نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! ڪيترن سالن کان گهر وارا (خاص ڪري مون واريون ڌيئرون فرمائش ڪنديون آهن ته “ بابا! اسين ڪڏهن ريل جو سفر نه ڪيو آهي، اهو تجربو ڪرڻ گهرجي”
منهنجي دل به تمام گهڻو چاهيندي آهي ته ڪيڏانهن ڊگهو سفر ڪجي ته ريل ۾ ڪجي، ڇاڪاڻ ته ريل جي سفر جو لطف ئي پنهجو هوندو آهي ... هن دفعي جڏهن سنڌ آيس ته سوچيم ته ريل ذريعي ٻيو نه ته ڪراچيءَ کان روهڙيءَ تائينءَ جو سفر ضرور ڪندس، پر جڏهن ڪراچيءَ پهتس ته هر روز ريل جي دير اچڻ ۽ وڃڻ جو خبرون، مسافرن جي پريشاني ۽ ريلوي انتظاميه جي بي وسي ۽ ريلوي جي وزير جي شڪل ڏٺم ته سمجهي ويس ... پاڻ سان ڳالهائيندي چيم ته “ نثار! ڇو ٿو پاڻ کي ڏچي ۾ وجهين، اسٽيشن ته 12 ڪلاڪن جي انتظار کان سٺو آهي ته روڊ ذريعي 8 ڪلاڪن ۾ وڃي لاڙڪاڻي آرام سان پهچبو” ۽ پوءِ مون توبهه ڪئي سنڌ جي ريل ۾ سفر ڪرڻ کان ....
دوستو! چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن دوست يا رشتيدار کي آزمائڻو هجي ته ان سان گڏ سفر ڪجي ... پر آءُ چوندو آهيان ته جيڪڏهن ڪنهن قوم يا ملڪ کي ۽ انجي ترقيءَ جي رفتار کي ڏسڻو هجي ته انجي سفري نظام ۾ سفر ڪجي ... سو اچو ته قومن جي ترقيءَ جا ڪجهه ثبوت هنن فلمن مان لڳائي ڏسون ته ڪيئن نه هو پنهنجي قوم کي سٺيون سفري سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن، انهن جي صفائي سٿرائي، انهن ۾ موجود خدمتون ۽ سهولتون ۽ قوم جي آرام ۽ وقت جو ڪيترو نه خيال رکيو وڃي ٿو ... پاڻ انصاف ڪريو، هي وڊيو ڏسي پوءِ پنهنجي ملڪ جي نظام تي سوچي ٿڌو ساه ڀريو ... آءُ ته چوان ٿو ته حياوَ ۽ شرم وارن لئه ٻڏڻ جو مقام آهي ...
مونکي حيرت ٿيندي آهي سنڌي قوم جي ڏاهن، سياستدانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن تي ته سنڌ ايترن گهڻن وسيلن سان مالا مال آهي پر پوءِ به زندگيءَ جو گاڏو هڪ سست رفتار ڍڳي جيئان آهي، جيڪو چهبڪ جي آواز تي ٿوري دير هلي وري پير پيران ٿيو وڃي ... پر اسانجا معتبر سياستدان، ڏاها، پڙهيل لکيل ۽ پاڻکي قومي باز سڏرائيندڙ پنهنجي قوم جي وارثي ته ٺهيو قوم جو ٻيڙو ائين ٻوڙي رهيا آهن جيئن ٽائٽنڪ جهاز ٻڏو هو ...
خئير مون هو وڊيوز اوهانکي ڊيڄارڻ لئه نه صرف ٻين قومن ۽ پنهنجي قوم جي ترقيءَ واري رفتار ڏيکارڻ لئه پيش ڪريانٿو ... بسم الله ... پاڻ ڏسو
روس کان فرانس تائين
جرمنيءَ کان لنڊن تائين
لنڊن کان فرانس تائين
چين جي تيز رفتاري
جاپان جي گولي
آسٽريليا جي ريل
ڪئناڊا جي پهاڙي ريل
۽ آخر ۾ ريل ۽ انجي تاريخ جا سونهري ورق ....
دوستو! وڌيڪ پاڻ انصاف ڪريو، مون وٽ ته ڪي لفظ ڪونهن ته دنيا جا ماڻهون ڪهڙي زندگي ٿا گهارين ۽ پاڻ ڪهڙي ...؟؟؟؟؟ سوچيو سوچيو ... ڪجهه لفظ ملي وڃن ته مونکي به ٻڌائجو ....
هاءِ ڙي سنڌ تنهنجا ڀاڳ ..... سڙي وياسون پنهنجن جي جهالت ۽ پاڪستان جي اشتراڪ ۾ .... هاءِ ڙي سنڌ