جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

قدرت جا رنگ به ڏسڻ وٽان هوندا آهن۔ منهنجي آفيس ۾ ٻه جاڙا ڀائر آهن ڪلوڙ برادرز ، سدائين ڪنفيوز ڪندا آهن، ٻئي هڪجهڙا ، رنگ ۽ چهرو به هڪجهڙو ۔۔۔۔۔۔۔۔ مان انهن کي نالن سان ڪيئن سڃاڻان سدائين ڏکيو رهندو آهي، اهو مونسان نه پر سندن باس سان به ٿئي۔

خير ڪجهه جاڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جون تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون :


10dbcqf.jpg


ig06JAlZgyptc.JPG


iF04HQPhz0w1R.JPG


iiPyowX46acDI.JPG


2ebcubk.jpg


36rl.jpg


dqn85h.jpg


ibohVLiIrV7V0j.JPG


2yxhjt4.jpg







 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

ڪجهه وڌيڪ تصويرون حاضر آهن:

20safch.jpg


8x9e2o.jpg


9zvc7p.jpg


xlmsnq.jpg


58rao.jpg


p1t3q.jpg












 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

ادا اهرا کوڙ مثال آسپاس آهن۔ پنهنجي پاڙيسري نواز سانگي جي پُٽن ياسر ڪاشف جا فوٽو به هتي اچڻ کپن۔
 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

منهنجا ٻه سوٽ آهن عطا محمد ۽ فتح محمد ۔۔۔ ٻئي جاڙا ڀائر آهن ۔۔۔۔ آ جڏهن ننڍو هوندو هيس ته منهنجو چاچو حڪم ڪندو هو ته نثار! وڃي عطا محمد کي سڏي اچ ۔۔۔ آ ڊوڙ پائي ويندو هيس ۽ جڏهن ٻئي گڏ ويٺل هوندا هيا ته پو ته امتحان ۾ پئجي ويندو هيس ۽ پو عطا محمد جو نالو کڻي چوندو هيس ته چاچا سڏي پيو پر جڏهن ڪو اڪيلو ملندو هو ته امتحان ٻيڻو ٿي ويندو هو ، خبر نه پوندي هئي ته عطا محمد پيو اچي يا فتح محمد، پو آ کيس ئي چوندو هيس ته چاچا سڏي ٿو اوهانکي ۔۔۔

پو خبر پوندي هئي جڏهن چاچا چوندو هو اڙي نثار! هي ته فتح محمد آهي، مون عطا محمد لئه چيو هو ۔۔۔

سو ڀائڙا واقعي الله جي قدرت آهي ۔۔۔
 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

بيشڪ سائين جاڙا به قدرت طرفان هڪ تحفو آهن

تمام بهترين ونڊ آهي سليمان صاحب

سدائين گڏ
 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

جيڪو ڪري سو منهنجو رب ڪري۔۔۔

بيشڪ ادا اهو قدرت واري جو ڪرشمو آهي۔۔۔

تمام بهترين ونڊ
 
جواب: جاڙا ڀائر يا جاڙيون ڀينرون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جو ڪرشمو

سڀ قدرت جو رنگ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻن هڪ جهڙن ۾ جي صورت جو فرق نه آهي ته سيرت جو ضرور هوندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top