• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

Sindhi Media

سينيئر رڪن
علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان ”علي قاضي 03152750900“

علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان ”علي قاضي 03152750900“.
علي قاضي سنڌ جاگرتا لاءِ، پنهنجي جدوجهد جي مشعل کڻي، نئين ٽهيءَ سان گڏ ،سنڌي قوم کي نئين قيادت جو ڏس ڏئي، 22 جنوري 2012 حضرت شاه عبدالطيف جي مزار تان پنهنجي قوم جي هن پهرئين ۽ عظيم سفر ”سفر نجات “ جو آغاز ڪري رهيو آهي. اُهي تمام غيرت مند، باهمٿ، باشعور، قوم لاءِ فڪرمند سنڌي ، جيڪي ڏهائين تائين پوءِ ڍائيل ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن، رئيسن، ڀوتارن، ڪانڀون، راشي ڪامورن، جاگيردارن جي ڪوڙن دلاسن ۽ دولابن واري مورثي ۽ خود غرض سياست ۾ ڦاٿل هُئا. اڄ انهن لاءِ 22 جنوري2012 آزاديءَ جو پيغام کڻي اچي رهي آهي. ان کي ڀرپور موٽ ڏئي پنهنجي پوءِ ڍائيل ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن، رئيسن ڀوتارن، ڪانڀون، راشي ڪامورن، جاگيردارن وٽ عرصي کان گروي رکيل سنڌ ۽ سنڌين کي بچايو. اسان اُميد ٿا ڪريون ته هن مرد مُجاهد جي قيادت ۾ سنڌ ۽ مفلوج ڪيل سنڌي قوم انهن ظالم دجال نما ڀوتارن ۽ انهن جي موالي، چرسي، شرابي، شبابي، عياش پرست ڇاڙتن پيروڪارن کان ضرور آزادي وٺندي ۽ سنڌي قوم کي چرسن ۾ ڀريل سُلفين جي سُوٽن، ڀنگ ۽ ڪچي شراب ۾ مدهوش اوطاقن، دوهانٽيل اوتارن مان ڪڍي پُرفزا ماحول ۾ آڻي حقيقي قومي غيرت ڏيندي.

ڪنهنجو نالو تبديل ٿي سڏائي سگهي ٿو، ڪنهنجي ذات تبديل ٿي سڏائي سگهجي ٿي(جهڙوڪ شيديءِ مان قمبراڻي، ميمڻ مان قاضي، ماڇيءِ مان سولنگي وغيره)، ڪنهنجو مذهب به تبديل ٿي سگهجي ٿو، ڪنهن جي سياست ۽ سياسي سوچ به تبديل ٿي سگهجي ٿي پر ڪنهنجي قوميت هرگز تبديل نٿي ٿي سگهي. سنڌي ٻي قوم نٿو سڏجي سگهجي ڀلي ڪهڙي ذات جو هُجي، مذهب ياعقيدي جو هُجي، نالي جو هُجي. پوءِ ڇو نه پنهنجي پنهنجي وِتُن ۽ سوچن ۾ رهي ڪري به سنڌ ۽ سنڌي قوم لاِءِ سوچيون، جتي به هُجون، ڇا به هُجون، ڇو به هُجون اسان جي سوچ جو مرڪز ثقل سنڌ، سنڌو، سنڌي ۽ سنڌيت ڇو ناهي؟ جڏنهن ته موٽ مرڪز ثقل آهي؟ سوچيو! هاڻ سوچڻ جو وقت اچي چُڪو اهي! ان کان پهرين جو قوم آخري پساه کڻي پنهنجو وُجود وڃائي ويهي.

اڄ سنڌي قوم کي پاڻ علي قاضيءَ جي شڪل ۾ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت کي ٻاهر اُڀارڻ تي آئون سلام پيش ڪريان ٿو. هاڻ ڪير ڪيترو به کڻي انڪار ڪري پر اها حقيقت آهي ته سنڌي قوم کي سنڌي اجرڪ ٽوپيءَ جي نعري سان هي سهي، شروعات ڪري ثقافتي رنگ ڏئي ۽ ايڪتا (ٻڌي) جي نالي سان جيترو محترم علي قاضي صاحب جن هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ثابت ڪيو آهي ته هن شخص ۾ نه صرف سچائي آهي بلڪه هو هر مڪتب فڪر ۽ سوچ، مختف ذاتين، پاڙن، عقيدن، سياسي خيالن جي باوجود کين هڪ ڪاز ۾ شامل ڪري اڳتي وڌڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ کين به اوترو مان ۽ عزت ڏئي ڪري پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگهي ٿو. مان علي قاضيءَ کي عرض ڪندس ته هاڻ هو کُلي ڪري سنڌ ۾ سياسي خلا کي پُر ڪرڻ لاِءِ ميدان تي اچن ۽ پاڻ سان ٻين اهڙين ٻين سوچن کي به کڻي اڳتي وڌن جو هن وقت سنڌي قوم وڻ وڻ ڪاٺي هڪ اهڙي بي مهار اُٺ وانگر آهي جنهن جو ڪو ڌڻي سائين ناهي پر سڀني علي قاضيء جي سوچ ۾ هڪ ٿي ڏيکاريو آهي ۽ قيادت به تسليم ڪندي.
 
جواب: علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

ادا 03152750900 اھو نمبر ڪنھن جو آھي۔۔۔ مون کي به تمام ًگھڻا مسيج پيا اچن ان نمبر تان۔۔۔۔۔
 
جواب: علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

جيتوڻيڪ اڃان تائين سندس پيغام مبهم ۽ واضح ناهي، هن ڪا اهڙي واٽ يا ڪو پروگرام ناهي ڏنو جنهن کي ڏسي سمجهجي ته ڪنهن تبديليء طرف پيا وڃون۔ پر پوء به اسان هر ان شخص سان گڏ آهيون جيڪو تبديلي چاهي ٿو۔ انشاء الله ڀٽ شاهه تي گڏ هونداسون۔
 
جواب: علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

جيتوڻيڪ اڃان تائين سندس پيغام مبهم ۽ واضح ناهي، هن ڪا اهڙي واٽ يا ڪو پروگرام ناهي ڏنو

اصل مسئلو اهو ئي آهي۔ هتي "سُر راڻو آهي پوءِ واهه واهه" واري ڪار ڪندي ڳالهه سنڌ جي آهي ته هلو ٽوپي اجرڪ پائي جهُمريون هڻون۔ پر تبديلي جا محرڪات ڪُجهه ٻيا ئي هُجن ٿا۔ اسان جي به خواهش آهي ته ڀٽ شاهه واري سڏ کي ڀرپور موٽ ملي پر ڪو رُخ ته واضع هُجي نه؟

مون ڪم عقل هيستائين علي صاحب جو صرف هڪ ئي مطالبو سمجهيو آهي ته سنڌ جي 80% آبادي جو حصو نوجوان آهن جيڪي ووٽ نه ٿا ڏين۔ اهي اڳتي اچن ۽ موروثي سياست ۽ نعرن جي پوئلڳي ڇڏي بهتر قيادت ايوانن ۾ آڻي تبديلي آڻجي۔ پر هر مُطالبي جي پورائي جا ڪي رُخ ڪي رستا به ڏسبا آهن۔

نيٺ ڇا ڪجي؟ وارو علي صاحب جو پنهنجو سوال به اڃان تائين سوال ئي آهي
 
جواب: علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

سائين منهنجا سنڌ جي مظلوم ۽ ستايل عوام اڳ ۾ ئي گهڻن کي مرد مجاهد بڻايو ۽ انهن جي ڪڍ لڳي پيا۔ پر سنڌ جي عوام
جو حشر اڄ ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي۔ اڄ نواز شريف اچي سنڌ جي عوام کي خيالي پلائن جي خوشبو سنگهائي ٿو ته عمران خان
هڪ تبديلي جا دهل وڄائي سنڌ جي عوام جي همدردي ماڻڻ جي ڪاوشن ۾ مصروف آهي۔ اهو ئي نه پر سابق ڊڪٽيٽر پرويز مشرف به
سنڌ ۾ سندس سياسي گهر جا بڻياد کوٽي رهيو آهي۔۔ اهي سڀ ڪافي نه هيا ته مٿان وري روايتي پيري مريدي واري سياست جو نئون آغاز
يعني شاه محمود قريشي به سنڌ جي عوام کي خواب ڏيکارڻ لڳو آهي۔ هاڻي سنڌ جو عوام ڪنهن تي اعتبار ڪري۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
محترم جناب علي قاضي صاحب جي لا هڪڙي ننڍڙي گذارش آهي ته سندس چئلنز ڪي ٽي اين نيوز ۾ ڪم ڪندڙ اسٽاف کي
3 ٽن مهينن تائين پگهار نه ٿي ملي۔۔ ۽ ڪجهه اهڙا شرمناڪ واقعا نيوز آفيس جي اندر پيش اچن ٿا ته جيڪي هن بااخلاق فورم تي
ونڊڻ ۾ به شرم محسوس ٿئي ٿو۔۔ انهن مسئلن کي حل نه ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي عوام کي تبديلي جا خواب ڏيکارڻ لا ڪاروان
شروع ڪيو آهي۔۔ سنڌ جي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ يقيننا ڪنهن جدوجهد کان گهٽ نه آهي پر ماڻهون تبديلي جو عمل سڀ کان
پهريان پنهنجي پاڻ کان شروع ڪري ته بهتر رهندو آهي۔۔۔۔

گستاخي معاف۔۔۔

جواب: علي قاضيءَ جو نعرو”توهانجي خوشحاليءِ لاءِ توهان وٽ جهول کڻي نڪتو آهيان

اهو واضح ٿي چڪو آهي ته سنڌ جو عوام علي قاضي جي انهن دلاسن ۾ اچڻ وارو ناهي۔ ڇو ته سنڌ ۾ ٻه ثقافت جا ڏهاڙا ڪرائڻ علي قاضي جا انا هئي۔ ۽ اها انا هن ان لاء ڪئي هئي ته ڏسجي ته عوام هن سان گڏ ٿئي ٿو يا نه۔۔۔
اگر علي قاضي سنڌ سان سچو هجي ها ته سنڌي قوم کي ٽي وي چئنلن ذريعي مغربي ڪلچر ڏانهن مائل نه ڪري ها۔۔۔
علي قاضي جي انهيء ترقيء واري سفر ۾ يقينن ڪو پنهنجو مفاد شامل هوندو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاء ٻه سال کان ڪوششون ڪري رهيو آهي
 
Back
Top