مهراڻ جون موجون ڪڏهن موٽنديون!؟

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    استاد محمد رمضان سهتو

    مهراڻ جون موجون ڪڏهن موٽنديون!؟

    سنڌو درياءَ عرف مهراڻ جنهن جي نالي پويان سنڌ جي سرزمين کي وادي مهراڻ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. اڃان تائين سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، علامن ۽ مفڪرن ۾ اهو بحث جاري آهي ته سنڌو تي اهو نالو سنڌ تان پيو آهي يا سنڌ تي اهو نالو سنڌو تان پيو آهي. مهراڻ جي نالي بابت پڙهو ۽ ڏسو غلام رباني سنڌيءَ جي لکيل فينٽسي (آب حيات) ماهوار رسالو نئين زندگي اپريل 1966ع جنهن ۾ رباني صاحب لکي ٿو ته سنڌوءَ تي مهراڻ نالو تمام آڳاٽي زماني ۾ سنڌو واري علائقي تي حڪومت ڪندڙ هڪ شهزادي مهراڻ جي نالي پويان پيل آهي. جنهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي علائقي واري عوام جيڪو سندس رعايا پڻ هو، ان جي سک ۽ سهنج لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو هو ۽ عوام خدمتن جي قدر داني ڪندي، ان علائقي جي سنڌوءَ تي شهزادي مهراڻ جو نالو رکيو ته جيسين سنڌو رهندي ته شهزادي جو نالو پڻ قائم رهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌو صدين کان هن علائقي کي آباد، سائو ۽ شاداب رکندي پئي اچي ۽ جيسين دنيا قائم آهي ته سنڌو پنهنجي علائقي کي آباد رکندي. خير! اهي ڳالهيون ته هلنديون رهيون آهن ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي سونهن بخشڻ ۽ شانُ وڌائڻ لاءِ هلنديون رهنديون.
    سنڌو يا مهراڻ جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌ، سنڌي عوام، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ڄڻ اڌورا آهن، هر محاذ تي ڏک ۽ سک وارن لمحن ۾ سنڌو يا مهراڻ خبر نه آهي، ڪيترين صدين کان وٺي سنڌ جي سر زمين کي سائو ستابو ۽ خوشحال پئي رکيو آهي، جيڪا ڳالهه سنڌ ته ڇا پر دنيا جي اندر هر قوم ۽ ان جي ادبي حلقن ۽ ٻوليءَ سان وابستگي رکندڙ حلقن ۾ پوري ريت مڃيل آهي. اهو ئي سبب هو جو ڪيترن ئي ٻاهرين ماڻهن مثال طور: جرمني وغيره جي مفڪرن اچي سنڌ جي سر زمين جي سونهن ۽ ثقافت جو چڱي ريت مطالعو ڪيو ۽ هتان جي ادب ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي پڙهندي ان مان پوريءَ ريت فائدو حاصل ڪيو ۽ شاهه جي هر شعر ۽ سُر کي هيئين سان هنڊائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. جن مان ڊاڪٽر ازنيسٽ ٽرمپ ۽ ميڊم اينيمري شمل جا نالا قابل ذڪر آهن سنڌوءَ جي موج ۽ مستي، لهرن، ڪنن ۽ سير جي وهڪري جي دهشت ۽ دٻدٻو هميشه هميشه مڃيل ۽ هڪ حقيقت رهي آهي. سنڌوءَ جي ان شان ۽ شوڪت جي بيان سنڌ جي نبض شناس ۽ شاعر ن جي سرتاج، سنڌ جي محبوب شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي رسالي جي سُر سهڻي ۾ چپي چپي تي ڪيو آهي.
    جيئن ته سهڻي ۽ ميهار جي سنڌي لوڪ داستان جو ذڪر ڪنهن به سنڌي کان لڪل ڪونه آهي ۽ شاهه صاحب جي ستن سورمين مان سڀ کان وڌيڪ اهميت رسالي جي سر سهڻيءَ کي مليل آهي. ڇاڪاڻ ته رسالي جي هن سُر ۾ هڪ عشقيه داستان کانسواءِ سنڌ جي آجپي ۽ روزي پيدا ڪري ڏيندڙ سنڌو يا مهراڻ جي نزاڪت ۽ شان کي پڻ اجاگر ڪيل آهي. جيڪو اسان جي آئينده جي نسل لاءِ ۽ انهن جي معلومات ۽ ڄاڻ لاءِ هڪ مشعل راهه آهي ته سنڌوءَ جو اصل دٻدٻو ۽ شان ڇا هو ۽ دهشت کي نروار ڪندي سهڻيءَ جو ڌيان ڇڪائي ۽ کيس هدايت ڪندي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي فرمائي ٿو ته:
    ”متان گهڙين سهڻي، اڄ درياءَ ۾ دم،
    ڪاري رات ڪنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم،
    متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙيواريون.“​
    سهڻي گهڙو هٿ ۾ کڻي درياءَ ۾ پاڻ اڇلڻ لاءِ تيار بيٺي آهي پر ان رات قدرت واري سهڻيءَ کي روڪڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان درياءَ شاهه جي دهشت ۽ رعب تاب کي وڌائڻ ۽ موج، مستيءَ ۾ اچڻ لاءِ برسات، کنوڻ ۽ گجگوڙ کي پڻ آزاديءَ سان نوازيو آهي. جيئن سهڻي دل لاهي ويهي ۽ درياءَ ۾ گهڙڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏي ۽ اهڙي خوف طاري ٿيڻ سبب گهر ڏانهن واپس وري ۽ موت کان بچي پر سهڻيءَ جو ارادو اٽل هو، ڇاڪاڻ ته (ميهاران مرڪ پيتائين پريم جي) سندس پريم جو نشو هر ڳالهه تي حاوي هو ۽ قرباني عشق ۾ ڏيڻ سندس مقدر بڻجي چڪي هئي، تنهن ڪري ڪچي ۽ پڪي جي پرک نه ڪندي ۽ الله تو آهر ڪندي درياءَ شاهه جي حوالي پاڻ کي ڪري ڇڏيائين. پو ڇا ٿيو ڪچو يعني ڀيلو گهڙو ڀرڻ لڳو ۽ سهڻي ميهار ميهار ڪري دانهون ڪندي پڪارڻ لڳي ۽ ڪجهه وقت ٻانهن سان ترندي رهي. سندس دانهن تي ۽ ميهار کي پڪارڻ سبب ميهار سندس دانهون ٻڌي، طبيعت ناساز هوندي به مهاڻن کي گهڻو ستايو ۽ منٿون ڪيون ته ٻيڙيون ڇوڙي سهڻيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن پر درياءَ جي دهشت، طوفان ۽ برسات سبب مهاڻن ميهار جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ۽ ٻيڙين ڇوڙڻ کان صفا نابري واري ويٺا. تنهن تي، ميهار پاڻ دانهون ڪندو درياءَ ۽ مهاڻن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندو درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، جيئن سهڻيءَ کي بچائي سگهي پر ٻنهي جو موت اٽل هو ۽ ميهار پڻ تمام گهڻي تڪليف ۽ سور هوندي، درياءَ ۾ ٻانهون هڻندي سهڻي کي ويجهو پهچي پنهنجي ٻانهن هڻندي سهڻي کي ويجهو پهچي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺي ٿو ۽ ان بعد ٻئي درياءَ جي حوالي ٿي وڃن ٿا. هتي شاهه صاحب ميهار جي ڪردار کي ٿورو پاسيرو رکي صرف سهڻيءَ جي قرباني ۽ موت جو ذڪر هن نموني ڪري ٿو ته مرڻ کان پوءِ سهڻي اڪيلي آهي، سندس جنازي کي ڪلهو ڏيڻ ۽ کڻڻ لاءِ ڪوبه سندس واهر وسيلو ڪونه آهي. تنهن ڪري شاهه صاحب پنهنجي ڏور رس نگاهن سان سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
    ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي.
    ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلهائن ڏناس.
    اکئين ملڪ ڏٺاس،، ته به من ڪاڍو ميهار ڏي.“​
    شاهه سائين سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ جو نظارو دريائي وهڪري سان تشبيهه ڏيندي بيان ڪري ٿو ۽ ڪنگ ۽ ٻگهه پکي جيڪي درياءَ جي ٻيٽار تي پنهنجي جياپي ۽ روزگار خاطر هر وقت موجود هوندا هئا، انهن کي سهڻي جي ڪانڌين طور پيش ڪري ٿو، جن سهڻيءَ جي جنازي کي ڪلها ڏيئي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوءِ سهڻي جو لاش سندن ئي کاڄ بڻجي ويو.
    اڳتي هلي شاهه صاحب ميهار جو ڪردار پيش ڪندي فرمائي ٿو ته:
    ”ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري، تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهن جي ٻانهن درياءَ توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي.“
    هن ۾ ميهار قيامت ڏينهن درياءَ تي خدا جي حضُر ۾ دانهن ڏيڻ لاءِ نسنبت ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته درياءَ سندس سهڻيءَ کي ٻوڙي کين هڪٻئي کان جدا ڪيو آهي ۽ درياءَ کي مخاطب ٿي ان کان پڇي ٿو ته اي درياءَ تو منهنجي سهڻي ڪهڙي سبب ۽ ڪيئن ٻوڙي ۽ درياءَ کان جواب طلبي ڪري ٿو.
    پر هاڻي اچو ته ڏسون ته ميهار جي سهڻيءَ جو ٻڏڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو ۽ درياءَ کي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ جو درياءَ جي صحت تي ڪهڙو اثر پيو؟ درياءَ ته سهڻي ۽ ميهار جي ان انڌوهناڪ حادثي کانپوءِ به صديون وهندو آيو ۽ اڄ تائين ڪيتريون ئي ٻيون سهڻيون ۽ ٻيا ميهار ٻوڙيندو رهيو پر سنڌيءَ ۾ هن چوڻيءَ موجب ته خدا وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي، ڏسجي ٿو ته صدين گذرڻ بعد ميهار جي پٽن ۽ پاراتن جو درياءَ شاهه جي شان و شوڪت ۽ ان سان تعلق رکندڙن تي ڪيترو ۽ ڪهڙو اثر پيو آهي، جنهن درياءَ جو لطيف پنهنجي رسالي جي سر سهڻيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ سندس وهڪري، دهشت ۽ ڪنن جي ڪڙڪاٽن جو ذڪر ڪيو آهي، اڄ اهو درياءَ ۽ سندس ذڪر ڪيل دٻدٻو ڪٿي آهي؟ اڄ پاڻ درياءَ پنهنجي پيٽ کي نرم ۽ آلو رکڻ لاءِ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيو آهي. جيڪي مهاڻا سوين ٻيڙين ۾ سوار ٿي گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ ڄامشورو جي پلين جي نزديڪ گهمندا هئا ۽ مڇي وغيره جو شڪار ڪري پنهنجو گذران ڪندا هئا ۽ پنهنجي ۽ ٻچڙن جي پيٽ جي باهه اُجهائيندا هئا، اڄ اهي مهاڻا ۽ سندس ٻيڙا ۽ هوڙا ڪٿي آهن؟ ۽ انهن جي جاءِ تي درياءَ ۾ پاڻي نه هئڻ سبب اڇي واري اُڏامي رهي آهي، حالت ته اها آهي ته پاڻي نه هجڻ ۽ درياءَ جي سڪڻ سبب اهي ڪنگ ۽ ٻگهه پکي ۽ ٻيا دريائي جانور جن جو درياءَ سان خاص لاڳاپو رهندو هو ۽ روزگار خاطر درياءَ جي پيٽ ۾ ۽ ٻيٽارين تي هيڏي هوڏي پيا ڦرندا هئا، اڄ اهي سڀ گم آهن ۽ سندن ڪوبه نالو ۽ نشان ڪونه ٿو ملي، اهو آهي هيءُ درياءَ جنهن سنڌ ۽ سنڌين جي صدين کان خدمت ڪئي ۽ اسان جو آجپو رهيو، اڄ اهو پاڻ واهر لاءِ واجهائي رهيو آهي. سندس پيٽ سڪل آهي. آسپاس جا نظارا ويران آهن، المنظر ۽ لب مهراڻ ماڻهن جو انتظار ڪري رهيو آهن، جن تي هر روز شام جو درياءَ شاهه جي هڪ جهلڪ ۽ نظاري پسڻ لاءِ هزارين ماڻهو پنهنجين فيملين سان حاضر ٿيندا هئا. اڄ انهن جاين تي وڃڻ لاءِ ڪنهن جي دل نٿي ٻولي ڇا درياءَ سندس وهڪري، دٻدٻي، مهاڻن ٻيڙين، ڪنگن ۽ ٻگهن کي ميهار جي پٽ لڳي وئي، جن جو ڪردار سهڻيءَ کي ٻوڙڻ لاءِ اهم هو. سچ پچ جي ميهار جي پٽڻ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي ته پوءِ تسليم ڪرڻو پوندو ته ميهار هڪ الله لوڪ انسان ۽ پهتل بندو هو ۽ سندس قبر مٿان روضي جي اڏجڻ شهدادپور ۾ سندس پورو حق آهي.
    ڇا اسان جو ايندڙ نسل جنهن جي تعليم هڪ ڌڪ سان ختم ڪئي وئي ۽ ڪاپي ڪلچر ان کي سوکڙيءَ طور ورثي ۾ ڏنو ويو آهي، ان ۾ ايتري اهليت هوندي ته هو شاهه جي رسالي کي پڙهي سگهن ۽ سر سهڻيءَ جي مفهوم ۽ معنيٰ کي سمجهي سگهن پر جي ڪنهن هڪ اڌ انسان ڪاپي ڪلچر کي پاسيرو رکي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم سان پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪئي ۽ شاهه جو رسالو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي هام ڀري ته پوءِ اهو ماڻهو سر سهڻي ۽ درياءَ شاهه جي شان و شوڪت ۽ اوج جو ذڪر پڙهي اهو تسليم ڪندو ته هي اهو ساڳيو درياءَ آهي؟ جنهن جو ذڪر لطيف پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي، بلڪل نه! ٿي سگهي ٿو ته اهو پڙهندڙ اهو ئي دل ۾ سمجهي ته لطيف سائين نسورو وڌاءُ ڪيو آهي ۽ بلڪل سچ نه لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سر سهڻيءَ ۾ ذڪر ڪيل درياءَ ڪو ٻيو درياءَ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته موجوده سنڌوءَ جي حالتن سان ته لطيف جو هڪ لفظ به ڪونه ٿو ملي ۽ الله سائين نه ڪري جو اڳتي هلي لطيف جي سُر سهڻيءَ تان پڙهندڙن جو اعتبار ئي کڄي وڃي ۽ رسالي جي پوري اهميت تي ڪو اثر پئجي وڃي. هي اهو درياءَ ته ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جنهن لاءِ لطيف فرمايو آهي ته:
    ”سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌٻوڙيو مهراڻ،
    وَههَ وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.“​
    درياءَ شاهه ته سوين سهڻيون ۽ سورميون ٻوڙيون پر شاهه واريءَ سهڻيءَ ته پنهنجي جان جي عظيم قرباني ڏئي شاهه صاحب جي ذڪر ڪيل درياءَ جو ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي سنڌي ادب ۽ لطيف جي رسالي ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. انهن سڀني ڳالهين باوجود ڏسجي ٿو ته سنڌو هاڻي پنهنجي صدين کان ڪيل سنڌ جي خدمت ۽ سنڌي عوام کي ڏنل آجپي جو بلڪل صلو گهري رهي آهي. جيئن سنڌو، سنڌي تهذيب، سنڌي عوام، کي ڏنل آجپي جو بلڪل صلو گهري رهي آهي. جيئن سنڌو، سنڌي تهذيب، سنڌي عوام، سنڌي ٻولي ۽ ادب قيامت تائين قائم رهن، جيئن سنڌوءَ واديءَ مهراڻ کي سائو ستابو ۽ سکيو پئي رکيو آهي، تيئن سنڌي عوام تي پڻ فرض عائد ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جي پيٽ کي آلو رکڻ ۽ پاڻي مهيا ٿيڻ لاءِ ڪجهه سوچين ۽ سنڌوءَ جا ڪيل احسان ڳائڻ بدران لاهڻ جي ڪوشش ڪن، جيئن ميهار پنهنجي سهڻيءَ جي ٻڏڻ ۽ ٻوڙڻ جو ڪيس قيامت واري ڏينهن خدا جي حضور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چئي چڪو آهي ته، ”درياءَ توتي دانهن استاد محمد رمضان سهتو

    مهراڻ جون موجون ڪڏهن موٽنديون!؟

    سنڌو درياءَ عرف مهراڻ جنهن جي نالي پويان سنڌ جي سرزمين کي وادي مهراڻ جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. اڃان تائين سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، علامن ۽ مفڪرن ۾ اهو بحث جاري آهي ته سنڌو تي اهو نالو سنڌ تان پيو آهي يا سنڌ تي اهو نالو سنڌو تان پيو آهي. مهراڻ جي نالي بابت پڙهو ۽ ڏسو غلام رباني سنڌيءَ جي لکيل فينٽسي (آب حيات) ماهوار رسالو نئين زندگي اپريل 1966ع جنهن ۾ رباني صاحب لکي ٿو ته سنڌوءَ تي مهراڻ نالو تمام آڳاٽي زماني ۾ سنڌو واري علائقي تي حڪومت ڪندڙ هڪ شهزادي مهراڻ جي نالي پويان پيل آهي. جنهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي علائقي واري عوام جيڪو سندس رعايا پڻ هو، ان جي سک ۽ سهنج لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو هو ۽ عوام خدمتن جي قدر داني ڪندي، ان علائقي جي سنڌوءَ تي شهزادي مهراڻ جو نالو رکيو ته جيسين سنڌو رهندي ته شهزادي جو نالو پڻ قائم رهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌو صدين کان هن علائقي کي آباد، سائو ۽ شاداب رکندي پئي اچي ۽ جيسين دنيا قائم آهي ته سنڌو پنهنجي علائقي کي آباد رکندي. خير! اهي ڳالهيون ته هلنديون رهيون آهن ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي سونهن بخشڻ ۽ شانُ وڌائڻ لاءِ هلنديون رهنديون.
    سنڌو يا مهراڻ جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌ، سنڌي عوام، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ڄڻ اڌورا آهن، هر محاذ تي ڏک ۽ سک وارن لمحن ۾ سنڌو يا مهراڻ خبر نه آهي، ڪيترين صدين کان وٺي سنڌ جي سر زمين کي سائو ستابو ۽ خوشحال پئي رکيو آهي، جيڪا ڳالهه سنڌ ته ڇا پر دنيا جي اندر هر قوم ۽ ان جي ادبي حلقن ۽ ٻوليءَ سان وابستگي رکندڙ حلقن ۾ پوري ريت مڃيل آهي. اهو ئي سبب هو جو ڪيترن ئي ٻاهرين ماڻهن مثال طور: جرمني وغيره جي مفڪرن اچي سنڌ جي سر زمين جي سونهن ۽ ثقافت جو چڱي ريت مطالعو ڪيو ۽ هتان جي ادب ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي پڙهندي ان مان پوريءَ ريت فائدو حاصل ڪيو ۽ شاهه جي هر شعر ۽ سُر کي هيئين سان هنڊائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. جن مان ڊاڪٽر ازنيسٽ ٽرمپ ۽ ميڊم اينيمري شمل جا نالا قابل ذڪر آهن سنڌوءَ جي موج ۽ مستي، لهرن، ڪنن ۽ سير جي وهڪري جي دهشت ۽ دٻدٻو هميشه هميشه مڃيل ۽ هڪ حقيقت رهي آهي. سنڌوءَ جي ان شان ۽ شوڪت جي بيان سنڌ جي نبض شناس ۽ شاعر ن جي سرتاج، سنڌ جي محبوب شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي رسالي جي سُر سهڻي ۾ چپي چپي تي ڪيو آهي.
    جيئن ته سهڻي ۽ ميهار جي سنڌي لوڪ داستان جو ذڪر ڪنهن به سنڌي کان لڪل ڪونه آهي ۽ شاهه صاحب جي ستن سورمين مان سڀ کان وڌيڪ اهميت رسالي جي سر سهڻيءَ کي مليل آهي. ڇاڪاڻ ته رسالي جي هن سُر ۾ هڪ عشقيه داستان کانسواءِ سنڌ جي آجپي ۽ روزي پيدا ڪري ڏيندڙ سنڌو يا مهراڻ جي نزاڪت ۽ شان کي پڻ اجاگر ڪيل آهي. جيڪو اسان جي آئينده جي نسل لاءِ ۽ انهن جي معلومات ۽ ڄاڻ لاءِ هڪ مشعل راهه آهي ته سنڌوءَ جو اصل دٻدٻو ۽ شان ڇا هو ۽ دهشت کي نروار ڪندي سهڻيءَ جو ڌيان ڇڪائي ۽ کيس هدايت ڪندي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي فرمائي ٿو ته:
    ”متان گهڙين سهڻي، اڄ درياءَ ۾ دم،
    ڪاري رات ڪنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم،
    متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙيواريون.“
    سهڻي گهڙو هٿ ۾ کڻي درياءَ ۾ پاڻ اڇلڻ لاءِ تيار بيٺي آهي پر ان رات قدرت واري سهڻيءَ کي روڪڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان درياءَ شاهه جي دهشت ۽ رعب تاب کي وڌائڻ ۽ موج، مستيءَ ۾ اچڻ لاءِ برسات، کنوڻ ۽ گجگوڙ کي پڻ آزاديءَ سان نوازيو آهي. جيئن سهڻي دل لاهي ويهي ۽ درياءَ ۾ گهڙڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏي ۽ اهڙي خوف طاري ٿيڻ سبب گهر ڏانهن واپس وري ۽ موت کان بچي پر سهڻيءَ جو ارادو اٽل هو، ڇاڪاڻ ته (ميهاران مرڪ پيتائين پريم جي) سندس پريم جو نشو هر ڳالهه تي حاوي هو ۽ قرباني عشق ۾ ڏيڻ سندس مقدر بڻجي چڪي هئي، تنهن ڪري ڪچي ۽ پڪي جي پرک نه ڪندي ۽ الله تو آهر ڪندي درياءَ شاهه جي حوالي پاڻ کي ڪري ڇڏيائين. پو ڇا ٿيو ڪچو يعني ڀيلو گهڙو ڀرڻ لڳو ۽ سهڻي ميهار ميهار ڪري دانهون ڪندي پڪارڻ لڳي ۽ ڪجهه وقت ٻانهن سان ترندي رهي. سندس دانهن تي ۽ ميهار کي پڪارڻ سبب ميهار سندس دانهون ٻڌي، طبيعت ناساز هوندي به مهاڻن کي گهڻو ستايو ۽ منٿون ڪيون ته ٻيڙيون ڇوڙي سهڻيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن پر درياءَ جي دهشت، طوفان ۽ برسات سبب مهاڻن ميهار جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ۽ ٻيڙين ڇوڙڻ کان صفا نابري واري ويٺا. تنهن تي، ميهار پاڻ دانهون ڪندو درياءَ ۽ مهاڻن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندو درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، جيئن سهڻيءَ کي بچائي سگهي پر ٻنهي جو موت اٽل هو ۽ ميهار پڻ تمام گهڻي تڪليف ۽ سور هوندي، درياءَ ۾ ٻانهون هڻندي سهڻي کي ويجهو پهچي پنهنجي ٻانهن هڻندي سهڻي کي ويجهو پهچي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺي ٿو ۽ ان بعد ٻئي درياءَ جي حوالي ٿي وڃن ٿا. هتي شاهه صاحب ميهار جي ڪردار کي ٿورو پاسيرو رکي صرف سهڻيءَ جي قرباني ۽ موت جو ذڪر هن نموني ڪري ٿو ته مرڻ کان پوءِ سهڻي اڪيلي آهي، سندس جنازي کي ڪلهو ڏيڻ ۽ کڻڻ لاءِ ڪوبه سندس واهر وسيلو ڪونه آهي. تنهن ڪري شاهه صاحب پنهنجي ڏور رس نگاهن سان سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
    ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي.
    ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلهائن ڏناس.
    اکئين ملڪ ڏٺاس،، ته به من ڪاڍو ميهار ڏي.“
    شاهه سائين سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ جو نظارو دريائي وهڪري سان تشبيهه ڏيندي بيان ڪري ٿو ۽ ڪنگ ۽ ٻگهه پکي جيڪي درياءَ جي ٻيٽار تي پنهنجي جياپي ۽ روزگار خاطر هر وقت موجود هوندا هئا، انهن کي سهڻي جي ڪانڌين طور پيش ڪري ٿو، جن سهڻيءَ جي جنازي کي ڪلها ڏيئي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوءِ سهڻي جو لاش سندن ئي کاڄ بڻجي ويو.
    اڳتي هلي شاهه صاحب ميهار جو ڪردار پيش ڪندي فرمائي ٿو ته:
    ”ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري، تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهن جي ٻانهن درياءَ توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي.“
    هن ۾ ميهار قيامت ڏينهن درياءَ تي خدا جي حضُر ۾ دانهن ڏيڻ لاءِ نسنبت ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته درياءَ سندس سهڻيءَ کي ٻوڙي کين هڪٻئي کان جدا ڪيو آهي ۽ درياءَ کي مخاطب ٿي ان کان پڇي ٿو ته اي درياءَ تو منهنجي سهڻي ڪهڙي سبب ۽ ڪيئن ٻوڙي ۽ درياءَ کان جواب طلبي ڪري ٿو.
    پر هاڻي اچو ته ڏسون ته ميهار جي سهڻيءَ جو ٻڏڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو ۽ درياءَ کي پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ جو درياءَ جي صحت تي ڪهڙو اثر پيو؟ درياءَ ته سهڻي ۽ ميهار جي ان انڌوهناڪ حادثي کانپوءِ به صديون وهندو آيو ۽ اڄ تائين ڪيتريون ئي ٻيون سهڻيون ۽ ٻيا ميهار ٻوڙيندو رهيو پر سنڌيءَ ۾ هن چوڻيءَ موجب ته خدا وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي، ڏسجي ٿو ته صدين گذرڻ بعد ميهار جي پٽن ۽ پاراتن جو درياءَ شاهه جي شان و شوڪت ۽ ان سان تعلق رکندڙن تي ڪيترو ۽ ڪهڙو اثر پيو آهي، جنهن درياءَ جو لطيف پنهنجي رسالي جي سر سهڻيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ سندس وهڪري، دهشت ۽ ڪنن جي ڪڙڪاٽن جو ذڪر ڪيو آهي، اڄ اهو درياءَ ۽ سندس ذڪر ڪيل دٻدٻو ڪٿي آهي؟ اڄ پاڻ درياءَ پنهنجي پيٽ کي نرم ۽ آلو رکڻ لاءِ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيو آهي. جيڪي مهاڻا سوين ٻيڙين ۾ سوار ٿي گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ ڄامشورو جي پلين جي نزديڪ گهمندا هئا ۽ مڇي وغيره جو شڪار ڪري پنهنجو گذران ڪندا هئا ۽ پنهنجي ۽ ٻچڙن جي پيٽ جي باهه اُجهائيندا هئا، اڄ اهي مهاڻا ۽ سندس ٻيڙا ۽ هوڙا ڪٿي آهن؟ ۽ انهن جي جاءِ تي درياءَ ۾ پاڻي نه هئڻ سبب اڇي واري اُڏامي رهي آهي، حالت ته اها آهي ته پاڻي نه هجڻ ۽ درياءَ جي سڪڻ سبب اهي ڪنگ ۽ ٻگهه پکي ۽ ٻيا دريائي جانور جن جو درياءَ سان خاص لاڳاپو رهندو هو ۽ روزگار خاطر درياءَ جي پيٽ ۾ ۽ ٻيٽارين تي هيڏي هوڏي پيا ڦرندا هئا، اڄ اهي سڀ گم آهن ۽ سندن ڪوبه نالو ۽ نشان ڪونه ٿو ملي، اهو آهي هيءُ درياءَ جنهن سنڌ ۽ سنڌين جي صدين کان خدمت ڪئي ۽ اسان جو آجپو رهيو، اڄ اهو پاڻ واهر لاءِ واجهائي رهيو آهي. سندس پيٽ سڪل آهي. آسپاس جا نظارا ويران آهن، المنظر ۽ لب مهراڻ ماڻهن جو انتظار ڪري رهيو آهن، جن تي هر روز شام جو درياءَ شاهه جي هڪ جهلڪ ۽ نظاري پسڻ لاءِ هزارين ماڻهو پنهنجين فيملين سان حاضر ٿيندا هئا. اڄ انهن جاين تي وڃڻ لاءِ ڪنهن جي دل نٿي ٻولي ڇا درياءَ سندس وهڪري، دٻدٻي، مهاڻن ٻيڙين، ڪنگن ۽ ٻگهن کي ميهار جي پٽ لڳي وئي، جن جو ڪردار سهڻيءَ کي ٻوڙڻ لاءِ اهم هو. سچ پچ جي ميهار جي پٽڻ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي ته پوءِ تسليم ڪرڻو پوندو ته ميهار هڪ الله لوڪ انسان ۽ پهتل بندو هو ۽ سندس قبر مٿان روضي جي اڏجڻ شهدادپور ۾ سندس پورو حق آهي.
    ڇا اسان جو ايندڙ نسل جنهن جي تعليم هڪ ڌڪ سان ختم ڪئي وئي ۽ ڪاپي ڪلچر ان کي سوکڙيءَ طور ورثي ۾ ڏنو ويو آهي، ان ۾ ايتري اهليت هوندي ته هو شاهه جي رسالي کي پڙهي سگهن ۽ سر سهڻيءَ جي مفهوم ۽ معنيٰ کي سمجهي سگهن پر جي ڪنهن هڪ اڌ انسان ڪاپي ڪلچر کي پاسيرو رکي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم سان پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪئي ۽ شاهه جو رسالو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي هام ڀري ته پوءِ اهو ماڻهو سر سهڻي ۽ درياءَ شاهه جي شان و شوڪت ۽ اوج جو ذڪر پڙهي اهو تسليم ڪندو ته هي اهو ساڳيو درياءَ آهي؟ جنهن جو ذڪر لطيف پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي، بلڪل نه! ٿي سگهي ٿو ته اهو پڙهندڙ اهو ئي دل ۾ سمجهي ته لطيف سائين نسورو وڌاءُ ڪيو آهي ۽ بلڪل سچ نه لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سر سهڻيءَ ۾ ذڪر ڪيل درياءَ ڪو ٻيو درياءَ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته موجوده سنڌوءَ جي حالتن سان ته لطيف جو هڪ لفظ به ڪونه ٿو ملي ۽ الله سائين نه ڪري جو اڳتي هلي لطيف جي سُر سهڻيءَ تان پڙهندڙن جو اعتبار ئي کڄي وڃي ۽ رسالي جي پوري اهميت تي ڪو اثر پئجي وڃي. هي اهو درياءَ ته ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جنهن لاءِ لطيف فرمايو آهي ته:
    ”سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌٻوڙيو مهراڻ،
    وَههَ وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.“
    درياءَ شاهه ته سوين سهڻيون ۽ سورميون ٻوڙيون پر شاهه واريءَ سهڻيءَ ته پنهنجي جان جي عظيم قرباني ڏئي شاهه صاحب جي ذڪر ڪيل درياءَ جو ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي سنڌي ادب ۽ لطيف جي رسالي ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. انهن سڀني ڳالهين باوجود ڏسجي ٿو ته سنڌو هاڻي پنهنجي صدين کان ڪيل سنڌ جي خدمت ۽ سنڌي عوام کي ڏنل آجپي جو بلڪل صلو گهري رهي آهي. جيئن سنڌو، سنڌي تهذيب، سنڌي عوام، کي ڏنل آجپي جو بلڪل صلو گهري رهي آهي. جيئن سنڌو، سنڌي تهذيب، سنڌي عوام، سنڌي ٻولي ۽ ادب قيامت تائين قائم رهن، جيئن سنڌوءَ واديءَ مهراڻ کي سائو ستابو ۽ سکيو پئي رکيو آهي، تيئن سنڌي عوام تي پڻ فرض عائد ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جي پيٽ کي آلو رکڻ ۽ پاڻي مهيا ٿيڻ لاءِ ڪجهه سوچين ۽ سنڌوءَ جا ڪيل احسان ڳائڻ بدران لاهڻ جي ڪوشش ڪن، جيئن ميهار پنهنجي سهڻيءَ جي ٻڏڻ ۽ ٻوڙڻ جو ڪيس قيامت واري ڏينهن خدا جي حضور ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چئي چڪو آهي ته، ”درياءَ توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي. ”ان جي برعڪس درياءَ به ڏينهن قيام جي حضور خدا ۾ پنهنجي موجوده حالت ۾ اچڻ جو ڪيس سنڌي عوام ۽ انهن جي خلاف پيش ڪري جن صدين کان اڄ تائين سندس ڪيل خدمتن جو فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ نمڪ کاڌو آهي.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
    ڏيندس ڏينهن قيام جي. ”ان جي برعڪس درياءَ به ڏينهن قيام جي حضور خدا ۾ پنهنجي موجوده حالت ۾ اچڻ جو ڪيس سنڌي عوام ۽ انهن جي خلاف پيش ڪري جن صدين کان اڄ تائين سندس ڪيل خدمتن جو فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ نمڪ کاڌو آهي.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ڪوشش آهي توهان جي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو