دل دل پاڪستان

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مصور عالم طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2011۔

  1. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    پاڪستان پهرين ٽيسٽ مئچ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪور ٺاهي ورتو آهي۔
    يونس خان 6000 ٽيسٽ رنسون مڪمل ڪندڙ چوٿون پاڪستاني رانديگر بنجي ويو آهي۔
    محمد حفيظ ون ڊي ۾ ٻيو نمبر آل رائونڊر ۽ ٻيو نمبر بالر بنجي ويو آهي۔
    ۽ ٽيسٽ ۾ به 143 رنسن جي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري گهڻو ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔
    مصباح الحق پنهنجي ڪپتاني ۾ ڪا به سيريز نه هارائڻ جي روايت برقرار رکيو اچي۔
    عمر اڪمل ٽاپ ٽين بئٽسمين بنجي چڪو آهي۔
    شاهد خان آفريدي جا ڇڪا چوڪا ۽ ففٽيون ۽ وڪئٽون وٺڻ جاانداز به موٽي آيا آهن۔
    پاڪستان ٽيم ون ڊي رئنڪنگ ۾ 5 نمبر تي اچي وئي آهي۔
    سعيد اجمل ون ڊي رئنڪنگ ۾ دنيا جي سڀني بالرن کي مات ڏيئي پهرين پوزيشن تي آهي۔
    ۽ ٻي پوزيشن حفيظ کڻي ورتي آهي۔۔۔
    2011 ۾ پاڪستان سڀئي سيريزون کٽيون آهن۔۔۔

    اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ائين ئي ڪاميابيء جو منزلون طئه ڪندو رهي آمين
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دل دل پاڪستان

    بهتر پرفارمنس رهي آهي ۔۔۔۔۔۔

    هن کانپوء انگلينڊ سان هڪ ڏکي سيريز پئي اچي ۔۔۔۔۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: دل دل پاڪستان

    ادا اسان جي ٽيم جو اصلي امتحان انگلينڊ جي سيريز آهي جٿي وڪيٽون تيز هئڻ جي ڪري سئمير بالر کي تمام گهڻي مدد ڏينديون آهن ۔انگلينڊ جي ٽيم به بهترين فارم ۾ آهي۔ جهڙيالو موسم هجئڻ جي ڪري بال سوئنگ تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ هن کي فرنٽ فٽ تي تمام مشڪل سان کيڏي سگهبو آهي جڏهن ته اسان جي ٽيم ۾ فرنٽ فٽ تي کيڏڻ وارن بيٽسمنن جو تعداد وڌيڪ آهي۔اسد شفيق،يونس خان ۽ توفيق عمر بيڪ فوٽ تي کيڏڻ جي ڪوشش ڪندي گهڻو ڪري ايل بي ڊبليو ٿي ويندا آهن۔توهان پراڻين ميچن جي ويڍيو مان اهو معلوم ڪري سگهو ٿا۔الله پاڪ جو شڪر آهي جو اسان جي ٽيم ڪراسيسز مان نڪري آڏڻ شروع ڪري ڏنو آهي۔انشاالله تمام گهڻيون ڪاميابيون ماڻيندي۔توهان جي مهرباني۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: دل دل پاڪستان

    اها سيريز مٿئين سال آهي ان ڪري نئين سال جا ريڪارڊ به نوان ۔۔۔ هوئين ايندڙ سال امتحان ڪافي آهي۔۔۔ انگلينڊ سيريز، ممڪنا انڊيا سيريز، ايشيا ڪپ ۽ وري ٽي ٽونٽي ڪپ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ وري وري استعفا ڏيندڙن لاءِ عزت بچائڻ جو سٺو موقعو آهي ۔۔ جيڪڏهن هُو هن دفعي سوچين۔۔۔

    جي ها اهو ئي سبب آهي جو انگلينڊ کي انگلينڊ ۾ هرائڻ ڪافي مشڪل آهي۔۔۔ انڊيا ۽ آسٽريليا ته هارائي موٽندا آهن پر پاڪستان گذريل 5 سالن کان اتان خوار ٿي موٽيو آهي۔۔
    پر سٺي خبر اها آهي ته انگلينڊ سان ٿيندڙ هي سيريز شارجا، ابوظهبي ۽ دبئي ۾ کيڏي ويندي۔۔۔
     
  5. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جواب: دل دل پاڪستان

    وڌيڪ مزو تڏهن اچي جڏهن پاڪستاني ڪريڪيٽ ٽيم جو انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيم سان مقابلو هجي
     
  6. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: دل دل پاڪستان

    بهتر پرفارمنس رهي آهي
     
  7. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: دل دل پاڪستان

    بحر حال اهو به تمام سٺو آهي جو هن سال پاڪستان تمام سٺو کيڏيو آهي۔۔۔۔
    انگلينڊ جو دورو هميشه پاڪستان جي لاء مشڪل ثابت ٿيو آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو