافٽويئر ملائي ڪري ٺاهيو ويندو آهي۔ ۽ اهي سافٽويئر اسان کان کي نظر اچڻ جي بجاءِ سسٽم جي بيڪرائوند ( يعني لڪليل) ۾ هلي رهيا هوندا آهن۔ بهتر ايئن ٿيندو جو غير ضروري سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي بجاءِ توهان ونڊوز 7 ئي پنهنجي سسٽم ۾ انسٽال ڪريو۔
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو محترم سائين ادا جان عالم صاحب السلام واعليڪم پيارا سائين عرض آهي ته توهان جي ونڊ ڏاڍي پياري ۽ تمام بهترين آهي پر هڪ مسئلو اهو آهي جو توهان ٽي لنڪ ڏنا آهن انهن مان هي لنڪ مون http://hotfile.com/dl/130266368/6d05...2.0.0.exe.html ڊائونلوڊ ڪيو منهنجي ونڊوز ايڪس پي بلڪل ونڊوز7 جيان ٿي ويئي تمام بهترين هاڻ هڪ ڳڻتي مونکي کائي پيئ ته جيڪا سنڌي ٻولي منهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال هئي سا برقرار آهي مگر ان جو آئي ڪان گم ٿي ويو آهي سنڌي ويب سائٽن جي علاوه فيسبڪ يا ٻيئن ويب سائٽن تي سنڌي لکڻ مشڪل نه پر ناممڪن ٿي ويو آهي هاڻ ادا عرض آهي ته توهان وٽ هن مسئلي جو ڪو حل هجي ته مهرباني ڪري ٻڌائيندا لک لک ٿورا ٿيندا۔۔۔۔
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو ادا توهان ڪنٽرول پينل ۾ ريجنل لينگويج جي سيشنگ ڏسي ان ۾ توهان جو مسعلو حل ٿي ويندو يا ماجد پرگڙي صاحب جن جي ويب سائيٽ تي سنڌي نويسي جي ڪلڪ ڪري اتي سنڌي ٽائيپ ڪريو ۽ فيس بڪ ۾ پيس ڪريو
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو ادا توهان ڪنٽرول پينل ۾ ريجنل لينگويج جي سيشنگ ڏسي ان ۾ توهان جو مسعلو حل ٿي ويندو يا ماجد پرگڙي صاحب جن جي ويب سائيٽ تي سنڌي نويسي جي ڪلڪ ڪري اتي سنڌي ٽائيپ ڪريو ۽ فيس بڪ ۾ پيس ڪريو
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو دوستو منهنجي رهنمائي ڪندا ته، منهنجي سسٽم ۾ آڊيو ڊرائيور انسٽال ڪرڻ جي باوجود آواز نٿو اچي، مان سمجهان ٿو ته ڪو بائيوس سسٽم ۾ ڪٿي آپشن ڊس ايبل ٿي ويو آهي ان ڪري، جڏهن به نئي ونڊو انسٽال به ڪيان ٿو ته سائونڊ نٿو اچي، ڪهڙي وجه ٿي سگهي ٿي۔
جواب: ونڊوز xp کي ونڊوز 7 ۾ ڪنورٽ ڪريو پر پنهنجي موجوده ڪمپيوٽر جي ڪنفگريشن جي حساب سان پاڻ ايڪس پي سان خوش آهيون۔۔۔