• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يتيم جو ضد ڪهڙو آهي

khadim ghirano

سينيئر رڪن
سنڌي لفظ يتيم جو ضد ڪهڙو آهي سنڌ سلامت جا دوست ريسرچ ڪري ٻڌائين يا ميسيج ڪندا مهرباني 03013148220
 
جواب: يتيم جو ضد ڪهڙو آهي

سهڻا دوست، سوال ته حل طلب آهي پر منهنجي خيال ۾” يتيم لفظ سنڌي نه پر عربي آهي ۔۔۔ يتيم لفظ جي معني آهي لاوارث جنهن جو ضد آهي باوارث ۔۔۔

لاوارث معني جنهنجو ڪو وارث نه هجي ۽ باوارث جي معني آهي جنهنجا وارث موجود هجن يا وراثت وارو ۔۔۔ وڌيڪ سنڌي عربي لغت جا ماهر دوست ڪجهه ٻڌائي سگهنٿا ۔۔۔

سنڌي ۾ يتيم کي ”ڇورو“ پڻ چئجي ٿو ۔۔۔۔

هڪ چوڻي آهي ته” پي مئي اڌ ڇورو ۽ ما مئي سڄو“

آخر ۾ ائين چئجي ته اوهانجي سوال جو جواب وڃي بيهندو ” وارثن وارو“

پر معاف ڪجو جيڪڏهن انکان وڌيڪ اوهانکي ڪو جواب ملي وڃي ته اسانکي به ٻڌائجو ۽ جيڪڏهن سنڌ سلامت جو ڪو دوست وڌيڪ روشني وجهي سگهي ته واه واه ٿي ويندي ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: يتيم جو ضد ڪهڙو آهي

ادا ابڙا صاحب توهان جو جواب بلڪل درست آهي، ۽ يتيم عربي ٻولي جو الفاظ آهي، ٍنهن کي سنڌي ۾ اسان ڇورو ڇنو چوندا آهيون ۽ انگريزي ۾ Father less چيو ويندو آهي۔جنهن جي معني آهي يتيم نڌڻڪو، ( جنهن جا ماءُ پيءُ نه هجن ) نڌڻڪي جي وڌيڪ معني اهيا به آهي ته جنهن جو ڪو مٽ مائٽ نه هجي جنهن جو ڪو ڌڻي ڌوڻي نه هجي، سار سنڀال ڪرڻ وارو نه هجي يا جنهن جو ڪو وارث نه هجي ۽ بي واهو هجي، ۽ سنڌي گرامر ۾ هن الفاظ کي صفت ۾ شمار ڪيو ويندو آهي،
 
Back
Top