جواب: سنڌ سلامت انتظاميه کي صلاح
دوست جانِ عالم صلاح ڏيڻ جي مهرباني۔۔
پر جيتري قدر html بي بي ڪوڊ فعال ڪرڻ جو سوال آهي ته ائين ڪرڻ سنڌ سلامت فورم لاءِ سڪيورٽي رسڪ ٿي سگهي ٿو ۔۔۔ ڇو ته html ڪوڊ فعال ڪرڻ سان ٻئي سرور جا اسڪرپٽ پنهنجي سرور تي اپلوڊ ڪرڻ جي برابر ٿيندا ۔۔ جنهن سان فورم جي ڪڪيز متاثر ٿيڻ جو هر وقت خدشو رهي ٿو۔۔
ياد رهي ته اهڙن اسڪرپٽس ذريعي سنڌ سلامت فورم جي ڊيٽا بيس تائين رسائي پڻ ممڪن بڻجي سگهجي ٿي۔۔ ان لاءِ توهان جي هن مشوري کي معزرت سان رد ڪجي ٿو۔۔۔
سنڌ سلامت فورم توهان ۽ اسان سڀني جو گڏيل فورم آهي ۔۔ هن کي خوبصورت رکڻ لاءِ توهان جي وڌيڪ مشورن جو انتظار رهندو۔۔