سنڌ جي تعليم جي تباهي جي سازش

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    سنڌ جي تعليم جي تباهي جي سازش​


    انتظاميه اندر موجود محب وطن سنڌي ڪامورن کي گهرجي ته ڪمداري بدران قومي کوٽن خامين جي نشاندهي ڪن، پنهنجي انفرادي مفادن کي پاسيرو رکي، قومي مفادن کي اهميت ڏين ۽ جيڪو ڪجهه پنهنجي وس آهر ڪري سگهن، سو سنڌي ماڻهن سان گڏجي، سنڌ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪن.
    هاڻ اچو ڏسون ته ڪٿي ڪٿي تعليمي ادارن ۾ ڪهڙي خرابي آهي ۽ اها ڇو ٿي آهي؟ انهيءَ خرابي کي ڪڍي پنهنجو تعليمي معيار ڪيئن وڌايون؟

    پـرائمري تـعليـم:
    پرائمري تعليم جي ننڍن شهرن توڙي وڏن شهرن ۾ حالت هي آهي ته وڏن شهرن جهڙوڪ؛ حيدرآباد، ڪراچي سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص جتي جتي پرائيويٽ تعليمي ادارا ڪم ڪن ٿا. انهن شهرن ۾ گهڻو ڪري انهن سرمائيدار تعليمي ڪامورن ۽ وڏيرن جي ڳٺ جوڙ سان سبب سرڪاري پرائمري اسڪول نالي ماتر هلن ٿا. جيئن اهي ٻار سرڪاري اسڪولن کان تنگ ٿي پرائيويٽ اسڪولن ڏانهن منهن ڪن سرمائيدار تعليمي ڪامورن سان دوستيون رکي کين هر طرح سان راضي ڪن ٿا، باقي شهرن جا پرائمريءَ استاد پگهار مفت کڻن. سڄو ڏينهن سبب سرڪاري پنهنجا پرائيويٽ ڌنڌا ڪندا رهن، انهيءَ کان سواءِ شهرن ۾ پري پري سرڪاري اسڪول هجڻ ڪري به ماڻهو سهولت مطابق پاڙي جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻار ڇڏڻ وڌيڪ آسان سمجهن ٿا. ننڍن شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولن جون عمارتون ننڍيون آهن جتي ٻار هڪ سؤ آهن ته ڪلاس فقط هڪ آهي جتي چار چار استاد هڪڙي ڪلاس ۾ ٻارن کي گڏجي پڙهائين ٿا. هاڻ توهان فيصلو ڪريو ته هڪ سئو ٻارن جي گوڙ ۾ ڪهڙو استاد ڪهڙي پڙهائي ڪري سگهي ٿو.
    ننڍن ڳوٺن ۾ سرڪاري جڳهيون نه هئڻ ڪري ٻار وڻن هيٺان پڙهن ٿا. جي ڪا پراڻي بلڊنگ آهي ته اها مرمت نه ڪرڻ ڪري ڊهڻ ۾ هوندي آهي، انهيءَ ۾ ننڍڙا ٻار ويهاري ڪري رسِڪ کڻبو ته جي اوچتو جڳهه ڪري ته انهن معصوم ٻارن جي زندگين جو ذميوار ڪير آهي؟ 50 سيڪڙو ٻهراڙيءَ جا اسڪول جهڙوڪ؛ اترين ضلعن ۾ قبائلي جهيڙن ڪري ڪو به استاد انهن اسڪولن ۾ وڃي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته جتي روزانو راڪيٽ لانچر ڪرندا هجن اتي ڪهڙو اسڪول هلندو هوندو. ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان ۽ سامونڊي علائقن ۾ اسڪول ڪو ورلي ملندو، باقي خير آهي. باقي ضلعا جتي آباديون آهن انهن ۾ استاد تر جي وڏيري، سردار، سيد، پير، مير، نواب، خان، رئيس ۽ ارباب جي سفارشن تي ڀرتي ٿيل آهن. يا بدلي ڪرائي آندا ويا آهن. اهي استاد انهيءَ وڏيري جي منشي جو ڪم ڪن ٿا. جي نه ته هوندا ئي ڪونه باقي ٻارنهين مهيني مڙيئي امتحان ٿيو نه ته ڇوڪرو وڃي مال چاڙيندو يا وڏو ٿي وڏيري جو هاري ٿيندو ٻيو ڇا ڪندو؟ پرائمري تعليم شهرن کي ڇڏي ٻهراڙين ۾ ڇوڪرين جي ته 90 سيڪڙو آهي ئي ڪونه، پر جي اسڪول آهي ته اهو اسڪول وڏيري جي ڪم ۾ هوندو ۽ ڳوٺ وارن جي ڏکي سکي ۾ ڪم ايندو هوندو. انهيءَ کان سواءِ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ماسترياڻيون وينديون ئي ڪو نه آهن. وڃن به ڪيئن هڪ ته سواري جي سهولت نه آهي ٻيو هن مرداڻي معاشري م ڪيرمائٽ اڪيلي نياڻي سڄو ڏينهن ڇڏيندو، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڇوڪرين جي اسڪول ۾ رٽائرڊ مرد استاد رکيا وڃن، جڏهن انهيءَ ڳوٺ جي نياڻي پڙهي پوي ته کيس پنهنجي ئي اسڪول ۾ رکيو وڃي. ڪراچي شهر ۾ 40 لک کان وڌيڪ سنڌي رهن ٿا. 800 کان وڌيڪ ڳوٺ سنڌين جا آهن. پر ڪنهن به ڳوٺ ۾ سنڌي جو پرائمري اسڪول نه آهي انهيءَ لاءِ حڪمرانن کي گهرجي ته انهن 800 کان وڌيڪ سنڌي ڳوٺن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پرائمري اسڪول کوليا وڃن ۽ انهن ۾ سنڌي استاد ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.
    سيڪنڊري مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم شهرن ۾ جتي پرائيويٽ اسڪول انهن شهرن ۾ سيڪنڊري هاءِ اسڪول جي حالت ساڳئي پرائمري سنڌي اسڪولن جهڙي آهي. امتحان وقت ننڍن ڪلاسن کي ته ڇڏيو پر نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي امتحان ۾ کلايو کلايو ڪاپي پئي هلي. جنهن کي هن وقت ميڊيا رستي به روز ڏيکاريو ۽ ٻڌايو وڃي پيو ته ڪاپي ڪيئن پئي ٿئي. اهو سڀ حال ڏسندي به اسان جي تعليم کاتي کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان جي چونڊيل نمائندن جي به ذميواري آهي ته تعليم ڇو پئي تباهه ٿئي. مائٽ ته اڳ ۾ ئي بي سهارا ٿي بورڊ جا در ڏسيو ويٺا آهن. ته ڪيئن مارڪون وٺن باقي ڇو پنهنجو وقت وڃائين، ڪراچيءَ ۾ ته جڏهن پرائمريءَ تعليم ئي نه آهي ته سيڪنڊري تعليم ڪٿي هوندي.
    ننڍن شهرن ۾ جتي هاءِ اسڪول ۾ هاڻ ماڻهو پنهنجا ٻار پڙهائڻ چاهين ٿا ته 50 سيڪڙو استاد به هاڻ پنهنجون ذميواريون محسوس ڪن ٿا، پر ننڍن شهرن جي 30 سال اڳ آدمشماريءَ 15 هزار هئي. اها هاڻ 30 هزار کان مٿي آهي، ڇو جو هاڻ ٻهراڙين جا لوئر مڊل ڪلاس سنڌي ماڻهو شهرن ڏانهن روزگار خاطر اچڻ شروع ٿيا آهن. انهن شهرن ۾ فقط هڪ هاءِ اسڪول آهي. انهيءَ جي گنجائش 500 ڇوڪرن جي آهي، انهيءَ اسڪول ۾ هن وقت 155 شاگرد داخل ٿيا آهن ته هاڻ ڪلاس ئي ناهن ته شاگرد ڪٿي ويهن يا انهيءَ 1500 شاگردن کي اوترا استاد گهرجن اهي به نه آهن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ باقي امتحان جي گهڻو ڪري ساڳئي ڪاپي ڪلچر واري حالت آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هڪ آدمشماريءَ ۽ ضرورت مطابق هاءِ اسڪول وڌيڪ ٺهرايا وڃن، ٻيو ته هاءِ اسڪولن ۾ اڃان به وڌيڪ سٺي پڙهائي ٿئي ته استاد، ڪامورا ۽ شاگردن جا مائٽ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن. انتظاميه ۽ اسڪول جي وچ ۾ پل جو رول ادا ڪري انتظاميه کان به ڪم وٺن ۽ استادن کي پنهنجائپ ڏيئي ذميوارين لاءِ پابند ڪن. اسڪول اندر ايندڙ بجيٽ کي به صحيح طرح خرچ ڪرڻ ڏين.
    ڪاليج سائيڊ ۾ پڙهائي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي، شهرن اندر ڪاليج استاد جي ٽيوشن سينٽرن جو شڪار ٿيو وڃن. ڪاليج ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون صرف داخلا وٺن ٿا باقي سڄو سال ٽيوشن سينٽرن تي ڳريون فيون ڏيو پڙهن، ڪاليج جا امتحان به ساڳئي بيماري ۾ ورتل آهن. ڪاپي ڪلچر عام آهي، هتي ته شاگرد فقط اندر امتحان حال ۾ ويٺو آهي، ٻاهران هائير ٿيل استاد پيپر سڄو حل ڪريو ڪاپي اندر موڪلين ٿا سا جمع ٿئي ٿي هتي ته شاگرد کي ڪاپي جي ڪابه ضرورت نه آهي. باقي بورڊ سڳورو ويٺو آهي جتي باقي ڪسر پوري ٿيو وڃي، بورڊ جي ڇاڙتن ۽ مائٽن جي وچ ۾ اڳئي تعلقات آهن. گريڊ شاگرد کي مليو وڃي ڊپ جي ڪا ڳالهه نه آهي.
    هاءِ اسڪول مڙئي پورائي آهي نه هنن ۾ ليڪچرار آهن، نه هنن وٽ ليبارٽريون آهن نه هنن وٽ پريٽيڪل لاءِ اهي اوزار آهن، انهيءَ کان ته بهتر آهي ته انهيءَ هاءِ اسڪول جي تعليم کي بهتر ڪيو وڃي.ايئن ٻارن جون زندگيون خراب ڪرڻ ۽ سال وڃائڻ جي ڪٿي جي عقلمندي آهي.


    پرائيويٽ ننڍا يا وڏا اسڪول:
    ننڍا اسڪول جن ۾ اهي ڇوڪريون کڻندا جيسين ڪا ٻئي نوڪري ملي تيستائين هزار يا 1500 سو رپيا تي نوڪري ڪندڙ ڇا پڙهائيندي؟ مائٽ ويچارا ڊريس جي خرچن ۾ ئي مريو وڃن، باقي مالڪ گهر ويٺي هزارين رپيا پيا ڪمائين ٻار پڙهن يا نه پڙهن هي فين جا مالڪ، وڏا پرائيويٽ اسڪول ته فيڪٽريون آهن، جنهن ۾ اپر ڪلاس کانسواءِ ڪو حشمت ئي نٿو جهلي سگهي، هنن جي في ٻار داخل ڪر ته ايڊوانس به هزارن ۾ هوندي آهي، پوءِ هر مهيني هڪ هزار کان وٺي 5000 هزارن تائين آهي، پڙهائي اها هوندي ته فقط ٻار مائٽ سان انگريزي ۾ ڳالهائيندو، باقي جڏهن امتحان ٿيندا ته ساڳئي ماني ساڳ سان معنيٰ امتحان ڪاپي ڪري پئسا ڏيئي پاس ڪيو.
    هنن وڏن اسڪولن ۾ مقابلو پڙهائي جو ڪونه هوندو پر هر شاگرد ڪهڙو سٺو سينٽ هڻي ٿو اچي. ڪهڙي وڏي گاڏي ۾ چڙهي ٿو اچي. پنهنجي ڪلاس ۾ پنهنجي دوستن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ ڪيئن ٿو بيان ڪري، اهو 60 سيڪڙو ٻار جڏهن اسڪول ڇڏي ٿو تڏهن عملي انسان بڻجڻ بدران هڪڙو وڏو ماڻهو ٿي نڪري ٿو. انهن اسڪولن جا مالڪ لکين رپيا ڪمائين.

    يونيورسٽيون:
    هنن ادارن ۾ پهچڻ کان اڳ ٽيسٽ ٿئي ٿي. انهيءَ ڏينهن ٻارن کان لکين رپيا ٽيسٽ جا ورتا وڃن ٿا. پر ٽيسٽ جي ڏينهن ڏسبو ته شاگرد ناقص بندوبست جي ڪري جيترو پريشان رهي ٿو ۽ افراتفري ۾ رهي ٿو. اهو ٻار ڪهڙو ٽيسٽ ڏيندو. ٻاهر هڪ گرمي هوندي گرمي سان گڏ گرم هوائون هونديون. لڳل شاميانه هيٺ مٿي ٿي سندس بانس جا ڏنڊا شاگرد کي پيا لڳندا. انهيءَ حالت ۾ اهو شاگرد ڪهڙي هوش ۽ حراس سان ٽيسٽ ڏيندو هوندو، مڙئي ادارن کي گهرجن لکين رپيا، پوءِ ڪير شاگرد اچي ٿو ڪير نٿو اچي ڪجهه پرائي ٿو يا نه، هن سماج جون ماريل ڇوڪريون مون پريشان ٿيندي ڏٺيون آهن. انهن کي ڏسي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. انهن حالتن جو علاج ڪير ڪندو، انهن بي واجبين تي ڪير ڳالهائيندو؟ خير هو اداري ۾ لسٽون لڳنديون نيٺ ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي سبجيڪٽ ۾ وڃي پڙهندا.
    هاڻ پهرين ته هنن معصومن ٻارن کي منهن ڏيڻو پوندو. انهن ڪامريڊن کي جيڪي مختلف سياسي پارٽين جي جهنڊن ۾ ڏهه ڏهه سال يونيورسٽين کي قيد خانو ٺاهيو ويٺا آهن. هر ڀيري امتحان ۾ پاڻ هٿ وٺي فيل ٿين ٿا. ڇاڪاڻ جو هي امتحان پاس ڪري ڊگري وٺي گهر ويندا اتي هنن کي ڇا ملندو نه مفت هاسٽل جا ڪمرا جتي ڪرائيم ڪري اشراف ٿي اچي ڪمري ۾ آرام ڪن. ڪهڙو به ڏوهه ڪن پر هاسٽل تي پوليس ڪيئن ايندي جي ايندي ته يونيورسٽي بند هوندي. يونيورسٽي کان وٺي سڄي سنڌ ۾ هنن ”اشراف“ شاگردن لاءِ جلوس نڪرندا، مظاهرا ٿيندا، مطالبو هوندو ته هن نااهل وائس چانسلر کي هٽايو وڃي.
    نيٺ وائس چانسلر سان ڳالهيون ٿينديون، وائس چانسلر مرڪزي اڳواڻن کي ڏنڊ ڀري ڏيندو، ان لاءِ دوستيون رکي اها ضمانت ڏيندو ته انهن ”محنتي“ هوشيار قوم دوست شاگردن کي هاڻ ڪير به هٿ نه لاهيندو.
    اهڙي نموني ٻين صوبن ۾ ساڳئي سال جا شاگرد اڳ امتحان ڏيئي وڃي ڪميشن پاس ڪري نوڪري وٺندا، پر سنڌ يونيورسٽي جا امتحان هر سال ليٽ ٿيا. انهيءَ جڳهه تي ڪراچيءَ، پنجاب يونيورسٽين جا امتحان ٽائيم مطابق اتي شاگردن ٽائيم مطابق ڪميشنون ڏنيون. سنڌ وارن جي امتحان نه ٿيڻ ڪري ڪميشنون نه ڏنين ته ڇا ٿي پيو؟ سڀ پاڪستاني ڀائر آهيون، پنهنجي يونيورسٽي جو نالو سڄي پاڪستان ۽ دنيا ۾ ”روشن“ ڪرڻ لاءِ، جي هنن جوڌن اشوڪ ڪمار، عاشق جوڻيجو ۽ ٻيا شهيد ڪري ڇڏيا ته ڪهڙو هرج آهي، مقصد ته پنهنجي اداري جي ڊگري جي ڪابه اهميت نه هوندي. اسان جي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ به وڏا ڏونگر ڏورڻا ٿا پون. اسان جا احترام جوڳا استاد شاگردن کي کڻندا جن کي هي چاهيندا پوءِ هڪ سال اهو استاد آمريڪا ويو ٻئي سال ڪنهن انٽرنيشنل يونيورسٽي جي دعوت تي ويو. انهيءَ ڪري جيڪا ڊگري ٽن سالن يا پنجن سالن ۾ ٿيڻ گهرجي. انهيءَ کي ست اٺ سال گذريو وڃن. انهيءَ استاد کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي.
    سنڌ جي يونيورسٽين مان لکين رپيا اسڪالرشپون وٺي ٻاهر پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪيترا استاد ٻاهر ويا آهن. گهڻو ڪري انهن کي ڪو سبجيڪٽ نه ملي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري سال ٻه سال رهي واپس اچن ٿا ۽ بنا پڇا جي ساڳين يونيورسٽين ۾ ساڳيا عهدا وٺي ويهن ٿا. پر جي ڪو اشراف ماڻهو اها ڊگري 3 سالن لاءِ وٺڻ وڃي ٿو ته ٻه ٽي سال وڌيڪ لڳي ويا ته خير آهي. ٻاهران سالن جا سال تعليم حاصل ڪري ٻاهرين يونيورسٽين ۾ ڪامياب استاد ٿي ايوارڊ وٺي جي سنڌ اچن ٿا ته کين ڪا به يونيورسٽي قبول نٿي ڪري مثال مرحوم ڊاڪٽر فيروز احمد خواجه ۽ ٻيا آهن.
    تعليم جي تباهي تي ريسرچ ڪبي ته استادن جون تنظيمون، ليڪچرارن جون تنظيمون يونيورسٽين جا پروفيسر تعليمي ادارن کان وٺي يونيورسٽين جي انتظاميه ۾ ڪيتريون ڪاريون رڍون نظر اينديون، جي سنڌ دشمن حڪمرانن طرفان مقرر ڪيل پگهاردار هوندا جن جي ڊيوٽي آهي ته جتي جتي هو ويٺا آهن، اتي پنهنجي آقائن جي حڪمن مطابق سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪن، هو بلڪل ايمانداري سان فرض ادا ڪري رهيا آهن.
    هاڻ انهيءَ ڪينسر کان آجو ٿيڻ لاءِ عوام اٿي کڙو ٿئي. انهن سڀني ڪارين رڍن جي جرئت سان نشاندهي ڪري پنهنجي اولاد تي نظر رکي ته واقعي پڙهي ٿو يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪري ٿو. انهن کي سختي سان روڪي ۽ اولاد جي اسڪول کان يونيورسٽي تائين نظر رکي رهنمائي ڪري سندن مدد ڪري.
    سياسي اڳواڻ پنهنجي پروگرام ۾ بنيادي اهميت تعليم کي ڏين ۽ تعليم اندر موجود هر خرابي جي نشاندهي ڪن، حڪمرانن تي پريشر وجهن ته هو تعليم بابت ڪردار ذميواري سان نڀائين. اديبن، شاعرن، صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل باشعور ماڻهو پنهنجي لکڻين ۾ تعليم جي هر ڪينسر کي اگهاڙو ڪن.
    چونڊيل نمائندا تعليم جي هر اداري بابت اسيمبلين ۾ سوال ڪن. ڳالهائين. فيصلا ڪرائين، حڪمران ٽولا تعليم ۽ صحت جي بجيٽ هن وقت جيڪا آهي. انهيءَ کي ڏهوڻون ڪن. پنج ساله تعليم جو پئڪيج ڏين ته تعليمي معيار اڄ جيڪو آهي اهو وڌي. اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جو نالو تعليم جي حوالي سان اول صفن ۾ شامل ڪرايون ته پوءِ سنڌ ترقي ڪري سگهندي ۽ اسان دنيا ۾ عزت ۽ شان سان هلي سگهنداسون. اهو ئي سڄي قوم جو نعرو ۽ مقصد هجڻ گهرجي ۽ اهو ئي اڄ جو وڏو چيلينج آهي جيڪو اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي.

    روزانه ”عـبرت“ اخبار 26 اپريل 2008
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان جيڪو لکيو آهي سو بالڪل درست آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    تعليمي سڌارو اڃا نه آيو. سئو کان وڌيڪ ٻهراڙين جا اسڪول اڃا تائين بند پيل آهن. هزارين شاگرد تعليم کان محروم آهن. اسڪول جون بلڊنگون وڏيرن جي اوطاق ۽ ذاتي ڪاروبار لڳل آهي، جج صاحب سٺو پيا ڪم ڪن جنهن جي ڪري هاڻ ماسترن ۾ ڦرڦوٽ اچي وئي آهي جنهن ڳالهه جي هي تصوير عڪاسي پئي ڪري۔
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو