پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ اها شڪايت ڪندا آهن ته نئين ونڊوز ڪرڻ کان بس ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ئي سندن ڪمپيوٽر ٻيهر سست ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي۔۔ ايسيتائين جو فائيل کولڻ کان وٺي نيٽ برائوزنگ تائين هر ونڊو کولڻ ۾ ڪئي منٽ لڳي ويندا آهن۔۔۔
    مون هر دفعي دوستن کي ٻڌايو آهي ته ٿيندو ائين آهي جو مختلف سافٽويئر استعمال ڪرڻ سان انهن جون غلط يا درست انٽريز رجسٽري ۾ مسئلا ڪنديون آهين۔۔ يا وري ڪيشي ڪليئر نه هجڻ ڪري يا ڀانت ڀانت جا فائيل مختلف جڳهين تي بي ترتيب رکڻ ڪري ڪمپيوٽر پروسيس جو دورانيو وڌڻ لڳندو آهي۔۔۔ ۽ ڪمپيوٽر سست ٿيڻ شروع ٿيندو آهي۔۔
    ان جا حل هوئين ته ڪافي آهي جيڪي وقت سر سنڌ سلامت تي پيش ٿيندا رهن ٿا پر ڪجهه دوست وڌيڪ آسان حل گهرندا آهن۔۔ اهڙن دوستن لاءِ مون وٽ آهي هڪ قابل، طاقتور ۽ پروفيشنل سافٽويئر جنهن ذريعي بس ڪجهه ئي ڪلڪ سان توهان پنهنجي پي سي وري اهڙو بڻائي سگهو ٿا جهڙو نئين ونڊوز ڪرڻ وقت هيو۔۔ جي ها مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان SpeedUpMyPC 2012 سافٽويئر جي۔۔۔

    [​IMG]

    هي سافٽويئر جيترو ڪم جو آهي ۔۔ اوترو ئي مهانگو به آهي۔۔ پر هميشه وانگر هن دفعي به مان توهان کي هي مفت ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ سيکاريندس۔۔۔ سڀ کان پهريان هن جي آفر پيج تي وڃو ۔۔۔

    [​IMG]

    جتي Get Your Free Product بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۔۔ جنهن کان پوءِ توهان ريڊائريڪٽ ٿي سافٽويئر پيج تي ايندو۔۔۔ پر هتي اچي توهان يقينن ڪنفيوز ٿي ويندو جو منهنجو ٻڌايل سافٽوييئر ته لڳ ڀڳ 30 ڊالرس تي ملندو جنهن سان گڏ هڪ وڌيڪ سافٽويئر مفت ملندو۔۔۔

    [​IMG]

    جي ها دوستو هي سافٽويئر پاڪستان ۾ مفت نه ٿو ڏنو وڃي۔۔ ان ڪري اسان کي چالاڪي کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ڪا پروڪسي سائيٽ کولڻي پوندي ۔۔ ان سلسلي ۾ مان توهان کي ڊيوپروڪسي سائيٽ جو مشورو ڏيندس جو اها توهان کي انگلينڊ جو يوزر بڻائيندي جتي اهو سافٽويئر بلڪل مفت پيو ورهايو وڃي۔۔۔
    ياد رهي ته پروڪسي سائيٽس خواه مخواه جون پاپ اپ ونڊوز به کولرائينديون آهن جيڪي توهان جي پي سي کي نقصان ڏئي سگهن ٿيون ۔۔ توهان کي گهرجي ته مٿين ٻڌايل پروڪسي سائيٽ استعمال ڪرڻ دوران جيڪڏهن اهي اشتهاري پاپ اپ سائيٽس کلن ته انهن کي بند ڪري ڇڏيو۔۔۔
    ان پروڪسي سائيٽ تي مٿيون ٻڌايل آفر پيج جو لنڪ پيسٽ ڪري انٽر پريس ڪريو۔۔۔ ۽ هن دفعي کلندڙ پيج تان Get Your Free Product بٽڻ دٻايو۔۔۔ جنهن سان توهان ريڊائريڪٽ ٿي سافٽويئر کي مفت حاصل ڪرڻ جي صفحي تي ايندو۔۔۔ جتان فارم فل ڪري رجسٽريشن مڪمل ڪريو بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ڪجهه ئي دير ۾ ڪمپني جي طرفان توهان کي سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ لنڪ ۽ رجسٽريشن ڪِي ميل ڪئي ويندي۔۔۔
    ته دوستو انجوائي ڪريو ۽ سموري سنگت کي آگاهه ڪريو۔۔۔
     
  2. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سائين زبردست ونڊ ڪيو اٿو مھرباني لک قرب
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    يار رشيد، سچ پڇين ته آءُ اوهانجي صلاحن تي تمام گهٽ عمل ڪندو آهيان، انڪري جو ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ ۽ ان ۾ سوفٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ کان ائين ڀئو ٿيندو آهي جيئن ڪوئو ڊڄي ٻليءَ کان ۔۔۔ پر خئير اڄ اوهانجي صلاح ورتم پهريان ته ان پروڪسي سائيٽ تي هت سعودي عرب ۾ شايد بندش پيل آهي جو ڪلڪ ڪرڻ سان ئي ڊيڄاريندڙ اشارو آيو ۔۔۔

    مون به دل نه لاٿي، اڳ هڪ سوفٽ ويئر ڊائونلوڊ ٿيل آهي هاٽ اسپاٽ ان کي کوليم ۽ پوءِ ته بس سائيٽون کلنديون ويون ۽ سعوديءَ وارن کي خبر ئي نه پئي ۽ مزي جي ڳالهه ته اهو سوفٽ ويئر به ڊائونلوڊ ڪري ورتم ۽ ڪمپيوٽر کي اسڪين به ڪري، فڪس به ڪيم ۔۔۔ بس پوءِ نعرو هينم

    جيئو رشيد

    اصل قرب ٿي ويا ۔۔۔ جڙيا هجو شال

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سائين زبردست سافٽوير شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سائين سافٽوير ته وڏي ڪم جو آھي پر خفو ڏاڍو آھي۔۔۔۔۔۔پر خفي سان ئي ته نفعو آھي، سو پاڻ ڪوشش ڪريون ٿا ڊائونلوڊ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    ادا ڪوڊڊ ڪري 0سون ٿا
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    ادا ڪوشش ڪري ڏسون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    ادا رشيد تمام سٺو ڏس پنڌ آهي

    لاجواب ونڊ آهي سائين جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  9. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سائين ڪلھ تمام گهڻي محنت بعد ڪمپليٽ رجسٽريشن وارو بٽڻ ڪلڪ ڪرڻ وارو هئس جو نيٽ سروس بند ٿي وئي هاني اسٽارٽ ٿي آ۔ ڪوشش ڪيون ٿا۔۔۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سائين واه واه! ايڪٽو به ڪري ڇڏيو، مهرباني۔
     
  11. prince

    prince
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2010
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر جي رفتار وڌائيندڙ پروفيشنل سافٽويئر ۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    ادا ڊيوپروڪسي سائيٽ ڪيئن کولبي۔مهرباني ڪري وضاحت سان ٻڌائيندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو