• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه منزل جي رستا ڀلياسين ته ڇاهي،

حسين جوڻيجو

سينيئر رڪن
نه منزل جي رستا ڀلياسين ته ڇاهي،
اسان رول ماڻهو رلياسين ته ڇاهي،
اسان جيڪڏهن دل ۾ مندر هجون ها
حسينائون ڀيٽن ۾ ٻارن ها ڏيئا
اسان يا ته مسجد جا محراب ٿيون ها
پون هان اسان تي ڪي سجدن جا ليئا
نه هئو عشق ۾ حج جو امڪان ڪوئي
ٻڌي خالي احرام نڪري پياسين
اسان لاء گنگا جي اشنان تي جھل
ڪناري ڪناري هلندا رهياسين
محبت جو معراج ناهي اسان لاء
ايئن ئي خالي اڀ ڏي الياسين ته ڇاهي
اسان رول ماڻهو رلياسين ته ڇاهي؟؟
نه وارن کي مليون ڦڻيون آڱرين جون
نه زلفن مان آئي هوا ڪا اوٺي جي
زماني ۾ ڀلجي ڪڏهن ڪئي نه هوندي
اسان لاء ڳڻتي ڪا پرتي ر ٺي جي
حسينن جي هوندي اڪيلو گذارڻ
وڏي ثابتي آ اڀاڳي هجڻ جي
اسانجي ته تقدير ڪنهن وقت سکڻي
ڪئي ناهي دعوا سڀاڳي هجڻ جي
اسان لاء سنسان سڀ گھر گھٽئ ۾
وڃي ڪنهن به در وٽ رڪياسين ته ڇاهي
اسان رول ماڻهو رلياسين ته ڇاهي....؟؟
 
Back
Top