• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماسترن لاءِ نئون ڏچو۔۔۔۔۔ پر مثبت آهي

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
تعليم کاتي سنڌ ۾ اخبارن، ٽي وي چئنلن ۽ ميڊيا جي ٻين ادارن ۾ اين جي اوز ۽ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ 352 ماسترن ۽ تعليم کاتي جي ٻين ملازمن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي، سينيئر وزير پير مظهرالحق موجب ڊيوٽي ادا نه ڪندڙ انهن استادن کي خارج ڪري سندن جاءِ تي قابل استادن کي ڀرتي ڪيو ويندو، سينيئر وزير سنڌ جي اطلاعات کاتي کي به ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته هو ٻنهي ضلعي انفارميشن آفيسرن کان لسٽ وٺي تعليم کاتي کي فراهم ڪن، جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهڙن عنصرن کي وائکو ڪري سگهجي جيڪي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ بدران ميڊيا جي آڙ ۾ ويهي بليڪ ميلنگ جو رستو اختيار ڪن ٿا، اهي ملازم پيشوراڻه صحافين جي حق جي تلخي ڪن ٿا ۽ ٻئي طرف سرڪاري ڊيوٽين تان غير حاضر رهن ٿا، سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل لسٽ ۾ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ذوالفقار علي سومرو، واحد ڀٽي، ديدار علي، محمد يوسف، خالد قمبو، مور چانڊيو، گل محمد الطاف سهاڳ، ارباب علي شيخ، مختيار علي جوڻيجو، توفيق ابڙو ۽ احسان جوڻيجو. خيرپور ضلعي ۾ نظير احمد، منير حسين، اڪبر ٻانڀڻ، مختيار احمد، علي حسن منگي، محمد ارشاد آرائين، حليم الله، عبدالله شاهه، نظر محمد، محمد نواز، اعجاز علي مرکنڊ، محرم علي ڪلهوڙو، غلام فاروق، گل بيگ چانگ. شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ گل محمد سيال، محمد رمضان واسواڻو، اشتياق ڦلجي، امداد علي سومرو، منظور علي ڀٽي، انور علي عباس، رضا محمد خاصخيلي، ذوالفقار علي خاصخيلي، امين وهاب صديقي، محمد اعظم جمالي، زاهد خانزاده، راشد مڪرم، الهبچايو ڀٽي. عارف خانزاده، چاڪر جمالي، عاشق پٺاڻ، الهرکيو سيال، منصور لاکو، عبدالحميد ڪلهوڙو، مختيار چانڊيو، شاهنواز خاصخيلي، نذير انڙ، غلام شبير سيال، اسد الله ڏاهري، امير بخش چانڊيو، محمد حنيف جوکيو، محمد خان لاکو، اياز علي ڏاهري. ٺٽي ضلعي ۾ اعجاز اختر، اڪبر عيساڻي، زاهد حسين خواجه، محمد بچل رانٽو، امجد حسين، امداد علي، لڌو ماڇارو، گوبند مل، محمد ايوب ملاح، محمد اسماعيل ميمڻ، محمد اڪرم عباسي، محمد موسيٰ ملاح، سعيد احمد، غلام حسين عطائي، ذوالفقار علي سرويچ، امتياز ميمڻ، غفور پليپوٽو، امداد شاهه. ضلعي عمرڪوٽ ۾ ممتاز علي آريسر، گل منير، دليپ ڪمار، ڌنراج، الهبخش، شاهد، عمر حيات، طاهر امين، عبدالقيوم، شفاعت حسين. ضلعي نوشهروفيروز ۾ امتياز علي سومرو، ماجد ميمڻ، مولا بخش مشوري، نبي بخش قاضي، قاضي ذوالفقار، ظفر ڊاگر عرف گڻو، امتياز سومرو، ڳهڻو خان، غلام مصطفيٰ. مٽياري ضلعي ۾ اياز حسين، محرم خاصخيلي، رسول بخش ڪامران ميمڻ، ممتاز ميمڻ، فاروق نوح پوٽو، عبدالوحيد گبول، عبدالغفور ميمڻ، احمد علي، جاويد راجپوت، نثار ساگر، عبدالرحيم ڪشميري، غلام اصغر، رحمان مغل، اشتياق شيخ، زاهد ڪاڪا. ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ توفيق شاهه، عبدالرحمان لغاري، نديم خانزاده، اشرف جروار، مراد بخش بلوچ، عبدالرحمان عرف اسد، رشيد جروار، حميد عباسي، جاويد اختر خانزادو، خالد راجپوت، مولا بخش، غلام نبي ميرجت. سانگهڙ ضلعي ۾ محمد اسلم، انجم نظاماڻي، محمد الياس انجم، نواز علي بروهي، عبدالڪريم، سليم انڙ، علي جان ڏاهري، باهو لال، عبدالغفور ڏاهري، منير سومرو، رضا علي ڏاهري، مالڪ ڏاهري، مير حسن مگسي، خان محمد منگي، ذوالفقار علي ڏاهري، عبدالحق ڏاهري، عطا محمد، محمد عباس ساند، پرويز علي شاهه، غلام رسول غوري، پير اڪرم، امداد بهڻ، سرفراز مبارڪ خاصخيلي، نصرالله لانڊر، تنوير محمد، اياز جوڻيجو، وارث قمبراڻي، مير محمد خاصخيلي، قرباني خاصخيلي، غلام مرتضيٰ، رفيق. ضلعي ڄامشورو ۾ غلام سرور شيخ، دلبر جانوري، غلام مصطفيٰ بلوچ، محمد اسماعيل باريچو، سيف الله سميجو، امتياز علي انصاري، جاويد رحيم، پرويز اڪبر، عبدالغفار، شمس الحق ميمڻ، ڌڻي بخش، امير بخش لنجار، شيخ سنڌي، فرزانه ٻرڙو. حيدرآباد ضلعي ۾ نديم رضا، عبدالغفور سمون، عبدالرزاق سروهي، فيض کوسو، مجيد ابڙو، جئه چندر، منير احمد ابڙو، اڪبر رانجهاڻي. ڪراچي ضلعي ۾ رئيس احمد، تنوير احمد سبزواري، خليل الرحمان، مجيب الرحمان، ياسر، انور، محتاب علي شاهه، نور جوکيو. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ غلام نبي ڪيريو، محمد رمضان شورو، امتياز حسين مڱريو، ذوالفقار علي چانڊيو، ذيشان خاصخيلي، مرسل رضوي، محمد اسحاق ميمڻ، خدا ڏنو درس، وزير احمد ڪيريو، رشيد سومرو، محمد عمر، مرتضيٰ بهراڻي، محمد صديق ڇيپا، مسعود ڀنڀرو، انور شيخ، عامر حسين، رضوان ميمڻ، سعيد انور، امداد علي خاصخيلي، تبسم بهادر علي، اشفاق شاهه، شبانه چانڊيو. ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بخشو مزاري، دلبر علي ڀنگوار، حفيظ الله ملڪ، ممتاز ملڪ، ذوالفقار علي آرائين، ڪريم بخش جانوري، گوڪل داس، سبحان علي نصيراڻي، غلام ياسين، اشفاق احمد کوسو، حسين بخش سومرو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ اشوڪ ڪمار. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ منظور شر، عبدالرزاق ابڙو، عبدالمجيد گاد، مهدي شاهه، عبدالفتاح عباسي، غلام مرتضيٰ، عاشق علي سانگي، احمد علي تنيو، ذوالفقار ميراڻي. شڪارپور ضلعي ۾ محمد شريف قريشي، عبدالشڪور پهوڙ، اسلم سومرو، حبيب الله پيرزادو، امير الدين ڀٽو، عبدالجبار مهر، ميان نياز احمد. جيڪب آباد ضلعي ۾ جڙيل شاهه، مظفر، انور علي کوسو، سهيل احمد، اشفاق احمد ميمڻ، نفيس احمد سومرو، عبدالعزيز نماڻو، محمد يوسف دايو، مير محمد ڀٽي، خاوند بخش ڀٽي، نياز علي لاشاري. دادو ضلعي ۾ جاويد احمد سومرو، علي اڪبر قمبراڻي، انور ڪانڌڙو، الهورايو کوسو، نفيس احمد سولنگي، منير چنه، مرتضيٰ سومرو، مهر سولنگي، غلام نبي پنهور، برڪت سومرو، نذير ميراڻي، جاويد سمون، پاويل جوڻيجو، معصوم بخاري، مظفر ڳورڙ، ميان حبيب پيرزادو، ديدار شيخ، علي حسن لغاري، غلام حيدر برهماڻي، قمر اشرف، جاويد پنهور، اعجاز قريشي، حاڪم لغاري، فيض پيرزادو، خادم ٻٻر، روهل لغاري، وفا غلام ياسين. سکر ضلعي ۾ عبدالحميد بلو، محمد ظهير خان، هدايت الله، نديم اختر، شهزاد احمد، آغا عبدالجبار پٺاڻ، منظور حسين ٻرڙو، احمد علي شيخ، نصرالله ٻرڙو. گهوٽڪي ضلعي ۾ غلام قادر ڀٽو، نذير احمد پنهيار، علي حسن مهر، منظور احمد جسڪاڻي، محمد قليدي، عبدالرزاق ابڙو، راج مجيب، غلام مرتضيٰ چاچڙ. بدين ضلعي ۾ عبدالستار عمراڻي، اقبال عيدو، محمد حسن، ساحل محمد، علي حيدر شاهه، علي اڪبر خاصخيلي، عبدالجبار ڀٽي، غلام مصطفيٰ شاهه، محمد يعقوب آرائين، عثمان، در محمد آرائين، احمد آريسر، امر سنگهه راٺوڙ، عبدالمجيد چانگ، نديم علي خواجه، امجد ٽالپر، محمد عثمان راهوکڙو، مظفر حسين خواجه، جڙيل شاهه، انور علي ڪلهوڙو، محمد يوسف ميراڻي، عزيز ڀنڀرو، سڪندر علي ڀرڳڙي، محمد ابراهيم ناهيو، هوت خان کوسو، راج فرحان، پرويز ميمڻ، صفدر علي آرائين، محمد اشرف ميمڻ، محمد عثمان نهڙيو، الطاف ميمڻ، هارون گوپانگ، سليمان منڌرو، ظهير احمد لغاري. ميرپورخاص ضلعي ۾ عاشق احمد، نذير احمد، محمد سهيل، محمد اڪرم، محمد هاشم، امداد سراج، عبدالطيف نوتڪاڻي، اسلام ملڪ، سهيل هاشم، ارشد اڪبر، عظهر جميل، جئه رام مالهي، طالب شر، محمد انور، غلام مرتضيٰ ارباب، حسن لغاري، ٻڍو ڪيريو، نور احمد ناريجو، اڪبر پٺاڻ، شاهد ذوالفقار ڀٽي، محمد رفيق ڪلر شامل آهن. ٻي طرف سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته صحافت جي آڙ ۾ تعليم کاتي جا رڳو ساڍا ٽي سئو ملازم ناهن، ان کان وڌيڪ ملازم به آهن جن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، ايندڙ مرحلي ۾ ڪاليج سطح جي ليڪچرارن، پروفيسرن ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي به لسٽ جاري ڪئي ويندي، هي لسٽون لڪايون ويون آهن، اسان کي مشڪل سان صوبائي حڪومت کي تعليم کاتي جو ڪنٽرول مليو آهي، ”عبرت“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهي ميڊيا گروپ جيڪي سڄو ڏينهن اسان تي تنقيد ڪندا آهن اهي پنهنجي صفن مان انهن استادن کي ٻاهر ڪڍن جيڪي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، پير مظهرالحق چيو ته اسان کي ماڻهو چون ٿا ته اسان صحافين خلاف ڇا پيا ڪريون پر خدا راهي سنڌ جي تعليم خاطر ڪرڻو پوندو، منهنجي ضلعي دادو ۾ ڪارڊ ڳلي ۾ لڙڪائي جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن تعليم کاتي تي تنقيد ڪن ٿا مون کين چيو ته پوءِ اوهان تعليم کاتي کان پگهار ڇو ٿا کڻو، پير مظهرالحق چيو ته تعليم کاتي جا ملازم اخبارن ۾ نيوز ايڊيٽر آهن، ٽي وي چئنلز تي ڊائريڪٽر نيوز آهن، اهي سڀ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسن ته اهي ڇا پيا ڪن، هن چيو ته تعليم کاتي جا ملازم، ماستر صحافي بڻجي اي ڊي اوز کي بليڪ ميل ڪندا هئا، ان ڪري آفيسر ماسترن کان ڏيندا هئا، جڏهن ڪمشنري نظام کانپوءِ سڌي ريت اختيار اسان وٽ آيا ته اسان لسٽ جاري ڪري ڇڏي، ڪجهه وقت کانپوءِ ڪارروائي ڪنداسين ۽ رهيل ماڻهن جي به لسٽ جاري ڪنداسين، اها به تيار ٿي رهي آهي، هن چيو ته سڄاڻ ماڻهن جي چوڻ تي تعليم کاتي ۾ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪريون پيا جيڪي استاد هوندي به اسڪولن کان غائب آهن. وڏي وزير کي آگاهه ڪندس ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ٻين سرڪاري کاتن جي ملازمن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، انهي لاءِ تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
 
جواب: ماسترن لاءِ نئون ڏچو۔۔۔۔۔ پر مثبت آهي

ادا سٺو ٿيو انهن مان ڪجهه ماڻهن کي ذاتي سڃاڻا ٿو جيڪي استاد هوندي صحافي، اسٽيٽ، يا پنهنجو ڪاروبار هلائن پيا

اهڙن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي جو سنڌ جي تعليم تباهه ڪري رهيا هئا

ڀلو ٿيو
 
جواب: ماسترن لاءِ نئون ڏچو۔۔۔۔۔ پر مثبت آهي

مان اهڙن ماڻهن کي به سڃاڻان جيڪي ٻه هزار ڏئي ٻين ماڻهن کي پنهنجي جاء تي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاء موڪلين ٿا۔ جڏهن ته پاڻ وڏا صحافي سڏائي اخبارن ۽ ميڊيا سان لاڳاپو اٿن۔ جيتوڻيڪ ڪنهن اخبار سان وابسته هجڻ يا لکڻ منهنجي نظر ۾ ڪو ڏوهه ناهي پر پهريان اهي ماڻهو پنهنجي نوڪري پوري طرح انجام ڏين پوء ڀلي ويهي اخبار، فيسبوڪ يا ميڊيا تي لکن۔

اها هڪ سٺي روايت آهي جنهن کي برقرار رکيو وڃي ۽ اها جانچ ڪجي ته ڇا انهن ماڻهن پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ شروع ڪئي آهي يا اڃان ويٺان تنقيدون ڪن۔
 
جواب: ماسترن لاءِ نئون ڏچو۔۔۔۔۔ پر مثبت آهي

منهنجي خيال م هتي سڀ ضلعا ڪور ٿيل آهن ۽ هر ضلعي جا ستاد اهو ڪم ڪن پيا۔ سو هر ميمبر گواهي ڏيئي سگهي ٿو ۽ ڏيڻ به گهُرجي!
 
جواب: ماسترن لاءِ نئون ڏچو۔۔۔۔۔ پر مثبت آهي

تمام بهترين قدم آهي ۽ اميد آهي ته تعليم جي تباهي جي ذميواراهڙن استادن خلاف سخت قدم کنيو ويندو ۔
 
Back
Top