• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايوب کوسو چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

مصور عالم

سينيئر رڪن

شآعر ايوب کوسو



چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

چون ٿا ڪنهن زماني ۾،

گلن جي مهڪ هئا رستا،

حيا جون اجرڪون اوڍي،

اکين ۾ پيار هئا آتا،

چون ٿا ڪنهن به ڪيهر جو،

نه هو خوف ٻچڙن کي،

پيئندو هونه ڪو ظالم،

ڪنوارن خوب ڪچڙن کي،

چون ٿا ڪونه هئي اڻ تڻ،

چون ٿا ڪونه هو گهاڻو،

چون ٿا سنڌ هئي مومل،

چون ٿا عشق هو راڻو،

اهاتهذيب جي بارش،

ڪٿي اڄ ڪو نه آ باقي،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

ڪٺل آ چاه جي موسم،

ڦريل آ رنگ مينديء جو،

سڪي ويا کيت سڀ آهن،

گهٽيل آ چنگ ٻوليء جو،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

هٺيلو خون ڳوٺن جو،

ڪسيو آ زات پرماري،

چنين جون حرمتون ڀيلي،

لتاڙي رات پئي ڪاري،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

لٽيل آ ٻار جي عظمت،

ڦٽي آ دانهن ساجهر ۾،

ڪٿي آ لاش ٻوريء ۾،

ڪٿي آ لاش ڀاڪر ۾،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

ڦلهوري جاڳ هر ڪا ڏس،

اڃا آ درد جو سڏڪو،

اڃا آ لاپتا خوشبو،

اڃان ناهي ڪٿي ڀڻڪو،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،

چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي۔



 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

ايوب کوسي جي شاعري ۽ جان عالم جو ونڊ ۔۔۔۔

نظم پڙهي ڪڏهن پاڻ کي چڪ هڻڻ تي دل ٿي چوي ته وري ڪڏهن پنهنجي ڇاتي تي مڪون هڻي دشمنن کي للڪارڻ تي دل ٿو چوي،

ڇا سنڌ هئي ۽ ڇا ٿي وئي آهي ۔۔۔ ڪٿي اهي ميگ ملهار ۽ ڪٿي آزار ۽ ماروئڙن جي بي وسي ۔۔۔ ڪٿي اهو ڪاڪ تڙ جتي هر ڪو پسي پرين کي ۽ ڪٿي هي ڪند ۽ تاريڪ زمانو ۔۔۔

ڪاش پراڻي سنڌ جي پسمنظر ۾ هر ڪو سنڌي واجهائي سگهي ۽ مستقبل جي سنواڻ جا جتن ڪري ۔۔۔ ڪاش

لک ٿورا جان عالم ۔۔۔ دل تي ڇريون هلائيندڙ ونڊ ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

ايوب کوسي جي شاعري ۽ جان عالم جو ونڊ ۔۔۔۔

نظم پڙهي ڪڏهن پاڻ کي چڪ هڻڻ تي دل ٿي چوي ته وري ڪڏهن پنهنجي ڇاتي تي مڪون هڻي دشمنن کي للڪارڻ تي دل ٿو چوي،

ڇا سنڌ هئي ۽ ڇا ٿي وئي آهي ۔۔۔ ڪٿي اهي ميگ ملهار ۽ ڪٿي آزار ۽ ماروئڙن جي بي وسي ۔۔۔ ڪٿي اهو ڪاڪ تڙ جتي هر ڪو پسي پرين کي ۽ ڪٿي هي ڪند ۽ تاريڪ زمانو ۔۔۔

ڪاش پراڻي سنڌ جي پسمنظر ۾ هر ڪو سنڌي واجهائي سگهي ۽ مستقبل جي سنواڻ جا جتن ڪري ۔۔۔ ڪاش

لک ٿورا جان عالم ۔۔۔ دل تي ڇريون هلائيندڙ ونڊ ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوڪي جي ديوار

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

تمام سٺو ادا جان عالم ٻين جي شاعري کي ڇڏ تون پنهنجي به شاعري موڪل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

ادا شاڪر پنهنجي شاعري آئون ونڊ ڪندو رهندس۔
باقي توهان دوستن جا قرب
 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

بلڪل سنڌ ساڳي نه آهي۔۔۔
اها هي سنڌ هر گز نه آهي،،، جِت اڄ ثقافت جو قومي ڏهاڙو ڇوڪرن، ڇوڪرين کي جينز پارائي انگريزي گيتن تي نچايو ٿو وڃي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
جواب: چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي

چون ٿا سنڌ هئي مومل،
چون ٿا عشق هو رانو۔

بهترين سٽون ايوب کوسي جون
 
Back
Top