سهڻا سليمان، انتهائي ڳوڙهو ونڊ آهي، سمجهو ڪي سمجهن ... ڪي ماڻهون پنهنجي انا جي لذت ۾ ايترو ته گم ٿي ويندا آهن جو کين ڳولهڻ به مشڪل ٿيو پوي ... هي سنڌ جو فلسفو يا صوفي ازم جو نظريو آهي جنهن ۾ ”پاڻ وڃائي هن کي پائڻ“ جو سبق ڏنل هوندو آهي، جڏهن ته ٻين قومن جو نظريو ڪجهه هيئن آهي ۔۔۔
”خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪي، خدا خود بندي سي پوڇي، بتا تيري رضا ڪيا هي“
”انا“ عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي، ” مان“ ۽ سنڌي فلسفي ۾ محبوب کي پائڻ لئه ” مان“ ختم ڪرڻي هوندي آهي ۔۔۔ جڏهن مان ختم ٿيندي تڏهن ئي محبوب جو وجود نظر ۾ ايندو پر جي ” مان “ موجود هوندي ته محبوب جو وجود پوئتي هليو ويندو آهي ۔۔۔
وڏن ۽ عظيم ماڻهن جون ڳالهيون به وڏيون ۽ عظيم ۔۔۔ سائين امر جليل سنڌي ادب جو عظيم نالو آهي ۔۔۔
سدائين سرها هجن سنڌ جا سڄڻ ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت