انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل جون ڪجهه سٽون اوهان آڏو پيش ڪجن ٿيون:

    انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا. انا جي تسڪين عارضي هوندي آهي. ان عارضي تسڪين تان عظيم ۽ خوبصورت رشتا قربان ڪرڻ وارن ماڻهن جي آجيان سدائين اڪيلائين ڪئي آهي.

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

    سهڻا سليمان، انتهائي ڳوڙهو ونڊ آهي، سمجهو ڪي سمجهن ... ڪي ماڻهون پنهنجي انا جي لذت ۾ ايترو ته گم ٿي ويندا آهن جو کين ڳولهڻ به مشڪل ٿيو پوي ... هي سنڌ جو فلسفو يا صوفي ازم جو نظريو آهي جنهن ۾ ”پاڻ وڃائي هن کي پائڻ“ جو سبق ڏنل هوندو آهي، جڏهن ته ٻين قومن جو نظريو ڪجهه هيئن آهي ۔۔۔
    ”خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪي، خدا خود بندي سي پوڇي، بتا تيري رضا ڪيا هي“

    ”انا“ عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي، ” مان“ ۽ سنڌي فلسفي ۾ محبوب کي پائڻ لئه ” مان“ ختم ڪرڻي هوندي آهي ۔۔۔ جڏهن مان ختم ٿيندي تڏهن ئي محبوب جو وجود نظر ۾ ايندو پر جي ” مان “ موجود هوندي ته محبوب جو وجود پوئتي هليو ويندو آهي ۔۔۔

    وڏن ۽ عظيم ماڻهن جون ڳالهيون به وڏيون ۽ عظيم ۔۔۔ سائين امر جليل سنڌي ادب جو عظيم نالو آهي ۔۔۔

    سدائين سرها هجن سنڌ جا سڄڻ ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

    مهرباني سائين نثار صاحب

    اوهان پنهنجي خوبصورت لفظن ۽ خوبصورت خيالن ذريعي هن ليک کي وڌيڪ جاندار ۽ پُر اثر بڻائي ڇڏيو آهي۔ امر جليل سنڌي نثر جو هڪ وڏو نالو آهي سندس ڊرامن يا ڪهاڻين ۾ چيل ڊائلاگ ۽ جملا سچ ته اسان جي دلين جا ترجمان هوندا آهن۔

    سادا پر وڌيڪ وزنائتا جملا آهن امر جليل صاحب جا۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

    خوبصورت ۽ بهترين لفظ جن مون کي ته ڪافي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ جو اڪيلائي کي پسند ڪندڙ جڏهن سنڌ سلامت جوڙي دوستن جي وچ ۾ آيس ته ساڳي اڪيلائي کان ڊپ ٿيڻ لڳو آهي۔۔۔
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

    خوبصورت ۽ بهترين لفظ، صرف چئن سٽن ۾ ڄڻ ڪو وڏو ڪتاب سمائل آھي۔ تمام بھترين
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انا جي جنگ ۾ هارايل رشتا وري ناهن جڙي سگهندا

    مهرباني ادا رشيد

    سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ تي موجود سنڌي سڄڻ هاڻي اڪيلائيء جو احساس ٿيڻ ڪونه ٿا ڏين۔ امر جليل صاحب جي مٿين سٽن مونکي به سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ منهنجا منتشر خيال وري سميٽجڻ لڳا هئا ۽ ان پل ئي مون هي لفظ سڄي سنگت سان ونڊ ڪيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو