ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجهه اچي بوء بهار جي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔ سائين نثار ابڙو جو هر ليک ، هر تحرير، سون جي ورقن ۾ سجائڻ جهڙو هوندو آهي. سندس ڏاهپ مان اسان جهڙن جاهلن ۽ ادب کان اڻ واقفن گهڻو ڪجه سکيو آهي. سندس لفظن جي گهرائي ضمير کي جنجهوڙڻ لاء ڪافي هوندي آهي۔ سندس رايا ۽ سندس ڪيل ڪمينٽس ۽ موضوع نوجوان ۽ نون دوستن لاء حوصلو، ڄاڻ ۽ نصيحت هوندا آهن۔ ڪچهريء جو مور ، ڏاهپ جو سمنڊ ۽ دانائيء جو محور سائين نثار اسان لاء هميشه رهنما رهيو آهي۔ سندس دوستيء تي مونکي ناز ٿيندو آهي ته نثار اسان جو دوست آهي۔۔ مونکي خوشي اها به آهي جو مون جهڙي ماڻهوء کي سائين سنڌ سلامت تي آڻي هيڏا محبتي دوست ملايا آهن جن پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص ڏنو آهي جيڪو هن دور ۾ ڳوليو ڪونه ٿو لڀي۔ مان سندن اهو ٿورو زندگيء ڀر لاهي ته ڪونه سگهندس پر ڳائيندس ضرور۔ سائين نثار ابڙو سنڌ سان عقيدت جي حد تائين چاهت رکندو آهي۔ سندس اها عقيدت سندس هر ليک ۽ هر تحرير مان واضح هوندي آهي۔ هن دفعي جڏهن پاڻ سعودي عرب کان آيو ته اڌ سنڌ جو دورو ڪيائون ۽ يقينن سنڌ جي سڳنڌ اڃان تائين سندس ساهن ۾ هوندي۔ سنڌ سلامت جي سموري ٽيم کيس اهڙي سونهري پورهئي تي سلام پيش ٿي ڪري ۽ دعا ٿي ڪري ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ مسڪرائيندا رهن۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجهه اچي بوء بهار جي مانواري سائين نثار ابڙو کي تاريخي ڪم سر انجام ڏيڻ تي کوڙ ساريون مبارڪون سائين نثار صاحب بلڪل به جس لهڻن سدا خوش رهن شال
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سائين کوڙ ساريون مبارڪون سدا خوش رهن شال
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سنڌ سلامت جي مانواري دوست ادا نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي لک لک واڌايون پيش ٿيون ڪجن
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون محترم ۽ مانواري ڏاھي سنڌ دوست سائين نثار ابڙو صاحب جن کي مون پاران به 6000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔۔۔۔يقينن سائين جن جي ھنن 6000 تحريرن مان مونسان گڏ سموري سنڌسلامت جي سنڱت گھڻو ڪجھ سکيو ھوندو۔ مان سائين جن کان گھڻو ڪجھ سکيو آھي ۽ اڃان به وڌيڪ سکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو۔۔۔۔۔مولا سائين جن کي وڏي حياتي ڏي۔۔۔آمين
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سائين نثار کي سنڌ سلامت فورم تي 6000 تحريرن جو انگ مڪمل ڪرڻ تي جس هجي سندن هر تحرير مان اسان جهڙن سيکڙاٽن کي ڪا نه ڪا نئي شي سکڻ لا۽ ملندي آهي سائين جي محنت تي کيس سلام هجي سنڌ ۽ سنڌيت جي ٍجذبي سان سرشار سائين نثار کي سلام سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون مون پاران سائين نثار صاحب جن کي واڌايون، اهڙا لفظ ئي نه ٿا لڀجن جن سان محترم ۽ پياري شخصيت کي مان خراج تحسين پيش ڪري سگهان۔ بس ايترو چوندس ته مون سائين جن کان گهڻو ڪجھ پرايو آهي اها مون کي ئي خبر آهي، سائين جن پاڻ ڪهڙي به حال ۾ هجن پر اسان جي مختلف سوالن جا ڌيرج ۽ ڏاهپ سان جواب ڏيڻ، سمجهائڻ جو اسٽائل کين اڄ جو ارسطو بڻائي ڇڏي ٿو، سائين جن جي فلسفي کي هر وڏڙو، جوان ۽ ننڍڙو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ۽ سندن سمجهاڻي خاص پنهنجي لاءِ ئي سمجهي ٿو، هت هر دوست ائين ئي دل سان سمجهي ٿو ته سائين نثار ابڙو صاحب جن جي محبت گهڻي ساڻس سان ئي آهي، مان به ائين ئي سمجهان ٿو ته سائين جن سڀ کان وڌيڪ مون سان ئي محبت ۽ شفقت ڪن ٿا۔ سائين جت به هجو هميشه سلامت هجو، خوش هجو۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون هڪ اهڙي پر اثر شخصيت جنهن کي سامهون ويهي ٻڌجي يا سندس لکيل هر ليک پڙهجي ۔۔۔فيصلو ڪرڻ هر دفعي ڏکيو هوندو آهي ڇو ته چاهي سندس ليک هجي يا چاهي سائين سمهون هجن۔۔ کين پڙهندي ۽ ٻڌندي ڄڻ وقت هڪ جاءِ تي بيهي رهندو هجي۔۔۔ سندس ڳالهائڻ ۾ مٺاس ته آهي ئي پر جڏهن لکندو آهي ته ڄڻ اهو سمورو ليک لکيو ئي پڙهندڙ لاءِ اٿائين۔۔۔ پڙهندڙ سندس ليک کي پنهنجي وارتا پيو سمجهندو آهي۔۔۔ سچي به ڪڏهن ڪڏهن مان ڪنهن موضوع تي لفظ پيو ڳوليندو آهيان ۽ سائين نثار اها ڳالهه اڳ ئي ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔ سندن ڪچهري ۾ سنڌي ٻولي جي عام ۽ سادن جملن کي ايترو خوبصورتي سان استعمال ڪندا آهن جو اهي لفظ ياد ڪرڻ تي دل گهرندي آهي۔۔۔ سندس ليکن تي هڪ دفعو وري نظر وجهي جيڪڏهن گڏڪجي ته سندس شخصيت قابل، محترم ۽ اعلى طور واضح ٿي ويندي۔۔۔ سندس هر ليک ۾ سبق ملندو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت تي لکندڙ ساٿي کي جڏهن سائين نثار طرفان جواب ملندو آهي ته ان رڪن کي جهڙوڪ پنهنجي محنت جو ڦل ملي پوندو آهي۔۔ سائين جن جي سنڌ سلامت سان محبت جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو پاڻ انتهائي مشڪل ڊيوٽي دوران به سنڌ سلامت کي دل سان لڳايو ويٺا هوندا آهن۔۔۔ جڏهن سنڌ سلامت کي اپڊيٽ ڪرڻ خاطر سنڌ سلامت فورم کي عارضي بند ڪرڻو پوندو آهي ته اهو سچي اپڊيٽ به ملتوي ڪري ڇڏيندو آهيان ته سمورو وقت سنڌ سلامت کي ارپيندڙ هي مهربان ساٿي ان جي غير موجودگي جو وقت آخر ڪاٽيندا ڪيئن۔۔۔ سنڌ سلامت جي ساٿين سان محبت ايتري جو ڪنهن کي ڪجهه ڏينهن نه ڏسن ته انهن لاءِ فورم تي ليک ئي ٺاهي ڇڏين۔۔۔ جي اهو مناسب نه لڳي ته ڪچهري ۾ ضرور ان ڳالهه کي سامهون آڻيندي ان رڪن جي طبيعت جو پڇا ڪندا وتندا آهن۔۔۔ سندن شخصيت ۽ سنڌ سلامت تي ڪيل سندن ڪم کي ڏسي برملا سنڌ سلامت سندن تي فخر ڪري ٿي۔۔۔ منهنجو به ڳاٽ اوچو ٿئي ٿو ته اهڙي مهربان ۽ انتهائي قابل شخصيت منهنجي دوستن ۾ شامل آهي۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون بيشڪ سائين نثار ابڙو جن جي شخصيت قابل احترام آهي الله تعالي کين وڏي ڄمار بخشي هن عاجز طرفان به سائين جن کي واڌايون قبول پون۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون ماشاء الله ! ادي نثار ابڙو صاحب جن سنڌ سلامت جي ابتدائي رڪنن ۽ سنڌ سلامت جا بنياد رکندڙ منجهان ، هر دلعزيز ۽ هر ميمبر لا محبت رکندڙ شخصيت آهن ، نون ميمبرن لا هڪ مشعل جيان روشني مهيا ڪن ٿا ، سائين جن جو لکڻيون پڻ سون جي پاڻي سان لکڻ جهڙيون هونديون آهن ، آئون پڻ هڪ ادنا ڪارڪن جي حيثيت سان ادي نثار ابڙي کي سنڌ سلامت جي خدمت ڪندي 6000 تحريرون لڪڻ تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ، اميد آهي ته سائين جون اهي ڪاوشون جاري و ساري رهنديون !
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون مُون سي ڏٺا ما! جنين ڏٺو پرين کي ، رهي اچجي راتڙي تن جُنگنِ سَندِي جا۔ تنين جي ساڃا، ترهو ٿِئي تارِ ۾ (شاهه سائين) ادا نثار ابڙو سنڌ سلامت جي راڄ جو راڻو آهي، سندس محبتون هن اڱڻ سان سدائين ويران وير وڌ رهِي آهي پاڻ هميشهه : هلو هلو ڪاڪ تَڙين، جتي نينهن اُڇل نه ڪا جَهلَ نه پُل، سڀڪو پَسي پِرين کي(شاهه سائين) جي بيت وانگي سنڌ سلامت جي هر دوست کي پنهنجا جلوا پسائيندو آهي، پنهنجون محبتون ورهائيندو آهي، 6000 ونڊون ونڊڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ٿورئي آهي، راتيون جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي ارپيون آهن سائين نثار ابڙي ، مون وٽ ته لفظ ئي ڪونه آهن جو سائين نثار ابڙو کي ورکا دان ڪري کيس شاباسن جا گُل ارپيان، جيڪڏهن اڄ سنڌ سلامت سموري دنيا ۾ پنهنجي مهڪ برقرار رکيو اچي ته اهو سائين نثار ابڙي جي بي لوث سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان پيار جو نتيجو آهي، نثار ابڙو جي لکڻين ۽ ڪاوشن ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته هڪ نهايت ئي جاکوڙي ليکڪ جيان سندس لکڻين ۽ ڪاوشن جي روشني جل جل مشعل جيان روشن رهنما نظر اينديون، آئون ٽي درجي وارو شاعر کيس سندس 6000 هزار لکڻين تي دل جي گهرائين سان واڌايون ٿو ڏيان ۽ دُعا ٿو ڪريان ته هي سنڌي دودو، سوڍو، هوشو، هيمون سدائين جيجل سنڌ جي خدمت هن محبتي اڱڻ تان ڪندو رهي ، کيس ڪڏهن ڪو ڪوسو وا نه لڳي۔ شال سدائين آباد هُجي پنهنجي پرينَ سان شاد هُجي۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سنڌ جي ديواني عاشق سائين نثار ابڙو صاحب کي 6000 تحريرون لکڻ تي لک لک مبارڪون ۔ سائين نثار ابڙو صاحب جي لکڻين مان اندازو لڳي ٿو ته سائين جي رڳ رڳ ۾ سنڌ سان محبت سمايل آهي
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون ڪنهن جي منهن ۾ مصري،ڪنهن جو وات گلاب۔ اهو ماڻهو لاجواب ۔لطف جن جي لفظن ۾۔ ادا نثار ابڙو صاحب جن انهن ڏاهن ۾ هڪ آهن جنهن جي اندر مٿيون ٽئي خصوصتيون موجود آهن ۔سائين جي لکڻين کان ته اسان اڳئي م ئي ڪافي متاثر(impress) هئاسين پر جڏهن اسان جي هنن سان آمهون سامهون ملاقات ٿئي ته سائين جن جي شخصيت ۽ گفتگو مان به ڪافي امپريس ٿياسين۔هو محفل جي مور وانگر هر موضوع تي تمام گهڻي ڄاڻ ۽ گهرئي نظر رکندڙ انسان طور نظر آيا۔هو الفاظن ۽ ڄاڻ جي گهري سمنڊ ۾ ُغوطا لڳائي هيرن جهڙي قيمتي معلومات کي سون جهڙن چمڪندڙ الفاظن سان هن فورم جي ڪينئوس تي چٽيندا رهندا آهن ۔نوائن ۽ پراڻن ميمبرن جي همٿ افزائي ۽ مدد ڪرڻ لاء هر وقت تيار نظر ايندا آهن۔سائين جن انهن ميمبرن مان آهن جن جون تحريرون توهان کي هر موضوع تي ملنديون۔حالائنڪ هنن جو بزنس جون مصروفيات تمام گهڻيون آهن ۔ان جي باوجود به هو اسان جي هن محبتي اڳڻ کي تمام گهڻو ٽائيم ٿا ڏين۔انهن جي ليکن جي تعريف ڪرڻ ائين آهي جهڙوڪ چنڊ کي ڏيئي جي روشني ڏيکارڻ۔ادا نثار جهڙي ڏاهي لاء 6000 تحريرن جو سگ ميل پار ڪرڻ ڪو وڏو ڪم نه آهي۔انهن ۾ اهئي خاصيتون آهن جو اهڙا ڪيترائي سگ ميل پار ڪري سگهن ٿا۔بهرحال اسان جي طرفان به سائين جن کي لک لک واڌايون هجن 6000 لکڻيون لکڻ تي۔ادا نثار ابڙو صاحب توهان اسان جهڙن ميمبرن لاء مشعل راُھ آهيو۔توهان جي لاء هيٺيون چند لائينون۔۔۔ اوهان جي محبتن جا گلاب سدائين ساوا هجن۔ اوهان جي چهري جي مرڪ ميري نه ٿئي، شال اوهانجي ڪاميابين جا پوپٽ آخري منزل تائين اڏريندا رهن، دعا آهي ته الله پاڪ اوهانجي هر دلي تمنا پوري ڪري ۽ توهان جي ڏاهپ کي زنگ کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔هميشه خوش رهو۔ آمين۔
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سائين نثار کي منهنجي طرفان واڌايون شال قبوُل پون سائين ڦلپوٽو فقير صاحب کي 7000 لکڻيون پوريون ڪرڻ جون ائڊوانس واڌايون
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سلام سنڌ سلامت جي سهڻن دوستن کي! مٿي منجهان مينهن، پسو پاڻي جيئن وهي، مون ڀانيون نينـهن، ڄــٻيون ڄيري سنــديون. اوهان دوستن جي محبت ڏسي مونکي لطيف سرڪار جو هي بيت چڱيءَ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته انسان جڏهن محبت سان ڪو عمل ڪري ٿو ته اهو ڪيئن اگهامجي وڃي ٿو؛ محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جــو صرافن، اڻ توريـــو اگهايو. آءُ ته ڪچو ڪائو، گيدي ۽ اٻوجهه انسان هيس پر اي سنڌ! تنهنجي پيار مونکي سون بڻائي ڇڏيو، سنڌ سان پيار ڪرڻ جي موٽ ۾ اهڙو ته خزانو مليو آهي جنهن کي ڪيترين ئي تارازين ۾ تورجي ته به اڻ کٽ آهي ... اي سنڌ! تنهنجي عظمت ۽ قدامت مونکي به اچو ۽ قداور ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجي سونهن ۽ حسن مونکي به حسين ۽ سهڻو ڪري ڇڏيو آهي، ڪاش آءُ هر هر جنم وٺان ۽ تنهنجي نالي سان جڙيل هجان ۽ پاڻ کي سنڌي سڏايان ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستيون نڀايان .... دوست سليمان وساڻ جي همٿ افزائي ۽ مانُ، طاهر سنڌيءِ جا قرب، عاشق سولنگي جي نيازمندي، ڦلپوٽي فقير جا اڃان اڳتي جا ڏس، رشيد سمي جي سڄڻائپ ۽ نهٺائي، رحيم بخش جون دعائون، افخار چوهاڻ جي دوستي، نثار ناز جي رهنمائي، رسول بخش جوڻيجي جي تعريف، محترم غلام مصطفي ميمڻ جي سٻاجهڙائپ ۽ ايمان، فاروق سومري، مجيب ڪورائي، غضنفر اقبال ۽ رياض گلال جي ساراهه .... ايتريون ڳالهيون گڏ ڪجن ته مون جهڙو خوشنصيب ۽ نصيب جو ڌڻي ڪو ٻيو؟ ٿورائتو آهيان انهن سنڌ سلامت جي اڻ ڳڻين دوستن جو جيڪي سنڌ سلامت تي اچن ٿا ۽ پنهنجي ڏاهپ سان اسانجي اندر کي اجارن ٿا ... آءُ احسانمند آهيان مهمان طور ايندڙ سڀني دوستن جو جيڪي پڻ سنڌ سلامت جي سونهن آهن ۽ خاموشيءَ سان سنڌ سلامت جي اهميت کي وڌائن ٿا .... لک قرب اوهان دوستن جا جو منهنجي هن بي لوث خدمت جو سلو پنهنجن هيرن جهڙن لفظن سان ادا ڪري منهنجي محنت سجائي ڪئي اٿوَ ... آءُ هن ڪهاوت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته “ لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي”، انڪري جڏهن سنڌ سلامت جي اوطاق ۽ ان جي دوستن سان دوستي لائي آهي ته ڌڻيءَ جي رضا سان توڙ نڀائبي ... ۽ نڀائجي به ڇونه جنهن اوطاق جو مقصد ئي سنڌ ۽ سنڌيت هجي، جنهن اوطاق تي منهنجي مٺڙي ٻوليءَ جو مان مٿاهون ڪيو ويندو هجي، جنهن اوطاق تي منهنجي مٺڙي ٻوليءَ جا خزانا گڏ ٿيل هجن ۽ گڏ ٿيندا هجن ته ان اوطاق کان پنهنجي دوري ٿئي به ڪيئن ...؟؟؟ اميد ڪريانٿو ته اوهان سڀ دوست هن سنڌ سلامت جي لئه پنهنجي پنهنجي سگهه آهر پاڻ ملهائيندا رهندا ۽ سنڌيت جا سور ۽ سنڌيت جا ڏک درد ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ... مٺيس! جهــلِ مهارَ، ڪٺيس! ڪـــاهه مَ ڪرهـــو، مــــون نمـــاڻيءَ جــــي نجهري، ڀيـــرو ڪـــج ڀتار، ساجـــــن! توهـــــان ڌار، ڏٺــــم ڏينهـــن قيام جــو. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون لکڻ تي واڌايون سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر سائين نثار ابڙو کي 6000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔