هڪ نوجوان ڇوڪرو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويو۔۔
ٻين اميدوارن وانگر هن کي به ٻاهر انتظار لاءِ چيو ويو ۔۔ نوجوان خالي ڪرسي ڏسي ويهي رهيو۔۔۔ اچانڪ سندس نظر هڪ مروٽيل پني تي پئي جيڪو ان خوبصورت آفيس ۾ ڪچري وانگر ٿي لڳو ۔۔ يقينن اهو ڪاڳر ٻين به اميدوارن ڏٺو هوندو پر هر ڪنهن نظر انداز ڪيو هو۔۔۔ نوجوان اٿيو ڪاڳر کي کنيو ۽ ڀرسان پيل ڪچري دان ۾ وڌو ۽ واپس پنهنجي ڪرسي تي اچي ويٺو۔۔۔
اتفاق سان سندس اهو عمل ڀرسان گذرندڙ انٽرويو وٺندڙ ڏسي ورتو۔۔ ۽ اهڙي طرح کيس نوڪري ملي وئي۔۔۔
سبق: انسان پنهنجي اهميت پنهنجي سهڻي ڪردار ۽ عادتن سان بڻائيندو آهي۔۔
***************************************
هڪ موٽر ڪار رپيئرنگ دڪان تي هڪ نوجوان ڪم سکندو هو۔۔
هڪ ڏينهن هڪ ڪار ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي ريپيئرنگ لاءِ دڪان تي آئي ۔۔۔نوجوان ان کي درست ڪرڻ کان پوءِ سموري ڪاري کي ڌوئي صاف به ڪيو۔۔۔ هن سان ڪم ڪندڙ کيس اضافي ڪم ڪرڻ تي کيس ٽوڪيندا رهيا۔۔۔ پر ٻئي ڏينهن ڪار جو مالڪ جڏهن آيو ته پنهنجي ڪار کي ڌوتل ۽ نئين چمڪ سان ڏٺو۔۔۔ هُو خوش ٿيو ۽ نوجوان کي پنهنجي ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ ڪئي۔۔۔ ان طرح نوجوان کي نوڪري ملي وئي۔۔۔
سبق: سٺو ۽ اضافي ڪم بي فائدو ڪڏهن به نه ويندو آهي۔۔۔
دوستو توهان ٻئي ڪهاڻيون پڙهيون۔۔۔ ڀلا ٻڌائيندو ته توهان ڪهڙي ڪهاڻي ۽ ڇو وڻي۔۔۔؟