”پـيار جـو ڏيـئو“ ايس نسيم ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2011۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    ـــــــــــــــــــــــــــ
    ايس نسيم ميمڻ
    ـــــــــــــــــــــــــــ
    ــــــــــــــــــــــــــ
    ــــــــــــــــــــــــــ
    ”پـيار جـو ڏيـئو“
    ــــــــــــــــــــــــــ
    ــــــــــــــــــــــــــ

    ان ناريء جي ڪھاڻي جنهن جي اميدن جي ڏيئي کي طوفان گھيري ويو

    ڪالھ رات کان مارئيء جي اھا ساڳي حالت ٿي وئي ھئي، جيڪا گذريل ھڪ مهيني کان ٿيندي رهي ھئي پر هن ڀيري ته اڃا به وڌيڪ کيس الھائي ڇا ٿي ويو ھو، جو ڪنهن کي به جواب ئي نه پئي ڏنائين. اکيون بند جيئن ڪو رات کان پوء ڏينهن ٿيڻو ئي ناھي، چھرو اھڙو اداس ڄڻ ڪو وڃايل مسافر ڪڏهن به پنهنجي ماڳ ڏانهن ورڻو ئي نه ھجي،
    ” بچايو بچايو. منهنجي مارئيء کي بچايو. منهنجي مارئي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آھي! منهنجي مارئي تي ڪنهن تعويذ ڪيا آهن! يا مارئيء کي جن آھي ؟ الا منهنجي مارئي کي بچايو؟”...
    سندس هانء ڏاريندڙ دانهون سڄي ڳوٺ سان ٽڪرائجي، آسمان ڏانهن وڃي رهيون ھيون، پر ڪنهن کي ڪھڙي خبر ته مارئي سان ڪھڙي ويڌن آھي. ڪھڙو ڏُک اٿس؟ ڪھڙو غم اٿس ؟ يا ڪھڙي بيماري اٿس ؟
    ڳوٺ جي عورت به ڪيڏي نه بيوس ۽ لاچار هوندي آھي، جنهن کي ھڪ ٻڪري جيان ڪُٺو ويندو آھي، جنهن جي خوبصورت ارمانن جو خون ڪيو ويندو آھي، جو چاھيندي به پنهنجي خواھش جو ذڪر نه ڪري سگھندي آھي ۽ ھن کي ڪنهن ٻُڍي ، پوڙھي پڪي يا ڪنهن ڇوڪري سان پرڻايو ويندو آھي. مارئي به اُنهن بي زبان ٻڪرين مان ھڪ ھئي، جن جي ارمانن جو خون ٿي رهيو ھو... ھوءَ پنهنجي ماسات گُلڻ سان بي انتها محبت ڪندي ھئي جيڪو ھاڻي ماستر ٿي ويو ھو ۽ چاھيائين ته مارئيء کي حاصل ڪيان، مارئي ۽ گلڻ شام جو ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڳوٺ هي ڀر واري سر سبز باغ ۾ ملي وٺندا ھئا. جتي گڏ گھارڻ جا انڊلٺي رنگن جھڙا خواب ڏسندا ھئا.
    ”مارئي! مان توکي دنيا جي ريتن رسمن کان چورائي ويندس ۽ توکي راهن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندس.” گلڻ جي ان جملي تي مارئي پنهنجو منهن رئي سجي پلاند سان ڍڪي شرمايو ھو.
    ”مارئي، پٽ تون ايڏي اداس ڇو رهندي آھين. ” ماڻس سندس وارن ۾ ميندي جي رنگ واري سڳي ڪندي چيو ھو. ماڻس جي اوچتي سوال تي ھو ٿورو گھٻرائجي وئي ھئي ۽ پاڻ کي ائين قابو ڪيو ھئائين جيئن ڪو گھوڙي سوار گھوڙي کي قابو ڪندو آھي.
    ”نه اما اھڙي ڪا به ڳالھ ناھي. ”ائين چئي ڇيڻن سان ڀريل تغاري کڻي ٻاھر ھلي وئي ھئي.
    ”مارئي مان اڄ توسان آخري ڀيرو ملڻ آيو آھيان. ” گلڻ جي انهن لفظن مارئيء جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي ڇڏي ھئي.
    ”پر ڇو؟
    ”ان ڪري جو منهنجي بدلي ڀر واري ڳوٺ ۾ ٿي وئي آھي.“
    ”پوء ڇا تون مونکي وساري ڇڏيندين؟“
    ”اڙي چري. ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ آچر تي موڪل ھوندي آھي، ان ڏينهن ملنداسين، بس بابا هاڻي جيئن ئي سعودي مان آيو، کيس توهان ڏانهن موڪليندس ۽ اسان جي شادي ٿي ويندي.“
    ۽ پوء ٻئي مرڪڻ لڳا ھئا.
    ھاڻي مارئي بيچينيء سان آچر جو انتظار ڪندي ھئي.
    ھڪ ڏينهن باغ جي سار سنڀال رکندڙ سالم باغائي ٻنهي کي باغ ۾ ڏسي ورتو، جنهن سڄي ڳوٺ ۾ نه رڳو اھا ڳالھ مشھور ڪري ڇڏي پر مارئيء جي ڀائرن ۽ ڳوٺ جي ڪجھ ٻين ماڻهن کي وٺي اچي سندن مٿان بيھاري ڇڏيو.
    مارئي گلڻ دنيا جهان کان بي خبر ھڪ ٻئي ۾ اکيون اٽڪائي ويٺا ھُئا جو اھي سندن مٿان اچي ويا، جنهن ڪري اھي اتان نڪري نه سگھيا. مارئي جي ڀائرن ڪاوڙ ۾ اچي ٻنھي جي ڏنڊا وسائڻ شروع ڪيا. ڏنڊا لڳڻ ڪري مارئي جي مغز مان رت وھڻ لڳو ۽ گلڻ کي ته ايترا ڌڪ لڳا جو بيھوش ٿي ويو. مارئيء جا ڀائر کيس مئل سمجھي مارئي کي گھليندا گھر وٺي ويا.
    ڳوٺ جي وڏيري فيصلو ڪري ھڪ عورت سان ملڻ جي ڏوھ ۾ گلڻ کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ مارئي کي پوڙھي سالم باغائي سان پرڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر هنن جا اھي فيصلا تڏهن بي معنيٰ ٿي ويا جڏهن کين خبر پئي ته مارئي ڌڪن سبب ھوش وڃائي ويٺي آھي. تنهن وقت پوڙھي سالم باغائي جا ارمان مٽيء ۾ ملي ويا،
    ڇو جو ھوگھوٽ نه ٿي سگھيو ۽ سندن منصوبي تي پاڻي فيرجي ويو.
    مارئيء جي مٿي ۾ اڄ اڇا وار پئجي ويا آهن پر سندس درد کي ڪو به سمجھي نه سگھيو آھي.
    ماڻهون اھو ئي سمجھن ٿا ته مارئي ڌڪن سبب ھوش وڃائي ويٺي آھي ۽ چري ٿي پئي آھي،
    گھر کان ٻاھر نڪرندي ئي ٻار سندس چوڌاري فري اچن ٿا ۽ چري چري چئي کيس پٿر هڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    عبرت اخبار جي 2006 جي سيپٽمبر واري ماھوار ڊائجسٽ ھزار داستان تان ورتل آھي
    ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”پـيار جـو ڏيـئو“ ايس نسيم ميمڻ

    بس ادا ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دنيا کي سمجهائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ۔۔۔

    اوهان جي بهترين ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو