• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غرقور غمن ۾ ٿو ڏسان قوم پياري؛ ”سرويچ“

حسين جوڻيجو

سينيئر رڪن
غرقور غمن ۾ ٿو ڏسان قوم پياري؛
قاتل جي وهي ڪنڌ مٿي جنهن جي ڪٽاري؛
ڏاڍن جي ڏسان ڏيهه ۾، هر ڏينهن ڏياري؛
هيڻن جو هتي يار، ٿيو جيئڻ به خواري؛

هت گھرج انهيءَ جي جو هجي سيٺ سگھارو!
مسڪين ۽ مفلس کان ڪري هر ڪو ڪنارو!

مسڪين مٿي آهي، هتي مار مدامي؛
غنين جي ڪري هو ٿو سدا در جي غلامي؛
ته به تنهن کي اُٿي ويٺي چون هو ٿا حرامي؛
حرامي ته وڏا پاڻ سندن پيءُ به حرامي؛

خدمت جو ڪري تنهن سان هي ڪن خر خسارو!
پاپين سان شريفن جو پيو آهي پنارو!

جت تيل بجاءِ ٿو وڃي پاڻي ٻري ڙي؛
جيئڻ به جتي آهي ٿيو ڳالهه ڳري ڙي؛
معصوم لکين لال، ويا مرضن ۾ مري ڙي؛
تن کي نه ڏني ڪنهن به ٺلهي تيل تري ڙي؛

ميلو نه مگر تن کي ڪو آنو به اُڌارو!
سورن ۾ لنگھي تن جو، ويو سانوڻ ۽ سيارو!

مّظلوم نياڻين جو جتي ننگ وڪامي؛
هر رات غريبن جي، ورنهن ۾ وهامي؛
هڪ پل به پيارن تان نٿي آڳ اُجھامي؛
مسڪين جتي ظلم جي آڙاهه ۾ کامي؛

پر پيچ خطرناڪ بنيو وقت پيارو!
هر روز ڏسن نيڻ هي پُر درد نظارو!

هر جاءِ ڏسان جام ”ننگي انگ نياڻيون“؛
وهائن ٿيون، لکين لڙڪ هو نيڻن مان نماڻيون؛
سِرجڻ کان سُڪي سوڪ ٿيون سورن ۾ سياڻيون؛
ڄاڻن نه بنا روڄ، ٻيو راڳ ڪو راڻيون؛

هر مهل ٿئي تن جو ٿو، گوندر ۾ گذارو!
ڇانيل ٿو رهي تن جي، او! اڱڻن تي انڌارو!

سانگين جو ويو سُڪي ساس وطن ۾؛
ڇُڙيا پيا هلن ڇيڪ، ڪي راڪاس وطن ۾؛
ماڻهن جو پٽي کِين، ڪچو ماس وطن ۾؛
هر پَهر اچي پاپ جي، بُو باس وطن ۾؛

هت قهر ستم جو ته ڪنڌي ناهه ڪنارو!
گذري ٿو غريبن جو، هر ڏينهن ڏکارو!

آزاد رهون ڪين ٿا، آزاد وطن ۾؛
ڦرُين جو ٻُڌي ڪونه ڪو، فرياد وطن ۾؛
دانهن جو ٿئي ڪين صفا داد وطن ۾؛
بُکين سان مٺا ڀاءُ! آ بغداد وطن ۾؛

ڇا ڇا نه اسان ساڻ ٿيو ديس ۾ يارو!
هر حق اسان جو ته غضب ٿيو اي پيارو!

هر واٽ مٿي جام، اڄ واسينگ وطن ۾؛
ڍاوا پيا هلن ڍور، جيئن ڪي ڍينگ وطن ۾؛
مسڪين بنا نان جي مرڻينگ وطن ۾؛
تن جي لڱن تي ڪا، ڏسان لينگ وطن ۾؛

معصوم رهن مارو سندن من تي مونجھارو!
ساٿي ڙي اُٿو تن جو ڪريون ڪو ته سڌارو!

مزدور ٿيو چُور کڻي بار پٺن تي؛
انسان کڻي بوجھ کڄي جيڪو اُٺن تي؛
ڇا ڇا نه ڪيو تنهن ته آ ٽڪرن ڙي رُکن تي؛
افسوس ڪيو ترس، نه تنهنجي ڏکن تي؛

هر سال وهي ڏاند جيان هو ٿو ويچارو!
تحقيق هي مزودر آ قومن جو سهارو!

هاري جنهن هڻي هر ڪيون آباد زمينون؛
هر اوڙ اندر جنهن جو پيل خون پسينون؛
ته به پيٽ بُکيو تنهن جو آ منجھ سير سفينونن؛
ڏس خون انهيءَ جي تي ڪري عيش ڪمينون؛

هيڻن جو ڪري ڪئين نه هڙون هڙپ هچارو!
مظلوم سندي مال تي ٿيو سيٺ سگھارو!

ڪوڏر به صبح شام هڻي، ڪو ته خبر پئي؛
ڏلها به مٺي سِر تي کڻي، ڪو ته خبر پئي؛
سارين کي منجھان تار لڻي، ڪو ته خبر پئي؛
راتيون بکيئي پيٽ تَڻي، ڪو ته خبر پئي؛

رڳو گڏ گنجيءَ ۾ ته ڪري ڪير گذارو!
ڪاٽي ڪو سڄي رات بنا سوڙ سيارو!

پوکي ۽ وري تن کي، پچائي ته سهي ڪو؛
سرديءَ ۾ هلر رات جو، ڳاهي ته سهي ڪو؛
مزدور بنا محل هي، ٺاهي ته سهي ڪو؛
ريتيءَ جون تغاريون به، اُٺائي ته سهي ڪو؛

گوڏي کان وڏيءَ گپ ۾، ماري ته ڪو گارو!
۽ پوءِ به وڃي کائي رُکو ڪڻڪ جو ڏارو!

بنجر هي زمينون به، ڪو کيڙي ته خبر پئي؛
هر سنگ جدا تنهن کي، سهيڙي ته خبر پئي؛
انبار اَنن جا به ڪو، ميڙي ته خبر پئي؛
رستن تي پٿر سخت، پکيڙي ته خبر پئي؛

کُورا به جلائي ڪو، صبح شام ٻپهارو!
ڏامر جو لڳاتار، ڪري ڪو ته پگھارو!

ان کان به ڏسان پوءِ، ٿو ڏوٿين کي ڏکيو ڙي؛
بت صاف اُگھاڙو ۽ سندن پيٽ بکيو ڙي؛
سانگين جا پسيو سور، وڃي ساهه سُڪيو ڙي؛
ديسين کي ڏسيو منهنجي وڃي دل ته دکيو ڙي؛

پوءِ ڇونه بغاوت جو، وڄايان مان نغارو!
هن قهر ڪنان ڇونه ڪريان ويس مان ڪارو!

هر وقت وطن ۾ ته وڏا ويل ڏسان ٿو؛
سچ جيڪو چوي تنهن کي ئي منجھ جيل ڏسان ٿو؛
سيني ۾ لڳل تنهنجي سوين سيل ڏسان ٿو؛
هر روز مٺا ڀاءُ عجب، کيل ڏسان ٿو؛

دنيا جو ويو آهي ٿي دستور نيارو!
هڪ عيش ڪري ٻئي جو غمن منجھ گذارو!

رهزن ٿا هتي روز، ڪن ناپاڪ ارادا؛
هيڻن کي لُٽڻ جا ته غضبناڪ ارادا؛
شيطان پيا ڪن ته شرمناڪ ارادا؛
شل پاڪ خدا تن جا ڪري خاڪ ارادا؛

ويرين کي وڍڻ لاءِ ڪريون يار ڪو وارو!
ڍڳ ڌوڙ سندا تن جون وجھون منهن ۾ پيارو!

هن اوچ ۽ نيچ ڇڏيا ويل وهائي؛
هڪ کي نه جھڳي آهي، ٻيو ست ماڙ اَڏائي؛
هڪ کي نه لڀي ليڙ، ٻيو پَٽ پيو پائي؛
هڪ روز بخارن ۾، ٻيو عيش اُ_ڏائي؛

”سرويچ“ ڀلا ملڪ ۾ هي ڪهڙو انڌارو!
کسجي ٿو غريبن کان، جيئڻ جو ڇو سهارو!
 
Back
Top