دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! ڪيترن سالن کان گهر وارا (خاص ڪري مون واريون ڌيئرون فرمائش ڪنديون آهن ته “ بابا! اسين ڪڏهن ريل جو سفر نه ڪيو آهي، اهو تجربو ڪرڻ گهرجي”

    منهنجي دل به تمام گهڻو چاهيندي آهي ته ڪيڏانهن ڊگهو سفر ڪجي ته ريل ۾ ڪجي، ڇاڪاڻ ته ريل جي سفر جو لطف ئي پنهجو هوندو آهي ... هن دفعي جڏهن سنڌ آيس ته سوچيم ته ريل ذريعي ٻيو نه ته ڪراچيءَ کان روهڙيءَ تائينءَ جو سفر ضرور ڪندس، پر جڏهن ڪراچيءَ پهتس ته هر روز ريل جي دير اچڻ ۽ وڃڻ جو خبرون، مسافرن جي پريشاني ۽ ريلوي انتظاميه جي بي وسي ۽ ريلوي جي وزير جي شڪل ڏٺم ته سمجهي ويس ... پاڻ سان ڳالهائيندي چيم ته “ نثار! ڇو ٿو پاڻ کي ڏچي ۾ وجهين، اسٽيشن ته 12 ڪلاڪن جي انتظار کان سٺو آهي ته روڊ ذريعي 8 ڪلاڪن ۾ وڃي لاڙڪاڻي آرام سان پهچبو” ۽ پوءِ مون توبهه ڪئي سنڌ جي ريل ۾ سفر ڪرڻ کان ....

    دوستو! چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن دوست يا رشتيدار کي آزمائڻو هجي ته ان سان گڏ سفر ڪجي ... پر آءُ چوندو آهيان ته جيڪڏهن ڪنهن قوم يا ملڪ کي ۽ انجي ترقيءَ جي رفتار کي ڏسڻو هجي ته انجي سفري نظام ۾ سفر ڪجي ... سو اچو ته قومن جي ترقيءَ جا ڪجهه ثبوت هنن فلمن مان لڳائي ڏسون ته ڪيئن نه هو پنهنجي قوم کي سٺيون سفري سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن، انهن جي صفائي سٿرائي، انهن ۾ موجود خدمتون ۽ سهولتون ۽ قوم جي آرام ۽ وقت جو ڪيترو نه خيال رکيو وڃي ٿو ... پاڻ انصاف ڪريو، هي وڊيو ڏسي پوءِ پنهنجي ملڪ جي نظام تي سوچي ٿڌو ساه ڀريو ... آءُ ته چوان ٿو ته حياوَ ۽ شرم وارن لئه ٻڏڻ جو مقام آهي ...

    مونکي حيرت ٿيندي آهي سنڌي قوم جي ڏاهن، سياستدانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن تي ته سنڌ ايترن گهڻن وسيلن سان مالا مال آهي پر پوءِ به زندگيءَ جو گاڏو هڪ سست رفتار ڍڳي جيئان آهي، جيڪو چهبڪ جي آواز تي ٿوري دير هلي وري پير پيران ٿيو وڃي ... پر اسانجا معتبر سياستدان، ڏاها، پڙهيل لکيل ۽ پاڻکي قومي باز سڏرائيندڙ پنهنجي قوم جي وارثي ته ٺهيو قوم جو ٻيڙو ائين ٻوڙي رهيا آهن جيئن ٽائٽنڪ جهاز ٻڏو هو ...

    خئير مون هو وڊيوز اوهانکي ڊيڄارڻ لئه نه صرف ٻين قومن ۽ پنهنجي قوم جي ترقيءَ واري رفتار ڏيکارڻ لئه پيش ڪريانٿو ... بسم الله ... پاڻ ڏسو


    روس کان فرانس تائين





    جرمنيءَ کان لنڊن تائين



    لنڊن کان فرانس تائين



    چين جي تيز رفتاري



    جاپان جي گولي



    آسٽريليا جي ريل



    ڪئناڊا جي پهاڙي ريل



    ۽ آخر ۾ ريل ۽ انجي تاريخ جا سونهري ورق ....



    دوستو! وڌيڪ پاڻ انصاف ڪريو، مون وٽ ته ڪي لفظ ڪونهن ته دنيا جا ماڻهون ڪهڙي زندگي ٿا گهارين ۽ پاڻ ڪهڙي ...؟؟؟؟؟ سوچيو سوچيو ... ڪجهه لفظ ملي وڃن ته مونکي به ٻڌائجو ....

    هاءِ ڙي سنڌ تنهنجا ڀاڳ ..... سڙي وياسون پنهنجن جي جهالت ۽ پاڪستان جي اشتراڪ ۾ .... هاءِ ڙي سنڌ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    مهربانيون سائين سهڻي شيئرنگ جون

    اوهان روڊ رستي سفر ڪري صحيح فيصلو ڪيو هو ، نه ته ريل جي آسري تي اسان سان به ڳوٺ ڪونه ملي سگهو ها۔ دنيا جي ترقي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وڃن ۽ هيڏانهن اسان وٽ ريلون وڃن بيهنديون۔

    هر ريل جو پنهنجو انداز ۽ خوبصورتي پر ڪئناڊا واري پهاڙي ريل به واهه جو وڻي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    مهربانيون سائين سهڻي شيئرنگ جون

    اوهان روڊ رستي سفر ڪري صحيح فيصلو ڪيو هو ، نه ته ريل جي آسري تي اسان سان به ڳوٺ ڪونه ملي سگهو ها۔ دنيا جي ترقي ڏسي ڏندين آڱريون اچي وڃن ۽ هيڏانهن اسان وٽ ريلون وڃن بيهنديون۔

    هر ريل جو پنهنجو انداز ۽ خوبصورتي پر ڪئناڊا واري پهاڙي ريل به واهه جو وڻي۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    منهنجو ء رشيد جو اڪثر ڳوٺ اچ وڃڻ ٽرين ۾ ٿيندو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ويجهر ۾ انهن ٽينن مون سان اهڙي ڪئي جئين ٻرڙِ ۡي ڪئئِ هئي ٻاڙڻ سان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 6 ڪلاڪن جو سفر مون 14 ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اصل توبه ڪيم هاڻ ته ٽرينن تي سفر ئي ڪون ڪريان ۔۔۔۔۔۔۔ پر ٽرينون آهن ڪٿي ؟؟؟؟؟

    سائين ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي اهڙن ادارن کي ڏسي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ته سوچي به نٿو سگهان ته هڙا ادارا نقصان ۾ وڃي سگهن ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو کير جي رکواليء تي ٻلا ويٺا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بدذوق جي هٿ ۾ باغ وريو هن منهنجي چمن جو ڇا ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    اڙي ادا عرس پريا صاحب، ٻلو يا بلو+ر مڙئي ڳالهه ساڳي آهي ۔۔۔

    اسانجي ملڪ ۾ روڊن تي هلندڙ بسون ۽ ٽرڪون جيڪي اڪثر پٺاڻن جون آهن، انهن جو ڪاروبار وڌائڻ لئه ريل جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو ۔۔
    تيل جي ڪميشن کائڻ لئه بجليءَ جا ٻيا سستا ذريعا پوئتي رکيا ويا يا وري انهن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ڪيو ويو ۔۔۔
    پنهنجو لوهه کپائڻ لئه اسٽيل مل جو خانو خراب ڪيو ويو
    وغيره وغيره وغيره

    مطلب ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسانجا مسلمان ڀائر ايترا ته ايماندار ۽ قوم سان سچا آهن جو ٻي مسلمان جي ماءَ ڀيڻ هڪ ڪيو ڇڏين ۔۔۔ روئڻ روئجي ته ڪنهن ڪنهن تي روئجي ۔۔۔۔ الامان

    لعنت هجي قوم جي غدارن ۽ ڌاڙيلن تي ۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    ها ادا سليمان ۔۔۔ ڪئناڊا واري ريل ڏسي دل ٿو چئي ته اڄ ئي ڪئناڊا جو سفر ڪجي ۔۔۔ پر جيئن دل چوي تيئن کيسو ٻولي ته پوءِ ڇا چئجي؟

    ها اها ڳالهه به صحي ڪئي اٿوَ ته جي ريل تي چڙهجي ها ته اوهان تائين پهچندي پوڙها ٿي وڃون ها ۔۔۔ ۽ اوهان شادي ڪري ٻن ٻارن جا پيءُ به ٿي وڃو ها ۔۔۔ الله بچايو جو اهو ارادو ترق ڪيوسون ۔۔۔ لک شڪر
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    اڄ جي تازي خبر آهي ته، پاڪستان ريلويز کي ڊيزل جي نه ملڻ سبب گهڻائي ريلن جي لوڪو شيڊ جي حوالي ڪئي ويندي ۔۔۔

    آهي ڪا ڳالهه ۔۔۔َََ!!!!! دنيا وڃي اوڀاري ته پاڪستان جو نظام وڃي لهنوارو ۔۔۔

    دنيا جون قومون پنهنجي عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ لئه رات ڏينهن نيون نيون ايجادات ڪري رهيون آهن، ۽ پاڪستان ۾ موجود سهولتن جو به ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي ۔۔۔

    واه ڙي پاڪستان، اڳتي اڳتي ڏسو ته ٿئي ڇاٿو؟؟؟؟؟
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    تازو اٽلي وارن پڻ هڪ ريل جو افتتاح ڪيو آهي، جيڪا اٽلي جي شهرن ۾ تمام آسائشن سان ماڻهن کي اچ وڃ جون سهولتون مهيا ڪندي

    پاڻ ڏسو

    ]
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: دنيا جون قومون ۽ ترقيءَ جو سفر؛

    ادا نثار صحيح ٿا فرمايو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو