• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مونکي ڪنهن ٿي کير پيارو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

حسين جوڻيجو

سينيئر رڪن
مونکي ڪنهن ٿي کير پيارو

پيار منجهان ٿي گود ويهاريو

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

پنڌ ڪندي ٿي ڌڪو کاڌمُ

ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتمُ

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

ٿِيُسُ جڏهن ٿي آئون بيمارُ

دوا ڪرڻ لاء ٿي ٿيئي تيارُ

ننڊ ڦٽائي سڄي هوشيارُ

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

وڌي آئون جڏهن وڏو ٿيندسُ

سک سوين مان توکي ڏيندسُ

نالو خوب ڪمائي ايندسُ

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل

منهنجي امڙ منهنجي جيجل۔
 
Back
Top