ڪاري رات ڪچو گهڙو

'مقالا' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    استاد محمد رمضان سهتو

    ڪاري رات ڪچو گهڙو

    شاعرن جو سرتاج يا تاج الشعراءُ جي لقب سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليھ کي سڏڻ سندس ذات تي ڪو احسان نه آهي. هن پنهنجي ڏاهپ، عقل، شاعري ۽ صوفياڻين رمزن سان اهو مقام پاڻ حاصل ڪيو آهي ۽ انهن لقبن سان سڏڻ وارن کي قائل ڪيو آهي ته پاڻ بيشڪ دنيا جو مڃيل ۽ شاعرن جو سرتاج آهي، سندس شاعري ۾ انسان ذات لاءِ سچي محبت، پنهنجن سان وفا ۽ قربانيءَ جا مثال يا عشق مجازي ۽ عشق حقيقي جون منزلون ماڻڻ ۽ محبوب جو مشاهدو ڪرڻ ۽ محبوب لاءِ سچي سڪ ۽ کيس ڳولهي لهڻ لاءِ جستجو ڪرڻ ۽ جان جي قرباني ڏيڻ ۽ رندا روڙڻ جي مثالن سان سندس رسالو ڀريل آهي ۽ عشق مجازي ۽ عشق حقيقيءَ جو ڀنڊار آهي. شاهه سائين جي رسالي جي ڪنهن به سُر جو مطالعو ڪندڙ کي هر لفظ ۽ هر مصرعه ۾ پنهنجي حقيقي محبوب الله رب العزت کي ريجهائڻ جو سرتاج هجڻ لاءِ ڪافي شهادتون سنڌي ادبي حلقن ۾ موجود آهن.
    اسڪاٽ لينڊ جي مفڪر ڪار لائل جنهن هڪ سٺي شاعر جي شعري خوبين کي پرکڻ لاءِ ٽي عدد اصول يعني ماپا مقرر ڪيا ۽ انهن ماپن تي يورپ جي شاعرن جهڙوڪ شيڪسپيئر، ملٽن ۽ گوئٽي وغيره جي شاعريءَ سان گڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليھ جي شاعريءَ کي انهن اصولن يا ماپن تي آزمايو، ليڪن سڀني شاعرن مان لطيف کي ئي اهو اعزاز حاصل ٿيو ۽ انهن مقرر اصولن تي سندس ئي شاعري پوري لٿي ۽ کيس سڀني شاعرن جو سرتاج مڃيو ويو. مفڪر ڪار لائل جي مقرر ڪيل اصولن يعني ماپن موجب سٺي شاعر جي شاعريءَ ۾ هي خوبيون هئڻ گهرجن.
    1. سٺي شاعر جي شاعريءَ ۾ سندس ٻولي جا گهڻي ۾ گهڻا لفظ هجڻ گهرجن، جنهن موجب شيڪسپيئر يا ڪنهن ٻئي يورپي شاعر جي شاعري ۾ 8 هزار لفظن کان وڌيڪ لفظ ڪم آندل نه آهن، ليڪن لطيف جي رسالي ۾ 8 هزار لفظن کان وڌيڪ لفظ ڪم آندل آهن، جن جو ڪاٿو ئي ڪونهي، جن جي مشاهدي لاءِ سندس رسالو موجود آهي.
    شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ٻولي استعمال ڪري چڪو هجي، جيڪا سندس جهان ڇڏڻ بعد عوامي ٻوليءَ طور سمجهي ۽ ڳائي وڃي. هن ماپي مطابق لطيف سرڪار جي شعر ۾ ڪم آندل ٻولي اڄ به سنڌي عوام شوق سان ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو ۽ ڳائي ٿو. حالانڪ شاهه سائين 265 سال اڳ جهان مان برقعو مٽي چڪو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ شيڪسپيئر ۽ ٻين يورپي شاعرن جي شعرن جون ٻوليون ان اصل حالت ۾ نه رهيون آهن، جنهن حالت ۾ پاڻ شعر چئي ويا آهن. ڪافي تبديل ٿيل آهن، اتان جي ادبي حلقن عوامي ٻوليءَ جي مٽا سٽا ڪري اصل شاعريءَ جو مفهوم ئي بگاڙي ڇڏيو آهي. ٽيون ماپو آهي ته؛ ڪنهن به شاعر جي شعر مان ڪو به هڪ لفظ ڪڍڻ يا خارج ڪرڻ سان شعر جو مطلب ۽ مفهوم ائين ختم ٿي وڃي جيئن ٺهيل ڪنهن جڳهه جي اڏاوت مان هڪ سِرَ کي ڪڍجي ته جڳهه هيٺ وڃي پوي، مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته يورپي شاعرن جي شعر ۽ مفهوم کي ڪافي تبديل ڪيو ويو آهي، ليڪن شاهه سائين جي رسالي مان ڪنهن به هڪ بيت مان هڪ لفظ ڪڍڻ يا خارج ڪرڻ سان هڪدم ان شعر يا بيت جو مفهوم ختم ٿيو وڃي. مثلن:
    1. الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
    قالو بلا قلب سين، تڏهن تت چيوم.
    (سرمائي)
    2. ايڪ قصر، در لک، ڪوڙئين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    (سرڪلياڻ)
    3. ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهه اونداهي،
    چنڊ نالو ناهه ڪو، درياءَ دڙلائي.
    ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
    اي ڪم الاهي نات ڪُنن ۾ ڪير گهڙي؟
    (سهڻي)
    4. وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄڻ نيلا،
    اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين جيلا،
    جت ڪڙم نه قبيلا، ات رهبر رسج راهه ۾.
    (سسئي آبري)
    5. تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏينءَ پرينءَ کي،
    ڪڏهن ڪا نه سُئيءَ، ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين.
    (حسيني)
    مٿي ڏنل بيت مثال طور لطيف جي چيل سُرن مان ورتل آهن، جن مان اگر مفڪر ڪار لائل جي مقرر ماپي مطابق هڪ اکر ڪڍي ڇڏبو يا خارج ڪري ڇڏبو ته هر بيت جو مفهوم بنهه ختم ٿي ويندو، سائين ڀٽ جي گهوٽ جي شاعريءَ ۾ واقع نگاري ۽ منظر نگاريءَ جو انوکو نمونو پيش ڪيل آهي. جهڙي نموني شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيلي صنفون ڪم آنديون آهن، انهن جو مثال ٻئي ڪنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هر سُر جو لاڙو ۽ مفهوم محبوب حقيقي يا راهه مجازي سمجهجي، اهو سائين جي پارکن ۽ پڙهندڙن تي منحصر آهي. مجازي منزل ماڻڻ لاءِ شاهه جي رسالي ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام حاصل ڪيو آهي، انهن ۾ نوريءَ جي نهٺائي ۽ هيٺانهين مومل جي مجاز، راڻي جي وڇوڙي ۽ رسڻ جو سبب ۽ مومل جي وفا، سهڻيءَ جي ميهار لاءِ بي انتها محبت ۽ سندس ڏنل سر جي قرباني، سسئي جو پنهونءَ جي لاءِ جبل جهاڳڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ، ليلان جو نَوَ لکي هار تي هرکجي، چنيسر سان بيوفائي ڪرڻ، سورٺ جو راءِ ڏياچ جي موت بعد قربانيءَ جو مثال ۽ مارئي جي وطني حُب عمر جي بند ۾ هجڻ هوندي به ملير ڏانهن موٽڻ جي اڪير، ٿر جي کاڌ خوراڪ، ريتن رسمن کي اجاگر ڪرڻ جا ڪردار سمايل آهن، جيڪي سنڌي لوڪ ادب ۾ شامل ڪجن ته وڌاءُ نه ٿيندو. عام طور تي سنڌ کي قلندر، لطيف ۽ سچل جي سرزمين چيو وڃي ٿو. ليڪن سنڌ جي سر زمين الائي ڪيترن ولين ۽ الله لوڪ بندن جو ديس آهي، جنهن ڪيترائي ادب نواز ماڻهو، شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا ۽ دنيا ۾ لطيف جهڙو شاعر منظر عام تي آڻي پوري دنيا ۾ شاعريءَ جي لحاظ کان مٿانهون مقام حاصل ڪيو آهي. ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ ۾ سُڪار لاءِ گهربل دعا سڄي عالم کي آباد رکڻ لاءِ گهربل دعا هن طرح نه ملندي جيئن شاهه صاحب فرمائي آهي ته:
    سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    هيءَ آهي شاهه سائين جي سخاوت ۽ دل جي صاف هجڻ جو ثبوت، جنهن سان پنهنجي وطن سنڌ کي سائو ستابو ۽ سڪار جي حالت ۾ هئڻ ۽ ساري عالم يعني جهان کي آباد رهڻ لاءِ دعاگو آهي.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله ادا ابو زين
    بهترين شيئرنگ آهي توهان جي ۽ مون کي هڪ ٻيو اندازو به ٿئي ويو ته توهان اڄ آفيس ۾ فارغ آهيو:d:d:d
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    بلڪل سائين، اڄ آفس ۾ صفا واندڪائي آهي، عيد ويجهي آهي، جنهن ڪري آفس جو اسٽاف موڪلن جي تيارين ۾ آهي ۽ ڪي وڃي به چڪا آهن.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاري رات ڪچو گهڙو

    دوست ابوزين، معاف ڪجو جو اوهانجي هن سهڻي لطيف جي شان ۾ ونڊ ڪيل مضمون تي ڪافي دير سان نظر پئي ۔۔۔ تمام سهڻو مقالو آهي ۽ لطيف جي فڪري ۽ شاعرانه خوبين تي لکيل اهي ڳالهيون اسانکي ان وقت ڪم آيون هيون جڏهن پاڻ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيا هياسون ۔۔۔

    سهڻي لطيف لئه ايئن چئبو ته اهو سندس ئي ڪلام آهي جنهن سبب اڄ سنڌي ٻولي صدين کان پنهنجو شان ۽ رتبو برقرار رکي سگهي آهي نه ته ممڪن جهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ سان ٻه اکيائي ٿي پئي ته ڪڏوهڪر ختم ٿي وڃي ها ۔۔۔

    رب جا لک شڪر جو هن اسانکي لطيف جهڙو مفڪر مهيا ڪيو ۔۔۔

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو