۽ هنن کي نوڪري ملي وئي۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ نوجوان ڇوڪرو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويو۔۔
    ٻين اميدوارن وانگر هن کي به ٻاهر انتظار لاءِ چيو ويو ۔۔ نوجوان خالي ڪرسي ڏسي ويهي رهيو۔۔۔ اچانڪ سندس نظر هڪ مروٽيل پني تي پئي جيڪو ان خوبصورت آفيس ۾ ڪچري وانگر ٿي لڳو ۔۔ يقينن اهو ڪاڳر ٻين به اميدوارن ڏٺو هوندو پر هر ڪنهن نظر انداز ڪيو هو۔۔۔ نوجوان اٿيو ڪاڳر کي کنيو ۽ ڀرسان پيل ڪچري دان ۾ وڌو ۽ واپس پنهنجي ڪرسي تي اچي ويٺو۔۔۔
    اتفاق سان سندس اهو عمل ڀرسان گذرندڙ انٽرويو وٺندڙ ڏسي ورتو۔۔ ۽ اهڙي طرح کيس نوڪري ملي وئي۔۔۔

    سبق: انسان پنهنجي اهميت پنهنجي سهڻي ڪردار ۽ عادتن سان بڻائيندو آهي۔۔


    ***************************************

    هڪ موٽر ڪار رپيئرنگ دڪان تي هڪ نوجوان ڪم سکندو هو۔۔
    هڪ ڏينهن هڪ ڪار ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي ريپيئرنگ لاءِ دڪان تي آئي ۔۔۔نوجوان ان کي درست ڪرڻ کان پوءِ سموري ڪاري کي ڌوئي صاف به ڪيو۔۔۔ هن سان ڪم ڪندڙ کيس اضافي ڪم ڪرڻ تي کيس ٽوڪيندا رهيا۔۔۔ پر ٻئي ڏينهن ڪار جو مالڪ جڏهن آيو ته پنهنجي ڪار کي ڌوتل ۽ نئين چمڪ سان ڏٺو۔۔۔ هُو خوش ٿيو ۽ نوجوان کي پنهنجي ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ ڪئي۔۔۔ ان طرح نوجوان کي نوڪري ملي وئي۔۔۔

    سبق: سٺو ۽ اضافي ڪم بي فائدو ڪڏهن به نه ويندو آهي۔۔۔



    دوستو توهان ٻئي ڪهاڻيون پڙهيون۔۔۔ ڀلا ٻڌائيندو ته توهان ڪهڙي ڪهاڻي ۽ ڇو وڻي۔۔۔؟
     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ۽ هنن کي نوڪري ملي وئي۔۔۔!

    مون کي ٻئي وڻيون۔ڇو جو هنر مند ماڻهو سڀ ڪنهن کي وڻندو آهي
     
  3. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ۽ هنن کي نوڪري ملي وئي۔۔۔!

    هڪ سٺو مثال ڪهاڻين ۾ آهي جنهن مان لڳي ٿو هي ڪهاڻيون انهن ماڻهن لا مثال آهن جيڪي هنر مند هوندي به وڏائي ڪندا آهن ان لا هي ونڊ تمام سٺي آهي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ۽ هنن کي نوڪري ملي وئي۔۔۔!

    انسان ٻن قسمن جي سگهن جي پويان هلندڙ آهي ۔۔۔

    1۔ گڻ
    2۔ اوگڻ

    گڻائتا انسان رحماني راهه تي هلندا آهن ۽ اوگڻي انسان شيطاني راهه تي ۔۔۔ گڻن وارن انسان مان هميشه سماج کي چڱائي ملندي آهي ۽ اوگڻي انسانن مان نقصان رسندو آهي ۔۔۔

    مٿي ڏنل ٻنهي آکاڻين مان هڪ انسان جي اندر ۾ موجود صفائيءَ جو گڻ کيس مدد ڪري ٿو ته ٻي ۾ وري سخت محنت ڪرڻ ۽ ٻي جي ڀلي ڪرڻ جو گڻ کيس مدد ڪري ٿو ۔۔۔

    انڪري اوهانجي ڳالهه ته چڱائي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي، انڪري اسانکي بغير ڪنهن موٽ ملڻ جي چڱايون ڪندو رهڻ گهرجي، موٽ ملڻ جو نظام خودڪار آهي، ان لئه ڪنهنکي سوچڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي ۔۔۔

    چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔

    هميشه جيئان رشيد سمي صاحب جو ڏاهپ ڀريو ونڊ

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ۽ هنن کي نوڪري ملي وئي۔۔۔!

    ادا رشيد سائين ابڙي صاحب جي جواب ڏيڻ کان پو۽ ڪنهن جواب جي ضرورت ئي نه آهي

    لاجواب ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو