سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    ٻــيلا:
    ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين درياهه جي ٻنهين پاسن تي لکين ايڪڙ ٻيلا هئا. جيڪي درياهه اندر سڄو سال لڙ پاڻي جي وهڻ خاص ڪري سانوڻي برساتن ۽ مٿان برفن جي ڳرڻ ڪري مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ جڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي دريا جا ڪچا ٻوڙي پاڻي بندن سان لڳندو هو تڏهن لکين ٽن لڙ پاڻي ۾ ايندڙ لٽ درياهه جي ٻنهين پاسن ۾ ٻيلن ڪري گڏ ٿيندي هئي. جڏهن درياهه لهي ويندو هو تڏهن انهيءَ گپ ۾ جتي مال چرندو هو اهو مال ٻٻرن جا پلڙا کائيندو هو، تڏهن انهيءَ مال جي ڇيڻي ۾ ٻٻرن جو ٻج پيل هوندو هو. جنهن ڪري هر سال لکين ٻٻر جا وڻ انهيءَ گپ ۾ پيل ٻٻر جي ٻيجي جنهن کي چيچڪا چيو ويندو آهي. انهيءَ مان اهي وڻ پيدا ٿيندا رهندا هئا. جنهن ڪري ٻيلا هميشه لکين ايڪڙن تي هوندا هئا. جڏهن کان درياهه اندر اهو وهندڙ لڙ پاڻي ڊيمن اندر جمع ڪري سمنڊ تائين پاڻي واهڻ جو قدرتي طريقو ختم ڪيو ويو آهي. تڏهن کان اهو لکين ٽن لڙ پاڻي اندر لٽ جو اچڻ بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري نوان ٻيلا ٺهڻ بند ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڪروڙين رپيه ڪميشنون وٺي بيٺل ٻيلن کي هٿرادو باهيون ڏياري لکين ٽن ڪاٺ وڍائي هزارين ٽرڪون ڪاٺ جون ٻيلن مان ڀرائي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ وڪرو ڪيون ويون آهن. جنهن ڪري ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ٻيلا هٿرادو وڍائي ختم ڪيا ويا آهن.
    لکين ايڪڙن تان ٻيلن جي وڍجڻ ڪري ۽ ڪچي ۾ سانوڻي مهينن اندر پاڻي نه اچڻ جي ڪري ڪچي جون لکين ايڪڙ زمينون ڪامورن سردارن، وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن ڪامورن کي مٺ جيترن پئسن ۾ مفت ۾ ورهايون ويون آهن. جن ناجائز قبضا ڪري باقي رهيل ٻيلا به وڍائي ختم ڪري ڇڏيا آهن.

    تـــمر جا ٻــيلا:
    سمنڊ جي ڪنارن تي جڏهن لکن سالن کان درياهه جو لڙ پاڻي وهي اچي سمنڊ ۾ ڪري ٿو. سمنڊ اندر مٺي پاڻي ڪرڻ ڪري سمنڊ جي ڪنارن تي لڙ پاڻي جي لٽ پوي ٿي. جنهن ڪري ان لٽ ۾ هزارين سالن کان تمر جا ٻيلا پيدا ٿيندا رهندا آهن. تمر جي وڻن جي خاصيت هيءَ آهي ان جون پاڙون سو کان ڏيڍ سو فٽ زمين اندر وڃن ٿيون جنهن ڪري سمنڊ پنهنجي هر سال جڳهه ڇڏيو پوئتي هٽيو وڃي انهيءَ جڳهه تي مٽي ٺهندي وڃي جڏهن کان لڙ پاڻي سمنڊ اندر وهڻ بند ڪيو آهي ڇو ته لکين ٽن لڙ پاڻي مان ايندڙ لٽ اچڻ به بند ٿي وئي آهي. جنهن ڪري تمر جا ٻيلا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن. تمر جي ٻيلن جي پيدا نه ٿئڻ ڪري سمنڊ ڌرتي ڇڏڻ بدران ڌرتي کي کائڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت ٺٽه، بدين جي سمنڊ ڪناري هيٺ 12 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. انهيءَ کانسواءِ سمنڊ جي کاري پاڻي تمر جي ٻيلن نه هئڻ ڪري سنڌ جي ٺٽه، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد مٽياري ضلعن کي کائي ويو آهي. تمر جا ٻيلا درياهه جي پاڻي نه هئڻ ڪري تباهه ٿي ويا آهن.

    مـڇــي:
    درياهه جي ٻنهي پاسن جي ڪچي اندر سوين ننڍيون وڏيون ڍنڍون جن کي مياڻيون، ترايون به چئبو آهي. انهن ڍنڍن اندر هر سال لڙ پاڻي اچڻ ڪري هزارين مڻ مڇي پيدا ٿيندي هئي. مثال طور ڄرڪا، ڦاٻونڻان، کيڳٽير، بوهڻ، سانا، ڪرڙو، موراکي، ٿيلي، منڊي ۽ گندڻ هوندي هئي جيڪا لڙ پاڻي جي نه هئڻ ڪري ختم ٿي وئي آهي. سمنڊ جي ڪنارن تي تمر جي وڻن ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌ جو پلو ۽ جهينگو هزارين ٽن پيدا ٿيندو هو. جنهن سان ڪروڙين رپيه سنڌ کي ملندا هئا. تمر جي پاڙن ۾ لڙ پاڻي نه اچڻ ڪري جهينگو ۽ پلو ختم ٿي رهيو آهي. پلو مڇي سنڌ جي سڃاڻپ آهي ڪٿي به مڇي جي ڳالهه نڪرندي ته سنڌ جي پلي جي ضرور ڳالهه نڪرندي. سنڌ جو ماڻهو پلي کان سواءِ پنهنجي پاڻ کي يتيم ٿو سمجهي.

    مـالوند ماڻهو ۽ مـال:
    درياهه جي ٻنهي پاسن تي ٻيلن اندر سنڌ جا ماڻهو پنهنجا وٿاڻ ٺاهيو ويٺا هوندا هئا. جن ۾ هزارين مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون، هزارين اُٺو مال ۽ سوين گڏهه پاليا ويندا هئا جنهن ڪري هزارين مڻ کير پيدا ٿيندو هو. هزارين مڻ گوشت پيدا ٿيندو هو. سوين ٽن اُن رڍن مان ملندي هئي. انهيءَ وقت ٻيلن ۾ سڀ مال کليو پيو چرندو هو جنهن جو کاڌو ٻٻرن جا پلڙا، ٻوري ۽ ٻيو سائو گاهه هوندو هو. جنهن ڪري مينهن چاليهن ڏينهن ۾ فربي هئي هر سال وڇ يا پاڏو ڄڻيندي هئي هن وقت ٽن سالن ۾ هڪ ڦر ڏئي ٿي ڍڳي به هر سال هڪ ڦر ڏيندي هئي هن وقت ٽن سالن ۾ هڪ ڦر ڏين ٿيون. اٺ ٻن سالن ۾ ڦر ڏيندا هئا. جي هاڻ 5 سالن ۾ ڦر ٿا ڏين. گڏهه هر سال ڦر ڏيندا هئا. جي هاڻ ٽن سالن ۾ ڦر ڏين ٿا. انهيءَ ڪري هن وقت ڳائي مال، اٺي مال ۽ گڏهن جو نسل ختم ٿيندو وڃي باقي ٻاڪرو ۽ ريڍو مال جنهن کي به چُڙن جي جُوءَ نه آهي انهيءَ ڪري فقط ٿر ۽ ڪوهستان تائين وڃي رهيا آهن مينهن کي به هن وقت واڙن تائين محدود ڪيو ويو آهي. جتي کير ڏيڻ کان پوءِ مينهن کي ڪوسڙ جي مال ۾ ڪُهايو ڇڏين جنهن ڪري انهن جي به واڌ گهٽجي وئي آهي.
    سنڌ اندر نقصان هي ٿيو آهي جو سنڌ اندر کير 10 رپيا مان وڌي 40 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي. گوشت 60 رپيا ڪلو مان 250 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي آهستي آهستي اهو گوشت ۽ کير به گهٽجي ويو آهي ۽ ٻاهران گهرائڻو پوندو.
    انهيءَ کان سواءِ هرڻ، ڦاڙهو ۽ ٻيا جانور ختم ٿي ويا آهن ٻيلن اندر پکي، ڳيرو، وهيو، بلبل، ڪوئل ۽ جهرڪيون وغيره ختم ٿي ويا آهن. انهيءَ کانسواءِ جيت ڀنڀوريون، کڙکٻتا، ڀونئر ۽ پوپٽ به ختم ٿي ويا آهن نقصان هي ٿيو آهي ته اهي پکي ۽ جيت جڏهن فصل ٿيندا آهن. انهن مٿان ٻيا نقصانڪار جيت حملو ڪندا آهن تڏهن هي پکي ۽ جيت انهن تي حملو ڪري کائي ويندا آهن. هن وقت انهن پکين ۽ جيتن جي نه هئڻ ڪري فصل نقصانڪار جيتن حوالي آهن. آبادگار هزارين روپين جو دوائون پيا استعمال ڪن پر فصل بچائي نٿا سگهن.

    دريــاهه جـو پيـٽ:
    جنهن درياهه ۾ ٻارهو پاڻي درياهه جي سير وٺي وهندو هو تڏهن درياهه جي پيٽ اندر هر وڻ ٻوڙي يا واريءَ جي دڙي کي لوڙهي ويندو هو سندس پيٽ بلڪل صاف هوندو هو. هن وقت درياهه جي پاڻي کي ڊيمن ۾ بند ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سڄو سال درياهه جو پيٽ سڪو پيو آهي. جنهن ڪري درياهه جي سير اندر پيٽ ۾ وڏا ٻيٽ ٺهي ويا آهن. جڏهن پاڻي وهندو هو تڏهن درياهه جو پيٽ زرعي زمين کان هيٺ هوندو هو. پر هاڻ درياهه جو پيٽ سندس بچآئون بندن کان به ڪٿي ڪٿي مٿي آهي. نقصان هي ٿيندو ته جڏهن به پنج يا ڏهه سال کان پوءِ ڪا وڏي ٻوڏ ايندي ته درياهه سير وٺي وهڻ بدران ٻيا رستا ڳوليندو. درياهه پنهنجو پاڻي پاڻ جهلي نه سگهندو.

    درياهه تـي ٻڌل بچآئون بنـد:

    جڏهن درياهه جو پاڻي بچآئون بندن سان هر سال لڳندو هو. تڏهن بچآئون بندن جيڪو به سيمو پيدا ٿيندو هو. اهو جلدي بند ڪري سڄي بند تي چار مهينا ڇٽڪارون ڪري مٽي وجهي بند کي هر سال مضبوط پيو ڪبو هو. پر هن وقت بندن سان پاڻي نه لڳڻ سندس سيمي جي ڪابه به خبر نٿي پوي نه مٿس ڇٽڪار ٿي ٿئي نه سندس مرمت ٿي پر ڪروڙن رپيا ڪاغذن ۾ لکجن ٿا اهي ڪامورن ۽ حڪمرانن جي حوالي ٿيو وڃن جنهن ڪري اهي بند ڪو به وڏو درياهه جو وهڪرو جهلي نه سگهندا ۽ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ جڏهن به ڪا وڏي ٻوڏ ايندي تڏهن هن درياهه جي پيٽ ۾ وڏا ٻيٽ ٺهي ويا آهن. درياهه جي ٻنهي پاسن جي پلين کي تباهه ڪري ختم ڪيو ويو آهي درياهه جا بند مضبوط نه آهن، جنهن ڪري اها ٻوڏ سڄي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندي جنهن ۾ لکين ايڪڙ فصل ٻڏي ويندا سنڌ جا درياهه جي ڪنڌي وارا شهر جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول ۽ ٻيا ننڍا وڏا شهر ٻوڏ هيٺ اچي ويندا جنهن جو ڪو به بچآئون نه آهي.

    دريـاهه تي ٺهيل بـئراج:
    سکر بئراج، گڊو بئراج، ڪوٽري بئراج، گڊو بئراج جو لڳ ڀڳ وهڪرو 15 لک ڪيوسڪ هو جو هاڻ گهٽجي 10 لک ڪيوسڪ تائين آهي. سکر بئراج جو وهڪرو اڳ 14 لک ڪيوسڪ هو جو هاڻ گهٽجي 8 لک ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج جو اڳ وهڪرو 10 لک هو جو هاڻ گهٽجي 7 لک ڪيوسڪ تي پهتو آهي، انهيءَ حالت ۾ جڏهن 15 لک ڪيوسڪ ٻوڏ جو وهڪرو ايندو. تڏهن سنڌ جو ڪو به بئراج سلامت رهي نه سگهندو انهيءَ جو علاج اهو آهي ته درياهه اندر پيٽ ۾ ٺهيل ٻيٽ کاٽي کڻي صاف ڪيا وڃن ۽ درياهه اندر سمنڊ تائين پاڻي ساليانو ڇڏيو ويو جيئن درياهه جي پيٽ ۾ ٻيٽ نه ٺهن ۽ بچآئون بندن کي هر سال مضبوط ڪيو وڃي. ڪچن اندر وري ٻيلا پوکڻ شروع ڪجن.

    سمنـڊ کان اينـدڙ طوفـان ۽ ويرون:
    جڏهن تمر جا ٻيلا هئا اهي سمنڊ جي طوفان ۽ تيز ويرن کي روڪيندا هئا. تمرجي ختم ٿيڻ سان انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. جنهن ڪري ٺٽو ۽ بدين ضلعا ويرن جي ور چڙهي تباهه ٿي ويندا طوفان سڄي سنڌ کي خاص ڪري ڪراچيءَ، حيدرآباد، نوابشاهه تائين سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيندو جنهن ڪري اکين جون بيماريون، الٽيون، دست ۽ ٻيون بيماريون ٿينديون.

    سنـڌ ۾ پـوندڙ برساتـون، انهن جا اثـر ۽ ماحوليات:
    جڏهن درياهه سڄو سال وهندو هو. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين لکين ايڪڙ ٻيلا هئا. جڏهن سڄي سال وقت به وقت خاص ڪري سانوڻي مينهن ۾ سڄي سنڌ ۾ برساتون پونديون هيون جن ڪوهستان ڪاڇو ۽ ٿر سڄو وسندو هو جتي مختلف گاهه ۽ فصل ٿيندا هئا. سانوڻي جا مهينا ڀاڳيا پنهنجا مال ڪاهي ڪوهستان ويندا هئا. انهيءَ ڪري سڄي سنڌ جا فصل جيتن جي بيمارين کان برسات جي وسندڙ پاڻي ۾ ڌوپي صاف ٿي ويندا هئا. انهيءَ ڪري بنا ڀاڻ ۽ بنا دوا جي سنڌ جا سڀ فصل جهڙوڪ؛ ڪڻڪ، ڦٽي، ڪمند، تيلي ٻج، آرڻ ڀلا ٿيندا هئا. سڄي سنڌ ڪوهستان کان وٺي ٿر تائين. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين خوشحال رهندي هئي. ڪوهستان ۽ ٿر ۾ برساتن جي پاڻي سان ڀريل ترايون ڍنڍون ڀرجي وينديون هيون. جنهن ڪري سڄو سال ماڻهو مال پکي پکڻ خوش رهندو هو. هن وقت جڏهن ٻيلا ختم ٿي ويا آهن. سنڌ اندر برساتون پوڻ بند ٿي ويون آهن. جنهن ڪري ڪوهستان، ٿر ۽ ڪاڇو جن جو برساتن کانسواءِ ٻيو آبادي جو ڪو به وسيلو نه رهيو آهي. اهي تباهه ۽ هميشه ڏڪار هيٺ آهن . هنن علائقن ۾ نه پيئڻ جو پاڻي آهي نه کائڻ لاءِ ان آهي انهيءَ ڪري هتي جي ماڻهن پنهنجا مال وڪڻي ٻچا پاليا آهن. هي علائقا جيڪي هميشه سکيا ستابا هئا. اهي اڄ برساتن نه پوڻ ڪري ويران آهن ۽ درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري اڳي سنڌ جون هوائون ٿڌيون هونديون هيون اهي گرم ۽ سرد رهن ٿيون جنهن ڪري سنڌ ڪيترن ئي بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي. سڄي سنڌ جي موسم جيڪا هميشه خوشگوار رهندي هئي اها موسم اهڙي وڃي ٿي آهي جو هاڻ حيدرآباد جي ڄامشوري پل تي ٿڌي هوا بدران واري اچيو منهن ۾ پوي.

    سنـڌ اندر ٿيندڙ فصل:
    جڏهن درياهه ۾ پاڻي هوندو هو درياهه جا ڪچا علائقا ٻڏندا هئا. لکين ايڪڙ ٻيلا هوندا هئا جنهن ڪري سڄو سال برساتون پونديون هيون. انهيءَ وقت ڪوهستان ۾ تر، ٻاجهر، جوئر، چونرا، مهر، مٽر، مڱ ۽ آرڻ جن ۾ ميها، ونگا، گدرا ۽ ڇانهيون ٿينديون هيون. ٿر ۾ جوئر، ٻاجهر، تر، گوار ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا. ڪچي ۾ تر، مهر، مٽر، چونرا، چڻا، گدرا، ڇانهيون ۽ گاهه ٿيندا هئا. ڪاڇي ۾ مٿيان سڀ فصل ٿيندا هئا. جن ڪري هزارين مڻ داليون، هزارين مڻ ٻاجهر، جوئر ۽ ترن جا فصل لهندا هئا. جنهن ڪري سڄو سال سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا، ان پنهنجا ٻوڙ ۽ داليون هونديون هيون. جيڪي هاڻ ڪوهستان، ڪاڇي، ۽ ٿر ته ٺهيو پر سنڌ وچولي ۾ به اهي فصل مشڪل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ پنهنجي ضرورت کانسواءِ هزارين مڻ ٻاهر موڪليندي هئي. اها سنڌ هزارين مڻ داليون وغيره ٻاهران پئي گهرائي سڄي سنڌ جي زمين پنهنجي درياهه هوندي به ويران ۽ تباهه ٿي رهي آهي.

    ٻـوڏون:

    هزارن سالن کان وٺي موسمون بدلجنديون رهيون آهن. هن وقت جڏهن سڄي دنيا اندر ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ آهي جنهن ڪري موسمن جي ڪابه خبر نه ٿي رهي ته ايندڙ سال ڇا ٿيندو؟ ڏٺو هي ويو آهي ته پاڪستان اندر هر پنجن کان ڏهن سالن اندر ٻوڏون ٿينديون آهن. هن کان اڳ درياهه جو پيٽ پاڻي کڻندو هو، ڪچي جا ٻيلا پاڻي جي تيز وهڪرن کي روڪيندا هئا، درياهه جا بچآئون بند انهيءَ لائق هوندا هئا. جو انهن ٻوڏن جي پاڻي کي روڪي سگهندا هئا. درياهه تي ٺاهيل بئراج پاڻ مان ٻوڏن جي پاڻي لنگهائڻ جي سگهه رکندا هئا. هن وقت جڏهن درياهه جو پيٽ ٻيٽن جي شڪل وٺي واري جي دڙن م تبديل ٿي ويو آهي. ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، بچآئون بند تباهه حالتن ۾ آهن. بئراجن ۾ پاڻي جي نيڪال ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي. انهيءَ صورت ۾ جڏهن ڪا اهڙي ٻوڏ آئي ته سنڌ جو ڪهڙو حشر ٿيندو اهو سڀني جي اکين اڳيان آهي.
    خدانخواسته جي ڪو به بئراج ٽٽي پيو ته اهڙو بئراج ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺهندو اهو ممڪن نه آهي جو درياهه تي ٻڌل بچآئون بند جيڪي پنهنجي اڳئي حيات پوري ڪري چڪا آهن انهن جي ٽٽڻ سان سنڌ اندر ڪهڙو حشر ٿيندو. اهو به ظاهر پيو آهي اهي پنج سو ميل درياهه جا بند وري ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺهندا هئا. اها به خبر نه آهي. حڪمرانن کي سنڌ ۽ سنڌ جا مسئلا، سنڌ جي تباهي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هنن کي فقط چند ڊيم ٺاهي. ڪجهه جنرلن جون زمينون آباد ڪرڻ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ايس ايم ظفر صاحب جو ”جيو ٽي وي“ تي چوڻ هو ته هي پاڪستان مثالي ۽ جينويئن آهي. هاڻ جي اهڙن قانوندانن به ڏسي واسي اکيون پوريون ته سنڌي ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    هن پاڪستان کي ڪهڙي نظر سان ڏسڻ گهرجي. هاڻ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ناهي ته سنڌي ماڻهو جيڪي رڙيون ڪن پيا اهي سچا آهن يا ايس ايم ظفر جهڙا ماڻهو جيڪي غلط بياني پيا ڪن.

    ڪچي، ڪوهستان، ٿر ۽ ڪاڇي جي ماڻهن جو روزگار!
    جڏهن درياهه وهندڙ هو ڪچو، ڪوهستان، ٿر ۽ ڪاڇو سرسبز آباد هئا. هڪڙي طرف آباديون هونديون هيون ٻئي طرف هزارين مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍُون ۽ اُٺو مال هوندو هو. جن مان سنڌ جي ماڻهن کي کير، مکڻ ۽ لسيون ملنديون هيون ٻيلن مان ماکيون، هرڻ، ڦاڙها ۽ سها مفت ۾ هنن وٽ موجود رهندا هئا. انهيءَ کانسواءِ سياري ۾ روس جي سائيبريا کان ايندڙ هزارين ولر پکين جا هنن ڍنڍن، ڍورن ۾ لهندا هئا. انهيءَ سان گڏ سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ لهندا هئا. انهيءَ سان گڏ انهن جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ بيهه، پٻڻ ۽ لوڙهيون ٿينديون هيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ساڳ جهڙوڪ ساڳ، مريڙيون، للِر، چڻن جي پلي، ڄانڀي جو ساڳ، سَرنهن جو ساڳ ۽ ٿر ۾ خاص ڪري ڇپڙ ٿيندا هئا. جن جي ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪوهستان م هجن يا ڪاڇي ۾ هجن. ڪچن ۾ هجن يا ٿر ۾ هجن. وچولي سنڌ ۾ هجن هنن کي ڪنهن به شيءِ جي بک ڪانه هوندي هئي. پر هن وقت جڏهن درياهه به ويران آهن. ٻيلا به تباهه ڪيا ويا آهن برساتون به نه ٿيون پون. سنڌي ماڻهو اڳ پنهنجي ڍڳن سان هٿ جو پورهيو ڪندا هئا. انهن ڍڳن جو نسل به ختم ٿي رهيو آهي. تڏهن مجبورن هزارين رپيا ڏيئي ٽريڪٽر وهائين ٿا سو به وچولي سنڌ ۾ باقي سنڌ جا ٻيا حصا تباهه ٿي ويا آهن، مهانگائي جي ڪري سندن فصل قرضن جي حوالي ٿيو وڃي. هاڻي ڪوهستان، ٿر، ڪچي، ڪاڇي ۽ سمنڊن جي ڪنارن جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟؟ درياهه جي نه وهڻ ڪري مڇي ماريندڙ ڪچي جا هزارين خاندان پريشان آهن. جيڪي سمنڊ جا جهينگا وڪڻي ڪمائيندا هئا. اهي هاڻ ڇا ڪن؟ حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ جي سڀني علائقن جي ماڻهن جي هٿرادو پيدا ڪيل مسئلن کي حل ڪن يا ماڻهن مان هٿ ڪڍن ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن.
    آخر ۾ آئون ايترو چوندس ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي درياهه ڏنو وڃي جيئن وري درياهه سڄو سال وهي، ڪچا ٻوڙي، ٻيلا پيدا ڪري، برساتون وسائي. ڪوهستان، ڪچو، ڪاڇو، ٿر ۽ وچولو سرسبز ۽ آباد ڪري، سنڌ جي شهرن حيدرآباد، ڪراچيءَ، ميرپوخاص ۽ سکر ۾ مزدوري ڪرڻ، واپار ڪرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ، علاج ڪرائڻ، شهرن ۾ پنهنجو پاڻ کي چونڊرائڻ ۾ حصو وٺن پنهنجي شهرن جا مالڪ پاڻ آهن ۽ ڏسڻ ۾ اچن.
    هن کان اڳ جن ڪامورن ، سياستدانن ۽ حڪمرانن ٻيلا ڪٽايا آهن. ڪچي جي زمين تي قبضا ڪيا آهن. درياهه جي بچآئون بندن جا کربين روپيا هڙپ ڪيا آهن. جن ماڻهن پاڪستان جا ڪوڙا نظريا ٺاهي مارشلائون مڙهي ڏنڊي جي زور تي حڪومتون ٺاهي سنڌ کي غلام رکيو آهي سنڌ جا وسيلا سنڌ اندران پاڪستان جي ٻين علائقن تي خرچ ڪيا ويا آهن. انهن تي اقوام متحده جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙي انٽرنشنل قانون مطابق ڪيس هلائي سزائون ڏنيون وڃن. اهي کربين روپيا وصول ڪري سنڌ کي ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي ماڻهن مٿان جيڪا دهشتگردي ۽ ڦرلٽ ڪئي ويئي آهي. انهن سمورن ظلمن جو حساب ورتو وڃي ۽ سنڌ کي ريگستان بنائڻ وارن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي سنڌ کي سرسبز ۽ شاداب ۽ خوشحال بنايو وڃي.

    روزانه ”عبرت“ اخبـار 5 اپريل 2008
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    زبردست ادا ابو زين۔۔۔۔۔

    ادا جيڪي اوهان ٻيلن ۽ سنڌو درياهه جي مڇي جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔۔ سچ پڇو ته اها حقيقت آهي۔ سائين ڪچو اسان جي ڳوٺ کان تمام ويجهڙو آهي۔ اسان سڀئي دوست ننڍپڻ ۾ ڪچي ويندا هئاسين ۽ اتان موٽندي ڪڏهن ڪڏهن چڻن جو ساڳ ته ڪڏهن مٽرن جو ساڳ يا ته وري ڪڏهن برساتن جي موسم ۾ اتي کونڀيون پٽڻ ويندا هئاسين۔۔ ڪچي ۾ ڪافي ساريون پوکون ٿينديون هيون جڏهن ڪچو وهي ايندو هئو يعني درياهه چڙهي ايندو هو۔۔۔ اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ولي الله جو آهي جن جي مزار انهي بچاءُ بند کان هيٺ ڪافي ويجهو درياهه جي آهي۔۔ جنهن جو نالو سيد ناصر حسين شاه لڪياري آهي۔ اسان پنهنجي سانڀر ۾ 1988 واري وڏي ٻوڏ ڏٺي جنهن ٻوڏ ۾ پاڻي اصل بند جي برابر اچي پهتو هئو۔ ڳوٺ وارا سڀ ماڻهو اتي ويندا هئا۔۔۔ ۽ اتان جي ملاح ٻيڻيون ڪاهي اتي جي ماڻهن کي سائين سيد ناصر حسين شاهه لڪياري جي زيارت ڪرائيندا هئا۔۔۔ جڏهن پاڻي وڻن جي چوٽين جيترو پهچي ويو تڏهن به سائين جي ارد گرد مزار جي تقريبا 25 کان 50 فوٽ پري تائين پاڻي نه ايندو هئو اها ان سيد بادشاه جي ڪرامت کڻي چئو يا ڪي دوست ان ڳالهه کي مڃن يا نه پر منهنجي اکين ڏٺي ڳالهه آهي۔۔ سائين بس اوهان جي اها پوسٽ پڙهي ته ڪجهه يادو تازه ٿي ويون اڪثر درياهه واهڙ واري ڍنڍ مان اسان مڇيون پڪڙي ايندا هئاسين۔۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ابوزين اوهان کي جس هجي جو وقت ڪڍي هيترو مواد فورم تي مهيا ڪيو اٿو الله توهان کي خوش رکي
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    ادا ابوزين ناياب معلومات ڏيڻ جي مهرباني۔
     
  5. blackout3577

    blackout3577
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    dear brothers,
    the case of water has been the main issue for us sindhis since long time and as we know our pimps in the national assembly only talk and don't take action on this matter. they are happy only with the price of there silence .take the case of Murad ali shah forget other issues even in his constituency he has failed to give relief to the general public on SHAH's has been getting the befits of him being a part of the government. and he is to be the irrigation and agriculture minister.another expample is PIRU mazhar the same issue... noting has been come in notice in DADU city that had given relief to the general public.
    shame on them and they call them selves as sindhis.
    they are to be PIMPs of sindhs not sindhis
     
  6. blackout3577

    blackout3577
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    جئ سنده ديش
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    سدا جيئي سنڌ؛
    ادا بليڪ آئوٽ، اوهان ته اسانکي ڊيڄاري ڇڏيو، اوهانجو نالو ڏسي، خوف طاري ٿي ويو ته الائجي ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر جڏهن اوهانجو هي انگريزي ليک پڙهيو ۽ هيٺ وري سنڌ جو نعرو ته اصل دل باش باش ٿي وئي ته نه يار! همراه پنهنجو آهي ۔۔۔

    سڀ کان پهريان ته اوهانکي ڀليڪار، انکانپوءِ اوهانکي عرض ڪبو ته اوهان پنهنجو تعرف ڪرايو ته جيئن سنگت کي خبر پئي ته هي بليڪ آئوٽ سنڌ دوست آهي ڪو اوپرو يا ڪو انگريز ناهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اهڙن نالن سان ڪجهه انگريز دوائون کپائڻ ايندا آهن ۔۔۔

    اوهانجي ڳالهه سان سهمت ٿيندي ايئن چئبو ته؛
    ڪاتيءَ ناهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾۔۔۔ پنهنجي ئي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ شامل آهن ۔۔۔ هاڻ شڪايت ڪجي ته ڪنهن سان ڪجي ڌارين سان يا پنهنجن سان ۔۔۔ پر الله مالڪ آهي، سئو ڏينهن چور جو هڪ ڏينهن ڀاڳئي جو “ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار ۔۔۔

    هڪ ٻيو عرض ته اوهان مهرباني ڪري سنڌي لکڻ سکي وٺو ته جيئن اوهان سان ڪچهريون ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته هي فورم نج سنڌي زبان جو آهي، جنهن ۾ اسين هڪٻئي سان سنڌ جا سور پنهنجي ٻوليءَ ۾ ونڊ ڪري هڪٻئي جي رهبري ڪندا آهيون ۔۔۔ اوهانکي به ڀليڪار اچو ته پنهنجي ٻوليءَ سان نڀائيندي اڳتي وڌون ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    سائين توهان جو هي مضمون مون کي تمام گهڻو پسند آيو۔ جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، هن مضمون کي مون پنهنجي مضمون ( سنڌو درياء هڪ ڪهاڻي هڪ داستان ) سان ساڻ ونڊ ڪري رکيو آهي۔ ۽ توهان ڏسندو ته انهن وڊيوز ۾ پڻ سنڌو درياء جي ماضي ۽ حال بابت سٺي معلومات ڏني وئي آهي۔
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    ادا بليڪ آئوٽ، ٻيلي ڏاهو ٿي نالو ته ڪو سٺو رکين ها اسان چيو ته اچي ويوڪو حملو ڪرڻ وارو۔
    سائين نثار چواڻي ڪجهه پنهنجي باري ۾ لکندا ته جيئن سنگت کي توهان جي باري ۾ ڪجهه خبر پوي
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,414
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    سنڌو دريا ته هاڻ ماڻهون ٻوڙي پيو علي قاضي 21 جنوري وارو ڏينهن ته ملرايو پر هاڻ ماڻهون گهڻي پاڻي کان تنگ آهن
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنـڌو دريـاهه جـو ڪيــس

    الله رحم ڪندو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو