ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هُئي! هيءَ ڪا ته سُريلي آگ هئي، هيءَ ڪا ته ڀَري برسات هُئي! هي آڌيءَ آيل سپنا ها، جي جاڳَ ـ جَلايل سپنا ها، ڇا رِم جھِم رِم جھِم رُوپ هُيا! ڇا برکا رُت جي رات هُئي! ڇا چڻنگون چڻنگون چنگَ هُيا! ڇا تِن ۾ آگَ ــ اُمنگَ هُيا! ٿي ڇا ڇا جَرڪا جيءَ ڏنا، ڇا تو کي پنهنجي تات هُئي! ڪنهن ڪونه سُڃاتو ڳاتي کي، هِن ڌرتيءَ جي مڌماتي کي، هُو ڪير هُيو! ڪيڏانهن ويو! ڪا ڀيد ڀري هيءَ بات هُئي! جي دل جا داوَ سُڃاڻين ها، تُون ڄاڻين ها، تُون ڄاڻين ها! جا مات هئي سا جِيت هئي، جا جيت هُئي سا ماتِ هئي! تون هونءَ ته جھُونا ساز ڏنا، پر ڇا نه نوان آواز ڏنا! تو ڇا ڇا گيت ”اياز“ ڏنا، ڇا ڏاتر تنهنجي ڏات هُئي!