حسين جوڻيجو
سينيئر رڪن
هن وقت ويريءَ جي هٿان، جھٽجي وڃون تون مان متان،
رت باهه واريءَ رات ۾، بارود جي برسات ۾.
ڪوساڻ به آ، ڪاڙهو به آ، لهسون به هَن ساڙو به آ
توکي نه ڪل مون کي نه ڪل، يا هن پل يا هُن پل
دونهين، ڄرين جي هيءَ اُڇل، اوڏو ڪري پنهنجو اجل.
هي سيڪ هي ڄڀيون جلن، ڄر ڄر ڪريو ٽانڊا وسن
هت ڪير ٿو ڄاڻي پرين،! ڇا وقت ٿو آڻي پرين،
هن دونهين پٺيان ڇا اچي؟ اڱرن جي هيٺان ڇا بچي؟
ٽانڊن جي ساگر جي ڪپر، ڌنڌڪار پٺيان ڇا خبر؟
ويري هجي گھاتو هجي، پنهنجو اجل آتو هجي
هو گوڙ واتيون پيون گڙن، راڪيٽ لانچر پيا ڇڙن،
سڙڪن تي لاشن جا سٿا، بي گھر اباڻن جا جٿا
وستيون جلن ويڙها جلن، ديرا جلن ٻيڙا جلن،
ڦل واڙين جا ڦل ڇڻن، ڀؤنرا ۽ پوپٽ بُل هڻن.
چمپا جون ڪليون کوئجن، ڪنهن جو جئين ٿي ٿو سگھي
منهنجا پرين! ڀورا پرين، هي پل کڻي ٿورا پرين
ماڻيون ته گھڙيون ٿوريون، صدين تي آهن ڳوريون
ڪيڏي چٽي چانڊاڻ آ، ڪيڏو متل مانڊاڻ آ
هي ڇور واهه جون ڇوليون، البيليون اڻ موليون
پيلا سرنهن جا ڦولڙ ان تي وهين جا جھولڙا.
هاريءِ جو پٽ پيهي چڙهي، ڳل تي ۽ ڪن تي هٿ ڏيئي
ڳائي ٿو راڻا رات اچ، ڪنهن ريت ڪنهن ريت اچ.
جوڀن ٻه ٽي ساوڻ مٺا! ڪيڏا! وڇوڙا ڳڻ مٺا!
هي جوت جو درياءَ ٽِپون، يا وچ ئي وچ ۾ ساهه ڏيون.
ڪوئي نٿو ڄاڻي مٺا! جوڀن وٺون ماڻي مٺا.
سو هاڻ اچ هڪوار اچ، رت باهه جي هن پار اچ.
تو کي ڳري لاهيان مٺا، جيون سڦل ٺاهيان مٺا.
هو هو ندورو بم ڦٽي، ان کان اڳي، ان کان اڳي.