دوستو آ حاضر آهيان سنڌ سلامت جي نئين وک سان۔۔۔
هوئن ته سائين عبدالماجدي ڀرڳڙي جن جو تيار ڪيل ايم بي سنڌي انسٽالر ونڊوز 7 ۾ انسٽال ڪرڻ آسان آهي پر ڪجهه دوست ونڊوز ايڪس پي ۾ هن کي اسنٽال ڪرڻ ۾ دشواريون محسوس ڪري رهيا هيا۔۔ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي دوستن کي ياد هوندو ته ڪافي وقت اڳ فيس بوڪ استعمال ڪندڙن لاءِ سنڌ سلامت فورم طرفان هڪ ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن“ متعارف ڪرائي وئي هئي۔۔ جنهن ذريعي فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيندڙ هر يوزر هن ايپليڪيشن کي استعمال ڪري نه صرف پنهنجي وال تي اپڊيٽ سنڌي ۾ موڪلي ٿي سگهيو پر ڪنهن به دوست جي آيل اپڊيٽس تي پنهنجا رايا پڻ موڪلي سگهيو ٿي۔۔
آهستي آهستي سنڌي لکڻ کي وڌيڪ آسان بڻائيندي سنڌ سلامت طرفان هڪ اضافي وک طور سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪمارڪليٽ لانچ ڪيو ويو جنهن جي ذريعي ڪنهن به ويب سائيٽ تي سنڌي لکڻ تمام آسان ٿي پيو۔۔ ۽ بغير ڪنهن سافٽويئر جي بس هڪ ڪلڪ ذريعي ڪنهن به ويب پيج چاهي اها ڪا سائيٽ هجي، ڪو بلاگ هجي، اي ميل ڪرڻي هجي يا وري گوگل سرچ ڪرڻي هجي تي سنڌي فعال ڪرڻ آسان ٿي پيو۔۔۔ جنهن ڪري دوستن سمجهيو ته هاڻي فيس بوڪ واري سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن ايترو اهم نه رهي۔۔
پر دوستو هن ايپليڪيشن جي اهميت اڃان گهٽي نه آهي ۔۔ ڇو ته هن ذريعي نه صرف توهان بغير ڪنهن سافٽويئر جي سنڌ لکي سگهندو پر هي ايپليڪيشن بغير انسٽاليشن جي سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر جو ڪم پڻ ادا ڪري رهي آهي ۔۔ ڇو ته ڪيبورڊ تان ڪنهن اکر کي پريس ڪندي هيٺ موجود ورچوئل ڪيبورڊ جو اهو اکر چمڪي ٿو پوي جنهن سان استعمال ڪندڙ اهو ڄاڻي ۽ ياد ٿو ڪري ويهي ته انگريزي ڪيبورڊ جي ڪهڙي اکر کي پريس ڪرڻ سان ڪهڙو سنڌي اکر لکجي ٿو۔۔۔
پر ڪجهه دوستن شڪايت ڪئي ته فيس بوڪ تي موجود سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن کي استعمال ڪرڻ لاءِ فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيڻو پوي ٿو ۽ ان ايپليڪيشن کي ڳولڻ به آسان نه آهي۔۔
دوستن جي هن شڪايت کي دور ڪندي هاڻي ساڳي فيس بوڪ تي موجود ايپليڪيشن کي سنڌ سلامت پروجيڪٽ مينو ۾ لنڪ طور رکيو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان فيس بوڪ بجاءِ هاڻي سنڌ سلامت تي ئي رهندي توهان ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ“ تائين رسائي حاصل ڪري سگهندو۔۔ اهڙي طرح چاهي توهان سنڌ سلامت تي لاگ ان هجو يا نه توهان سنڌي لکي سگهو ٿا۔۔۔

دوستو توهان سنڌ سلامت جي هن پروجيڪٽ تحت ”سنڌ سلامت ڪيبورڊ“ کي استعمال ڪندي نه صرف سنڌي لکي سگهندو پر سنڌي لکڻ سکي سگهندو، سنڌي لکڻ کي درست ڪري سگهندو، انگريزي ڪيبورڊ تي موجود اکرن تي موجود سنڌي اکرن کي سڃاڻي سگهندو ۽ سنڌي لکڻ جي بار بار مشق ڪري پنهنجي سنڌي لکڻ جي رفتار وڌائي سگهندو۔۔۔
ان کانسواءِ چاهيو ته هتان سنڌي لکي ڪاپي ڪري ڪنهن به جاءِ تي پيسٽ ڪري پنهنجا ڪافي مطلب حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔
دوستو سنڌ سلامت جو هي پروجيڪٽ توهان کي ڪيئن لڳو۔۔۔ ؟ پنهنجي راين ۽ صلاح مشورن کان اسان کي ضرور آگاهه ڪجو ته جيئن سنڌ سلامت طرفان ايندڙ پروجيڪٽس کي درست سمت ڏئي سگهجي ۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

آخري ترميم: