سنڌو تنهنجي سڏ تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاعري ۔ صدام درس

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
سنڌو تنهنجي سڏ تي
شاعري............. صدام درس

سنڌو تنهنجي سڏ تي اچي پهتا آهيون، تنهنجا ٿڃ پياڪ آهيون،
اڃان ستا ناهيون ، تنهنجي ويرين لئه اڄ به ترارن کان تکا آهيون ،
دشمن سان اک ۾ اک آ، ٻرن ۾ لڪيا ناهيون،
بنجي روپلا ڪسجو ن پيا ، ٿي غدار جهڪيا ناهيون،
رڳو تنهجون موجون گهرجن ”هنن“ جيئن بکيا ناهيون ،
”صدام “ هو يزيدي ٽولا پر اسين حسين ٻچا آهيون.
 
جواب: سنڌو تنهنجي سڏ تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاعري ۔ صدام درس

واه واه جوڻيجا صاحب بهترين شاعري شيئر ڪئي اٿو۔

اميد ته اهڙيون سهڻيون ونڊون ونڊيندا رهندا
 
جواب: سنڌو تنهنجي سڏ تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاعري ۔ صدام درس

واهه ادا

اسان کي اهري اتساهه واري شاعريء جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ پر ان سان گڏ عمل ضروري آهي۔
 
Back
Top