جواب: سنڌ سلامت ڪيبورڊ پروجيڪٽ ۔۔۔ !
سنڌ سلامت جي مهندار ۽ موجد عبدالرشيد سمي صاحب ۽ سنڌ سلامت جي ماٺيڻي دوست عامر ضياء چارڻ جون سنڌي ٻوليءَ لئه ڪيل خدمتون بي مثال آهن، هي پراجيڪٽ پڻ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ، خاص ڪري انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ دوستن کي سنڌي لکڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو ۔۔۔
سوال؛ ڇا هي پنو اسين تڏهن استعمال ڪري سگهون ٿا جڏهن انٽرنيٽ هلندڙ هجي يا وري انٽرنيٽ کان بغير ؟؟؟ ڇاڪاڻ ته ڪيترن گهرن ۾ اڃان انٽرنيت ناهي ۽ ڪمپيوٽر موجود آهي ته پوءِ اهي دوست يا گهر وارا سنڌي ڪيئن لکن؟
آءُ سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض ڪندس ته هو هن پراجيڪٽ کي سنڌين ۾ عام ڪن ته جيئن سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جو رجحان اڳ کان اڳرو ٿيندو رهي ۔۔۔ مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان شروع ۾ انٽرنيٽ تي ايندا هياسون ته ڪي آڱرن تي ڳڻڻ جيترا دوست سنڌي لکندا هئا، پر هاڻ سنڌ سلامت ۽ ٻين سنڌي فورمن جي محنت سان ۽ عبدالرشيد ۽ عامر ضياء چارڻ جهڙن سنڌي نوجوانن جي محنت سان سنڌي لکڻ وارن جو تعداد هزارن کان به مٿي آهي ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت