اسين ٿر وارا " صدام درس"

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
اسين ٿر وارا

شاعر ي . صدام درس

کائون چڀڙ پيرون اسين ٿر وارا ،
سهون ڪون ميارون اسين ٿر وارا
ڀٽائي جي بيتن جا ڪردار آهيون،
تنبوري جون تارون اسين ٿر وارا.

مارئي جيئن سچا ، روپلي جيئن دلير،
دشمن لاٰءِ ترارون اسيم ٿر وارا.

سنڌ جي جوڌن وفادارن کي کليو ٿا کيڪاريون،
ڀٽن ڀر "صدام " ڀونگا اسان جا،
ڇيلڙا ڇيڪاريون اسين ٿر وارا.
 
جواب: اسين ٿر وارا " صدام درس"

ٿر جي ماڻهن ۽ ماحول جي سٺي عڪاسي ڪيل آهي، ۽ اسانجي دعا آهي ته ٿر وارا روپلي ڪولهي جيئان پاڻ ملهائيندا رهن ۔۔۔ روپلو ڪولهي ٿر ۽ ڪارونجهر جو هڪ اهڙو ڪردار هو جنهن پنهنجي جان ڏئي سنڌ جو مان مٿاهون رکيو ۔۔۔ مون هڪ مختصر آکاڻي لکي هئي ٿر ۽ روپلي ڪولهي تي بعنوان ” روپلي سان ملاقات“ پڙهي ڏسندا ۔۔۔

روپلي سان ملاقات

شل سموري سنڌ جا سمورا نوجوان روپلا ٿي پون ته ڪاش هي موجوده انڌيرا روشني ۾ تبديل ٿي پون ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: اسين ٿر وارا " صدام درس"

محبتي، ملنسار ۽ مهمان نواز ٿري سنڌ جي سڃاڻپ ۾ سدائين اڳڀرا۔۔ لفظن جي بيهڪ ته ڪو شاعر سمجهي پر پاڻ کي خيال ۽ تصور ڀلا لڳا۔۔۔
 
جواب: اسين ٿر وارا " صدام درس"

ٿر جي ماڻهن ۽ ماحول جي سٺي عڪاسي ڪيل آهي، ۽ اسانجي دعا آهي ته ٿر وارا روپلي ڪولهي جيئان پاڻ ملهائيندا رهن ۔۔۔ روپلو ڪولهي ٿر ۽ ڪارونجهر جو هڪ اهڙو ڪردار هو جنهن پنهنجي جان ڏئي سنڌ جو مان مٿاهون رکيو ۔۔۔ مون هڪ مختصر آکاڻي لکي هئي ٿر ۽ روپلي ڪولهي تي بعنوان ” روپلي سان ملاقات“ پڙهي ڏسندا ۔۔۔

روپلي سان ملاقات

شل سموري سنڌ جا سمورا نوجوان روپلا ٿي پون ته ڪاش هي موجوده انڌيرا روشني ۾ تبديل ٿي پون ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين پڙهي ڪهاڻي ۔ تما زبردست ، تاريّخ جي ڄاڻ به ۔
واقعي مون سان به ائين ٿيو آهي ته جڏهن آئون ڪهاڻي لکي پوري ڪندو آهيان ته پو خيال ايندو آهي ته "واقعي هي ڪهاڻي مون خود لکي آهي"۔
 
جواب: اسين ٿر وارا " صدام درس"

سنڌ جي جوڌن وفادارن کي کليو ٿا کيڪاريون،
ڀٽن ڀر "صدام " ڀونگا اسان جا،
ڇيلڙا ڇيڪاريون اسين ٿر وارا.

ٿر جي ماڻهن جي ڇا ڳالهه ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي سونهن ٿر وارن کي سلام
 
Back
Top