سنڌو ديش جو نعرو هڻندڙ ديشي حضرات کان سوال 1۔ ڇا سنڌو ديش صرف چوڻ سان آزاد ٿي سگهندو؟ منهنجي خيال ۾ سنڌو ديش جي آزاديء لاء گهٽ ۾ گهٽ ا ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت آهي۔ ڇا ا ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي؟ ڇا يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪري سنڌو ديش آزاد ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا سنڌو ديش آزاد ڪرائي توهان تعليم جو اها ئي ٍحالت ڪندا نه جيڪا هن وقت توهان ڪري رهيا آهيو۔ ڇا سنڌو ديش ٺهڻ کان پوء اهي حڪمران ٿيندا جيڪي هن وقت يونيورسٽين جي شاگردن کي پڙهڻ به نٿا ڏين؟ سنڌو ديش جي دعويدارن کي گذارش ته اگر توهان سنڌو ديش ٺاهڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريائين پنهنجو اخلاق سڌاريو، يونيورسٽي جي شاگردن کي تنگ ڪرڻ بدران پاڻ به تعليم حاصل ڪريو۔ ڇو ته ڪنهن شاعر چواڻيء ته: ادا انقلاب آهي نه ماکي اڪ جي، ڳاڙهو رت آ ڳاڙڻو جهڙو گل گلاب۔ اگر توهان انقلاب آڻڻ چاهيو ٿا ته هن شاعر چواڻي ته: کڻو قلم کوليو ڪتاب، انقلاب زنده باد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اگر توهان ديش ٺاهڻ چاهيو ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي ته مطمئن ڪريو، صرف يونيورسٽين ۾ ڏنڊي جي زور تي ميمبرشپ ڪرائڻ مان ڪجھ به نه ورندو۔ اگر سنڌو ديش جي تخليق جا حامي آهيو ته اهو به ته ٻڌايو ته ڪير حڪمران ٿيندو، توهان ته يونيورسٽين ۾ ڀتو وٺڻ ۾ پورا آهيو۔ اهي رشوت ۽ ڀتاخوريء جو ڪيئن خاتمو آڻيندا۔ ڇا توهان سنڌو ديش اهڙو ٺاهڻ چاهيو ٿا، جهڙا اوهان جا ڪرتوت آهن، مطلب ته بندوق جي زور تي ڪم وٺڻ، تعليم کي مڪمل تباه ڪرڻ، وغيره وغيره گستاخي معاف نجمه
جواب: ديشين کان سوال ڀيڻ نجمه ڪجهه سوال ۽ ڪجهه صلاحون ۽ ڪجهه ڪاوڙ سان ڀريل هي ليک موڪلي اهو ثابت ڪيو آهي ته اسانجي هي ڀيڻ پڻ ديشڻ آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي حجتون 1۔ سوال ڪرڻ 2۔ صلاح ڏيڻ 3۔ ڪاوڙ ڪرڻ انهن سان ڪيون وينديون آهن جن سان پنهنجائپ هوندي آهي، جن سان همدردي هوندي آهي ۽ بلڪه جن سان پيار هوندو آهي۔ ڀيڻ آ اوهانکي تفصيلي جواب ڏيندس پر ڏسجي ته اسانجو ڪو اهڙو دوست جيڪو هن وقت جيئي سنڌ جو فعال رڪن هجي ۽ سنڌو ديش لئه ڪم ڪندو هجي، اهو پنهنجو جواب موڪلي ۔۔۔ ۽ جي نه موڪليائين ته آ اوهان کان ڪجهه سوال ڪندس ۽ ڪجهه جواب آ ڏيندس ۔۔۔ تيستائين انتظار ٿا ڪريون ۔۔۔ اوهانجا سوال سڄڻائپ ۽ پنهنجائپ وارا آهن ۔۔۔ خوشي ان ڳالهه جي آهي۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ديشين کان سوال سٺا سوال ڪيا آهن نجم توهان ۔ پر آئون به نجم کي هنن سوالن جا جواب نٿو ڏيئي سگهانڇو ته ائون سنڌي آهيان ديشي نه !!!! ديشي دوست جيستائين ايم ڪيو ايم ۽ آمريڪا جي چمچاگيري نٿا ڇڏين تيستائين خودمختيار رياست بڻائڻ نا ممڪن آهي۔
جواب: ديشين کان سوال ڀيڻ نجمه سڀ کان پھريان ته مان اوھان جي جرت ۽ ھمٿ کي سلام ٿو ڪريان۔ ڀيڻ نجمه بلڪل سائين نثار جيان اوھان جي ھنن سوالن جو جواب ڪو ديشي يا ڪو ليڊر ئي ڏئي ٿو سگھي۔ مان پاڻ سنڌوديش جو حامي ۽ سيد جو پيروڪار آھن۔۔۔۔۔۔مٿان جيڪي سوال اوھان ديشين کان ڪيا آھن ھنن سوالن جي ڪري ئي مان ھيئر تائين ڪا به قومپرست پارٽي جوائن نه ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔مونکي مختلف قومپرست جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏني آھي پر منھنجو ضمير ڪون ٿو منڃي ڪابه سنڌ جي قومپرست پارٽي جوائن ڪرڻ لا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيڪڏھن ڪو ٻيو ديشي دوست اوھان کي جواب نه ڏئي سگھيو ته محترم نثار صاحب اوھانکي تفصيلي جواب ڏيندو ان ڳالھ جو انتظار مونکي پڻ آھي۔
جواب: ديشين کان سوال ڀيڻ اوهان جا سوال صرف اوهان جا نه پر سموري سنڌ جا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جو سوال جي ديشين خاص ڪري قومپرست پارٽين سان لاڳاپيل دوستن کان آهي ته پوء مان به اوهان سان گڏ سوال پڇڻ وارن مان آهيان۔ مان قومپرست ضرور آهيان پر نعري وارو نه، منهنجو ڪنهن قومپرست پارٽي سان تعلق به ناهي پر اندر جو انسان قومپرست ضرور آهي۔ منهنجا عمل به قومپرستي وارا آهن ۔ پر اوهان جو سوال نعرا هڻندڙ، دعوائون ڪندڙ دوستن کان آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان به جواب جي انتظار ۾ آهيون۔
جواب: ديشين کان سوال سنڌ ۽ سنڌ سلامت خوش نصيب آهن جو سندن وٽ سنڌ سان چاهيندڙ رڪن موجود آهن۔۔۔ جيتري قدر توهان جا پڇيل هجت وارا سوال آهن ته ان سلسلي ۾ مان ايترو چوندس ته هر خاص ۽ عام سنڌي بلڪل ائين سوچيندو آهي جيئن توهان سوچيو پيا۔۔۔ پر اها به حقيقت آهي ته جيسين شاگرد ۽ نوجوان طبقو آزادي جو مطلب ۽ شعور نه ٿو سمجهي تيسين آزادي طرف قدم وڌائڻ بلڪل به بيڪار آهي۔۔۔ مون کي يقين آهي ته قومپرست تنظيمن جو ڪڏهن به اهو منشور نه رهيو آهي جيڪو سندن ورڪر يونيورسٽين ۾ ڪري رهيا آهن۔۔۔ پر انهن جي ڪرتوتن ۾ اهي برابر جا ضرور شريڪ آهن جو کين توهان طرفان نشاندهي ڪيل غلط ڪارواين نظر ته اچن ٿيون پر انهي لاءِ هنن ڪابه رڪاوٽ يا ڪو طريقو واضح نه ڪيو آهي۔۔ جيئن ته سائين نثار ابڙو صاحب پنهنجي شاگردي جي دور ۾ سرگرم قومپرست رهيو آهي ان ڪري کيس يونيورسٽيز جي حالات، مجبورين ۽ سنڌي مخالف رويي کان بخوبي واقفيت آهي۔۔ هُو پنهنجي ايندڙ جواب ۾ يقينن تفصيلن کان آگاهه ڪندا۔۔ سندن جواب جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي ته هر سنڌي شاگرد ادي نجمه جي موقف جي تائيد ڪندو آهي ۔۔۔ سندن جواب اصل حقيقتن تي مشتمل هوندو جنهن سان صورتحال سمجهڻ ۾ آساني رهندي۔۔۔
جواب: ديشين کان سوال سٺا سوال ۽ اميد ته انهن جا جواب به سٺا هوندا۔ آئون انهن تي تبصرو ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهان۔ ڇو ته مان سياست کان پرڀرو آهيان۔ باقي سائين رشيد واري ڳالھ به سورهن آنا سچ آهي ته قومپرست پارٽين جو اهو منشور ناهي رهيو جيڪو يونيورسٽين ۾ ويٺل نام نهاد ڪامريڊن (صرف ڏيکاء وارا ڪامريڊ جيڪي ڪامريد جي معني کان به واقف ناهن) جوآهي
جواب: ديشين کان سوال ادا نثار جيئن ته ڪنهن به دوست جواب ناهن ڏنا ان ڪري يقينن توهان جو نمبر ايندو۔ ان ڪري هڪ ڳالھ مون کي به سمجهائي ڇڏجو ته سائين جي ايم سيد جون پيروڪار پارٽيون مطلب ڌڙا گڏجي ڪم ڇو نٿا ڪن۔
جواب: ديشين کان سوال ادي اسان جي ديشين سنڌ کي سڌارڻ جي بجائي هميشه سنڌ جو ٻيڻو غرڪ ڪيو آهي هڪ ڳا له توهان تمام بهترين لکي آهي اسان جو تعليمي ادارن ۾ ڇا وڃي پڙهڻ جي بجائي ڪامريڊي ڪريون پو چوندا آهيون ته اسانجي سنڌه جا حق غضب ڪيا وڃن ٿا اسان پاڻ پنهنجا حق غضب ڪريون ٿا ۽ پو ڏوهي ٻئي کي ڪندا آهيون ۽ جڏهن اسان تعليمي ادارن ۾ ڪامريڊي جي بجائي پڙهنداسين تڏهن ئي اسانجو سنڌو ديش طرقي جي طرف وڌندو
جواب: ديشين کان سوال ادي سڀني وانگي آئون به اهو چئي ورجاءُ ڪندس ته جواب اُهو ڏي جنهن کان سوال ڪيا ويا آهن۔ سائين نثار صاحب جيڪڏنهن خاطر خواه جواب ڏيڻ جي موڊ ۾ آهن ته اسان کي اوهان کان وڌيڪ انتظار رهندو ڇو ته سليمان وساڻ جي ڳالهه صحيح آهي ته اهو سوال اوهان جو نه پر سڄي سنڌ جو آهي؟ پر ڪُجه پنهنجي پاران هتي ٻُڌائيندو هلان۔ اهو سوال انهي وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ آيل آريسر کان ڪيو هئم جڏنهن پاڻ بشير قريشي جي ٽيم جو حصو هئا۔ ورندي اها ملي ته ڪِنا، کٽا مٺا، چڱا ڍلا ڀلا پر اسان جا اهي ئي ورڪر آهن۔ ايترو ئي ڀلو آهين ته اڳتي اچ۔ اسان جي ٽيم جو حصو ٿي ۽ بهتري آڻ۔ باقي رُڳو اها غِلا ته اوهان غلط آهيو سا نه ٿي ٺهي۔ وري ٻيهر ڪنهن کان پڇڻ جي همت نه ٿي۔ يونيورسٽي ۾ پنهنجي آخري سال ۾ سنڌ ٽي وي جي هڪ پروگرام جي رڪارڊنگ سنڌالاجي جي آڊيٽيورم پئي ٿي۔ اتي به آريسر صاحب ويٺل هئا ۽ مرحوم عاصم آخوند (ريسرچ ايسوسيئيٽ آئي آر ڊيپارٽمينٽ) سان بحث پئي هلي حر تحريڪ متعلق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آريسر صاحب جو موقف هو ته حر تحريڪ ڪا تحريڪ هئي ئي ڪانه۔۔۔۔۔ سبب ته جيڪا تحريڪ ڪا منزل نه ماڻي اهو تحريڪ ئي ناهي۔ سوال جواب جي سيشن ۾ منهنجو به وارو آيو ته پُڇيم ”انهي جو مطلب اوهان جي تحريڪ به تحريڪ ناهي، ڪاميابي اوهان به ناهي ماڻي“ جواب مليو ”اسان هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا، سو اسان جي تحريڪ تحريڪ آهي“ دل ۾ آيو ته چوان هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا پر استعمال ڪيا به آهن ته پنهنجن تي۔ رُڳو انهي بنياد تي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي سان وابسته آهي۔ پر تيستائين مائيڪ ڪنهن ٻي وٽ پهچي وئي۔ سو ڀيڻ هنن جي ڳالهين ۽ ڪرتوتن (تمام سخت لفظ پر مجبوري ۾ استعمال ڪريان ٿو) کي ڏسي جيڪو مون اندازو لڳايو آهي اهو هي آهي۔ پر مهرباني ڪري منهنجي هن راءِ کي راءِ يا تبصرو سمجهيو وڃي۔ هڪ دفعو وري ٻُڌايان ته سوالن جا جواب اهو ئي ڏي جنهن کان پُڇيا ويا آهن (الله ڪري ڏي لڳي مُشڪل ٿو)۔ هنن يا بلڪه کڻي چوجي اسان جي اها فطرت آهي ته اسان ڪنهن جي اڳواڻي گهٽ پسند ڪندا آهيون ۽ ٿوري گهڻي ڪم کان پوءِ انهي ڪم جو پٽڪو پاڻ ٻڌڻ جي چڪر ۾ هوندا آهيون۔ جيئن ريڊيو ٽئيپ، يا موٽر بائيڪ جي دڪان تي 4 ڏينهن ڪم ڪري ننڍا نيٽا جلدي وڃي پنهنجو دڪان کولي استاد استاد چوڻ کان بچي پاڻ استاد ٿيڻ چاهيندا آهن تيئن ئي هي به آهن۔ ايڏيون پارٽيون آهن جو ڪا بلڊنگ، يادگار يا دروازو ٺهيو ناهي ته اڻ کُٽ جهنڊا لڳيو وڃن جو خبر ڪانه ٿي پئي ته اها تعمير ٿيل شئي آهي ڇا؟ هاڻي انهي تناظر ۾ جهيڙا (پنهنجو پاڻ ۾) فطري عمل آهي۔ پٽيلي چمڪائڻ ۽ هر ڪم ۾ اڳڀرا ٿيڻ جي ڊوڙ (بنا مقصد) ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهائي جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ سڀ ملوث ٿيو وڃن ۽ منهنجي هن راءِ جو ڪو انڪاري آهي ته ٻُڌائي ته اڄ تائين سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي (ڪراچي جون ڇڏي ڪري) ۾ ڪيترا نان سنڌي قتل ٿيا آهن۔ يقينن هڪ به نه؟ اهو ته ٺهيو پر ڪو اهو ٻُڌائي ته ڪيترا مقتول سنڌي اهڙا آهن جن کي ڪنهن نان سنڌي ماريو آهي؟ يقينن هڪ به نه! ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ماريندڙ به سنڌي، مرندڙ به سنڌي ۽ ماحول خراب ڪندڙ به سنڌي ته انهي جو نقصان به ڦري سري سنڌين کي۔ تنهنڪري انهي سڄي گند جو مُحرڪ صرف پٽيلي ۽ چڱ مُڙسي جو شوق آهي ٻيو ڪجهه به نه۔ ۽ اهو رڳو هيٺين ليول تي نه پر مٿين ليول تي به آهي۔ هينئر جيڪو سڀني پارٽيز جو الائنس ٺاهي ايوان ۾ اڄڻ جي راءِ آئي ته ڪُجهه مُک پارٽين اهو چئي نابري واري ته اسان جو اهو منشور ناهي۔ پاڪستان ٽٽڻ تائين اليڪشن نه وڙهبي۔ ڀائي اوهان ٻيا ڪهڙا ڪم منشور تي ڪيا آهن؟ اوهان جا ڪارڪن جن اسان جي پنهنجن سنڌين کي رت ڪري ماريو آهي انهن کي به ته سمجهوتو ڪري برداشت ڪري ويٺا آهيو نه؟ جڏنهن اهو سمجهوتو منشور کي هڪ پاسي ڪري ٿو ته اليڪشن وڙهڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ پر سياڻا آهن۔ کين پنهنجي ڪئي ڪمائي سُجهي ٿي۔ اهڙن افعالن هوندي ڪير ووٽ ڏيندو؟ تنهن کان بهتر آهي ته منشور جو بهانو ڪري اهڙو رسڪ ئي نه کڻجي۔ نه ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته انهن تحريڪن سان وابسته سڀ هڪ ٿي ڪو رستو ته تعين ڪن۔ ادي جي ڳالهه وانگي نعرن ۽ ونهنجن کي ايذائڻ سان سنڌو ديش ته نه ٺهندو۔ ۔۔۔۔ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه پئدا ڪن۔ سنڌ ۾ قدرتي آفتو اچن ته هي ڳولئي ڪونه لڀن، ماڻهن سان رلي ملي کائن هال پُڇڻ به هنن کان ڪونه پُڄي۔ هنن کان ڀلو ڪم ته چند نوجوانن تي مشتمل ننڍيون تنظيمون سٺو ڪم پيون ڪن مثال طور تعليم جي سلسلي ۾ مفت مشورا ۽ مدد جو ڪم ”سيوا“ پاران۔ پر هي الائي ڇا ڪندا؟ اڃان ڪيستائين ادي نجمه جهڙين ادين کي اهو سوال ڪرڻو پوندو۔ الائي ڪڏنهن اسان جي ادين لاءِ ديشي ڀاء اهڙا ٿيندا جو هو کانئن يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ صلاح پُڇندي نظر اينديون۔ الائي ڪڏنهن اهو ٿيندو جو ٻار يونورسٽي ويندو ۽ مائٽ اهو سختي سان نه چوندا ته پُٽ سياسي چڪرن ۾ نه پئجان۔ ديشين سان سنگت نه رکجان۔ هڪ ڊگهي ڪاش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
جواب: ديشين کان سوال دوستو! آ اڃان انتظار ۾ آهيان ۽ جواب ڏيڻ کان قاصر آهيان ، ان جا سبب؛ 1۔ هڪ ته اڃان ڪنهن اهڙي نوجوان جنهنجو تعلق اڄ جي سياسي شاگرد تنظيمن ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ سان هجي جو جواب اچي نه سگهيو آهي، انڪري جنهن ڌر کان سوال آهي انجو جواب اچڻ ضروري آهي ته جيئن سندن موقف پڌرو ٿئي ۔۔۔ ٻي صورت ۾ مدعي سست گواهه چست واري ڳالهه وڃي بيهندي ۔۔۔ 2۔ ڪجهه ڏينهن آفيس جي ڪم جي گهڻائي آهي، انڪري اهو ڪم پورو ڪرڻو آهي ۔۔۔ ( پيٽ پالڻ جو سوال آهي، رزق حلال حاصل ڪرڻ به جهاد) 3۔ موضوع طويل آهي، ان لئه مڪمل جواب ڏيڻ ۽ حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جواب ڏيڻ لئه تحقيقي جواب ڏيڻ مناسب لڳندو۔ مون آهستي آهستي ڪري لکڻ شروع ڪيو آهي، اميد ته ڪجهه ڏينهن ۾ ان موضوع کي تحقيقي انداز ۾ پيش ڪبو، بس دعا اها آهي ته آفيس جو ڪم جلد ختم ٿئي ۽ ٻيو ڪو اوچتو ڪم اچي سر نه پوي ۔۔۔ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ڪافي دوستن تمام سٺا ۽ تفصيلي جواب پڻ ڏنا آهن، پر اڪثر جواب شڪايتي ۽ عام رواجي آهن ڪو به جواب تحقيقي ۽ موجوده سنڌ جي سياسي حالتن جي پٽاندر ناهي ۔۔۔ سو انتظار ڪجي ته ڪو تحقيقي ۽ تفصيلي جواب ان ڌر پاران اچي جنهن کان سوال ڪيو ويو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ديشين کان سوال ادا نثار مان جوئي آهيان سوئي آهيان۔ پر توهان جي ڳالھ ته هجت ڪاوڙ ۽ صلاح پنهنجن کي ڪبا آهن۔ ان ڪري توهان مون کي ديشڻ سمجهيو آ۔ توهان جي ان ڳالھ مان ثابت ٿيو ته توهان جا پنهنجا اهي آهن جيڪي خود ديشي آهن۔ نه ادا ائين هرگز ناهي سنڌ سموري اسان سنڌين جي آ۔ سنڌ جو هر مرد ۽ سنڌ جي هر نياڻي اسان جي پنهنجي آ۔ پوء ڀلي اها ڪنهن به پارٽي ۽ ڪنهن به ڌڙي جي ڇو نه هجي۔ توهان جي جوابن جو مون کي انتظار آ۔ ڇو ته مون کي اڄ ڪلھ جو ڪو به ائڪٽو نوجوان نظر نه ٿو اچي جيڪو انهن سوالن جا جواب ڏيئي سگهي۔ ان ڪري توهان ٻين جو انتظار اجايو پيا ڪريو۔
جواب: ديشين کان سوال نجمه توهان جا بهترين سوال، اڪثر ڏٺو وڃي ٿو ته بدنام رڳو ديشي ۽ قومپرست آهن پر انهن کي بگاڙڻ وارا وچولا ڇاڙتا ۽ ديش دشمن آهن جن کي اڄ تائين اھا به خبر ناھي ته سائين جي ايم سيد جو اصلي نالو ڇا اھي، توهان سوال پڇو ٿا اھو ھڪ بهترين ڪم آھي پر توهان اھو پڪ سان ڄاڻو ٿا ته اھي سنڌو ديش ۽ انقلاب جو نعرو ھڻڻ وارا واقعي ۾ سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان چاھ رکن ٿا يا رڳو بس حش ۾ خوش نعري هڻڻ وارن مان آهن، جيڪڏهن اھي اصلي ديش پرست ديشي ۽ قومپرست هجن ها ته توهان جي ڳالھ وانگر يونورسٽي ۾ ڪڏهن به تنظيم سازي نه ڪرائين ها ۽ ان جا بلڪل مخالف بڻجن ها ته تعليمي ادارن ۾ ڪڏهن به تنظيم نه ۽ اھي ماڻهون جيڪي تعليمي ادارن اندر تنظيم جي نالي تي بدمعاشي ۽ خودغرضي ڪري غريب شاگرن سان ڏاڍائي ڪري رهيا آهن ائين نه ڪن ها۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان ڏسو ٿا ته اھي ئي ماڻهون سنڌ جو نعرو هڻن ٿا سنڌوديش جو نعرو هڻن ٿا اھي سنڌ سان سچا نه بلڪه حش ۾ خوش آهن ۽ انهن کي تنظيم سازي جي ڪا به خبر ناھي ته تنظيم ڇا ٿيندي ۽ ان جا ڪم ڪھڙا ھوندا آهن۔۔۔۔۔۔۔ باقي خوار رڳو نالي ۾ قومپرست آهن اھي ڪم سڀئي پيا ڪن تنظيمن جي نالي ته ، اڄ به ڏٺو وڃي ته هڪ عام شاگرد يونيورسٽي ۾ ٽيچرن تي اھو ئي داٻو ڪندو آھي ته ”ڏسين نٿو مان جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان“ معنيى اھي اھو پيا سمجهن ته اسان ڪو وڏو ساراھ جوڳو ڪم ڪري رهيا آھيون پر اھا ڊرامي بازي ۽ هٿ سان سنڌ جي تعليم تباھ ڪرڻ جي سازش آھي توهان انهن تي ڪڏهن به يقين نه ڪيو ته ڪي اھي جيئي سنڌ جا ڪارڪن سنڌ سان سچا ۽ قومپرست آهن اھو سڀ ڏيکا آھي ۽ تنظيم جي بدنامي آھي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني توهان جي سوال ڪرڻ جي گستاخي ڪئي هجي ته معافي باقي منهنجو جواب مٿي واضح اھي۔۔۔۔۔
جواب: ديشين کان سوال ادي نجمه جا سوال پنهنجي جڳهه تي معني خيز آهن۔۔۔ دوستو مان ڪو وڏو عقابر ناهيان پر ٿوررو انهي موضوع تي لکڻ ٿو چاهيان۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي پنهنجي حقن تان هٽائڻ جي هڪ سازش آهي جيڪا سامراج ڪري رهيو آهي ۽ اهو انهي سازش ۾ %100 ڪامياب به پڻ ٿي چڪو آهي۔۔۔ سنڌ جي آزادي جا نعرا هڻڻ وارا سنڌي قومپرست صرف نعرن تائين محدود آهن۔۔۔ باقي عملي ڪم انهن کان پڄندو ناهي۔۔۔ باقي رهيو سوال تعليمي ادارن ۾ ڪامريڊي وارو سو ته سراسر جهالت تي مبني آهي۔۔ ٻئي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اوهان کي پنهنجو حق سڌي طرح نٿو ملي ته پو اوهان ضرور ڪامريڊي جو استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔ پر اهو به جائز حق هجي ته ٻئي صورت ۾ اوهان کي انهي جو حق به ناهي ته اوهان ڪنهن سان نا انصافي ڪيو۔۔۔ دوستن ڪافي بهتر جواب ڏنا آهن۔۔۔ هن وقت سائين نثار ابڙو جن جي جواب جا منتظر آهيون۔۔۔۔۔ ديشي مان ان کي ٿو سمجهان، جنهن پنهنجي سنڌي عوام جو هر مسئلو يا وري جيڪو ان جي وس آهر هوندو آهي ۽ انهي کي چاهي هو خفيه طور تي سرانجام ڏئي ٿو يا وري نروار ٿي ڪري۔۔۔۔۔ جيئن ته مان هڪ اهڙي پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندو آهيان جتي سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن۔۔۔ ۽ انهن جا جيڪي جائز مسئلا هوندا آهن انهن کي مان خفيه طور ته سرانجام ڏيندو آهيان ته جيئن اسان جي سٻاجهڙن سنڌين کي ڪا پريشاني نه ٿئي ۽ نه وري اهي منظرِ عام تي اچن۔۔۔۔۔ شاعر چواڻي ته ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي۔۔۔ وار ته ڦڻي نه ڪوڙا کڻي۔۔۔۔ ڌڻ جو ڌنار ئي نه هوندو ته ڌڻ نڌڻڪو هوندو آهي۔۔۔۔
جواب: ديشين کان سوال [JUSTIFY]ڀيڻ نجمه ۽ ڪجهه دوستن جي اصرار تي آءُ هي مختصر جواب ڏيانٿو، ڇاڪاڻ ته تفصيلي جواب جو خاڪو ڪجهه وڏو آهي، ۽ وقت جي ڪمي سبب اهو تفصيلو جواب پڻ ڏيندس پر تيستائين؛ نه!!! ڳالهين سان ۽ صرف چوڻ سان سنڌو ديش آزاد ڪون ٿيندو اُنَ لاءِ تمام وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي، باقي رهيو ته جڏهن قومي جدوجهد شروع ڪئي ويندي آهي ته ان جدوجهد سان سڀ ماڻهون گڏ ناهن هوندا، آهستي آهستي ان قافلي سان ماڻهون شامل ٿيندا آهن ... ”آءُ ته اڪيلو ئي هليو هيس منزل ڏانهن، هلندي هلندي قافلو ٺهي ويو“ تاريخ شاهد آهي ته دنيا جون تمام وڏيون ڪاميابيون تمام ٿورن ماڻهن جي جدوجهد سان شروع ٿينديون آهن ... خود الله جي رسول مڪي پاڪ ۾ سـڄا سارا 9 سال جدوجهه ڪئي پر ڪل 3 يا 4 سئو مسلمان ڪري سگهيو هو، پر جڏهن مديني هجرت ڪري ويو ته باقي 11 سالن ۾ ايترا ته مسلمان ٿيا جو لکن جي تعداد ۾ مسلمانن الله جي رسول سان گڏجي حج ڪيو ... جنهن ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي زندگيءَ جو آخري خطبو پڻ ڏنو هو ... نه بلڪل نه! هرگز نه! ، يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪري نه، پر يونيورسٽين جو ماحول بهتر ڪري ۽ ان ۾ ٿيندڙ گهوٻين ۽ اقربا پروري ۽ رشوتي ماحول کي ختم ڪري ئي تعليم جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو ... شاگرد تنظيمن جو هڪ اهو به عمل هوندو آهي ته هو پنهنجي قوم جي اعلا تعليم جي حاصلات لئه پنهنجون خدمتون پيش ڪنديون آهن، ۽ انهن جي هر طرح سان مدد ڪري پاڻ ملهائينديون آهن. قومن کي سٺا انجنيئر، سٺا ڊاڪٽر، سٺا تعليمي ماهر، سٺا اقتصادي ماهر ۽ سٺا واپاري کپن نه ڪي جاهلن جو ٽولو جيڪي آزاديءَ کانپوءِ وات پٽي بيهي رهن ۽ ساڳيو ڌارين کي گهرائي ڪم ڪرائڻا پون ... اوهانجا هي سوال هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، سڀ کان پهريان ته موجوده اڳواڻي ڪندڙ ڪردارن ۽ موجوده سنڌي شاگرد تنظيمن جي سگهه ايتري آهي ئي نه جو هو سنڌو ديش آزاد ڪرائي سگهن، انڪري موجوده ارڪان جو سنڌو ديش جي تعليمي ادارن هلائڻ يا انهن جي حڪمراني ڪرڻ جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي .... ها اهي رڪن اڳتي وڌندا ته پاڪستان سرڪار ۽ فوج اهڙا ڪئي ماڻهون ماري چٽ ڪندي .... ڇا اسانکان بنگلاديش وسري ويو آهي جنهن جا ٽيهه لک ماڻهون ماريا ويا ۽ جن بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي انهن مان ڪي چند آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ڪارڪن جيئرا بچي ويا هئا ... باقي سڀ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شهيد ڪيا ويا ... سڀ کان وڏو حملو ڍاڪا يونيورسٽيءَ تي ڪيو ويو هو ۽ هڪ ئي رات ۾ هزارين شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو ..... هن وقت فلسطين کي يونيسڪو پاران آزاد حيثيت سان تسليم ڪيو ويو آهي ته ڇا هن وقت فلسطين تي اهي ئي نوجوان حڪمران آهن جن فلسطين جي آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي هئي ... ؟ نه بلڪل نه، هن وقت انهن ڪارڪنن جن فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي هئي سي يا ته شهيد ٿي ويا يا وري جيلن ۾ سڙي ويا يا وري طبعي موت مري ويا آهن ... ڇا اوهانکي هن پوڙهي واري آکاڻي ياد آهي جنهن مرڻ واري عمر ۾ ” وڻ “ ٿي پوکيو، چيائين ته اسانجي وڏن وڻ پوکيا ته اسين کائون پيا آءُ وڻ ٿو پوکيان ته جيئن اسانجا پويان کائي سگهن. اسانکي آزاديءَ جي حاصلات ۾ قرباني ڏيڻ جو اندازو ڪرڻ گهرجي .... اوهان پاڻ ئي هيٺ جيڪا صلاح ڏني آهي ته؛ منهنجي ڀيڻ! اوهانجي مٿي ڏنل صلاح سون ۾ تورڻ جهڙي ۽ هي جملا مڙهائي سڀني انقلابين کي پنهنجين ديوارن تي چسپا ڪري سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، آءُ اوهانجي هن صلاح سان سهمت ئي نه پر هن صلاح تي اوهانکي سلام ڪريان ٿو ... آءُ به ڀيڻ نجمه سان گڏ سمورين سنڌي شاگرد تنظيمن ۽ خاص سنڌوديش جي ڳالهه ڪندڙ تنظيمن کي اهو ئي عرض ڪندس ته خدارا جي ايم سيد جي نظرئي کي سڃاڻو، دنيا جي آزاديءَ جي تنظيمن جو مطالعو ڪيو، پنهنجي ڪردار کي روشن ڪيو ۽ اهڙو ڪردار ادا ڪيو جو قومي آزاديءَ جي شايان شان هجي، ياد ڪريو ته الله جو قانون تمام سخت آهي، نالائق ۽ جاهل قومن ۽ ڌڙن جي جاءِ هميشه صالح ۽ لائق ولاريندا آهن ... سنڌي قوم اڃان ختم ناهي ٿي، سنڌي قوم جا سڀ وسيلا اڃان جيئرا آهن ۽ ساهه کني رهيا آهن، اوهانجي ڪردار سبب سنڌ جي آزادي ويجهي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڏور به ٿي سگهي ٿي، انڪري ڀيڻ نجمه ۽ هر حساس سنڌيءَ جي آواز کي سمجهو ۽ پنهنجن ڪردارن جي اصلاح ڪري انقلابي ڪردار پئدا ڪريو .... ٻي صورت ۾ اسين اوهانکي سنڌ جا سڄڻ نه پر دشمن سمجهنداسون ۽ پاڻ مان اهڙا سڄڻ پئدا ڪنداسون، جيڪي سنڌ جي سينڌ سنواريندا .... محترم جي ايم سيد ” نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ فرمائن ٿا ته؛ ” تنظيمون يا تحريڪون ماڻهن ۽ ملڪن جي ڀلائيءَ جا سبب پئدا ڪنديون آهن، ۽ جيڪي تنظيمون ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪم نه ڪري سگهن ۽ انهن جا اڳواڻ انا ۽ ذاتي مفادن جي پورائي لئه عمل ڪندا هجن ته اهڙي تنظيم کان نڪري ٻاهر ٿجي“ ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪارو ڪانءُ، اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀنڃي ڇو نه ڀورا ڪجي. ڇا جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي اهي هزارين ڪارڪن نظر نٿا اچن جيڪي جيئي سنڌ ڇڏي يا ته ٻين تنظمين ۾ هليا ويا آهن يا وري خاموش ٿي وقت جي انتظار ۾ ويٺا آهن ...؟ هن وقت هزارين اهڙا سنڌي ماڻهون موجود آهن جيڪي سنڌ جي آزاديءَ سان پيار ڪنٿا، جيڪي سنڌ کي هڪ ملڪ ڏسڻ چاهن ٿا پر جيئي سنڌ ۾ ناهن ... انڪري جيئي سنڌ جي سموري ساٿ ۽ اڳواڻن کي اها گذارش آهي ته هو پنهنجا پير سڌا ڪن، ٻي صورت ۾ نه ته هو پاڻ بچائي سگهندا ۽ نه پنهنجا مفاد، ڀيڻ نجمه سميت ڪيئي ڀينرون ۽ ڀائر ملي گڏ ٿيا ته اوهان جو صفايو ٿي ويندو ... هاڻ آءُ ڀيڻ نجمه سميت هن محفل ۾ ايندڙ سڀني دوستن کان سوال ڪندس ته؛ 1. ڇا سنڌي هڪ قوم آهن؟ 2. ڇا سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي ۽ سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر هڪ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪرڻ گهرجي؟ ******** ڀيڻ نجمه، هي ته هيو اوهانجي سوالن جو مختصر جواب ... هن کانپوءِ آءُ هڪ تفصيلي ليک لکان پيو جنهنجو عنوان آهي ” قومي انقلابي تحريڪن ۾ شاگرد تنظيمن جو ڪردار“ هن مضمون ۾ سنڌ سميت دنيا ۾ هلندڙ ۽ مڪمل ٿيل آزاديءَ جي تحريڪن جو مطالعو ۽ ان ۾ شاگردن جو ادا ڪيل ڪردار تي بحث هوندو، ته جيئن خبر پوي ته سموري دنيا ۾ هلندڙ هلچل يا انقلاب ۾ شاگردن ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ ي شاگردن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ...؟؟؟؟ جيئن ته هي مضمون طويل آهي ۽ جيئن ئي مڪمل ڪري ورتم ته اوهان سميت سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪندس .... لک ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/JUSTIFY]
جواب: ديشين کان سوال وڏي انظار کان پوءِ نثار صاحب جو مختصر جواب پڙهڻ لاءِ مليو۔ لک لائق سائين۔ ادا نثار سميت سڀني کي عرض ته هتي ڳالهه ديشين ۽ انهن جي عملن ڪري سسٽم جي خرابي جي آهي انهي کي صرف جيئي سنڌ سان منسوب نه ڪيو وڃي۔ مطلب ته انهي ۾ سڀ ملوث آهن۔ هي سوال جيئن ته مون کان به آهي سو جواب عرض آهي۔ 1۔ جي ها سنڌي قوم جي حيثيت ۾ هڪ آهن جيڪڏنهن مذهبن ۽ ٻولين کي هڪ پاسي رکجي۔ 2۔ ملڪ سرحدن سان ۽ رهڻ وارن جي جداگانه حيثيت سان مشروط هوندا آهن سي ٻئي ڳالهيون سنڌ سان آهن۔ ها باقي ملڪ ٿيڻ گهرجي يا نه انهي کان پهرين اهو طئي ڪجي ته ڇا سنڌ الڳ ملڪ ٿي هلي سگهندي؟ (هتي پنهنجين قابليتن ۽ ڀائيچاري کان سنڌ دوستي ۽ جذبات کان مٿاهون ٿي سوچڻ کپي ۽ اهو به نه وسارجي ته اڃان تائين سنڌي سنڌي کان تنگ ٿيڻ ناهي رُڪيو)
جواب: ديشين کان سوال ادي توهان جي ڪاوڙ بريل ڪتابچو لکڻ اوهان جو حق آ حق ۽ سڄ کي ته لڪايو ويندو آ جيڪي سچائي جي ڳالهه ڪندا اهو ڌهوئي آهن پر سنڌي بيڻ توهان جي لکڻ تي توهان کي هن سنڌي بائو جو سلام ڪاش اسان جون بينرو اوهان وانگي ميدان ۾ اچن ۽ سچ تي قلم کڻي لکن تان هي ديشي نه پر وڌيرا هوندا اهو سڄو لڪا۔ون انهن جو قرتوت سامان ايندا
جواب: ديشين کان سوال قرباني رت گهرندي سنڌ جي آزاديء لاء هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مانهون ملندا جيڪي سنڌ امڙ جي لاء قرباني ڏيڻ لاء تيار هوندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر انهن کي وٺي هلڻ وارو سائين جي ايم سيد جهڙو ڪو ديشي ڪونهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي تعليم ته هڪ سازش تحت خراب ڪئي وئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يونيورسٽين ء ڪاليجن ۾ جيڪي ديشي آهن اهي ديشي نه پر ڀتا خور آهن ۔۔۔۔۔۔۔ اهي ته سنڌ جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن سائين نثار جي جواب سان مان مطفق آهيان ۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته تواهانکي به ڪجهه جواب ملي ويا هوندا
جواب: ديشين کان سوال ادا حفيظ لغاري ڪڙو سچ لکيو آهي توهان ادا، سڀني کي خبر آهي سنڌ جي ورسٽين جو ماحول خراب ڪير پيو ڪري۔ منهن ۾ مومن اندر ۾ ابليس
جواب: ديشين کان سوال جيئن ته سوال سڀني دوستن کان ڪيو ويو آهي ته هن اهم موضوع ۾ مان به پنهنجو حصو اٽڪائيندس۔۔ منهنجي نظر ۾ قوم ان کي چيو ويندو آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي هجي جيڪا کين دنيا آڏو سڃاڻپ ڏيکاري۔۔۔ جنهن جي هڪ ثقافت هجي جيڪا کين دنيا آڏو سڃاڻپ ڏيکاري۔۔ جنهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هڪ تاريخ هجي ۔۔۔ مٿين ڳالهين ۾ مون مذهب کي شامل نه ڪيو آهي۔۔ پر مذهب، رهڻي ڪهڻي جي ذيلي شق چئي سگهجي ٿو۔۔ رب جا لک احسان آهن جو اهي سموريون ڳالهيون رکندڙ سنڌي هڪ قوم آهن۔۔۔ توهان جي ٻئي سوال جي جواب ۾ عرض ته بلڪل سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي ۔۔۔ ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي تي مختلف دورن ۾ مختلف حڪمران رهيا آهن۔۔۔ سن 489 کان 632 عيسوي تائين رائو راجپوت سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 632 کان 712 عيسوي تائين برهمڻ سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 712 کان 1050 عيسوي تائين عرب سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1050 کان 1350 عيسوي تائين سومرا سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1350 کان 1520 عيسوي تائين سمان سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1520 کان 1555 عيسوي تائين ارغون سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1555 کان 1592 عيسوي تائين ترخان سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1592 کان 1700 عيسوي تائين مغل سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1700 کان 1782 عيسوي تائين ڪلهوڙا سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ سن 1782 کان 1843 عيسوي تائين ٽالپر سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔ سن 1843 کان 1947 عيسوي تائين انگريز سنڌ جا حڪمران رهيا۔۔۔ خلافت جي دور يعني 643 عيسوي ۾ سنڌ جو نقشو ڪجهه هن تصوير ۾ واضح آهي جنهن ۾ ڪابل، غزني ۽ ڪنڌار پڻ سنڌ ۾ شامل هئا۔۔۔ سن 700 عيسوي ۾ سنڌ جو نقشو ڪجهه هن طرح هو۔۔۔ جيڪو ان دور جو هو جنهن ۾ اڄ پاڻ کي قوم سمجهندڙ ۽ جستجو ڪري پنهنجي قوم خاطر ملڪ حاصل ڪندڙن جو وجود ئي ڪونه هو۔۔۔ ان دور ۾ دنيا جو نقشو هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔ اڳتي هلي سنڌ جو نقشو پنهنجيون شڪليون تبديل ڪندو رهيو۔۔۔ ۽ آخرڪار موجوده سنڌ جو نقشو هن طرح آهي جنهن ۾ پڻ دشمن جون نظرون کتل آهن۔۔ ڪي ڌاريا آيا ۽ اڄ پاڻ کي سنڌ جا مالڪ سڏائڻ لڳا آهي ته ڪي وري اهي جن کي پنهنجي گهرن ۾ جايون ڏنيون پر اهي به هاڻي الڳ صوبي جي گهر ڪري رهيا آهن۔۔۔ دوستو مٿيان حوالا ۽ نقشا وڪيپيڊيا تان ورتل آهن جن مان صاف لڳو ته سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي۔۔ باقي جيتري قدر ٻيهر ملڪ جي حيثيت ڪڏهن ٿو حاصل ڪري ته ان لاءِ قرآن پاڪ جي آيت جيڪا سنڌ سلامت جي هر ڪيلينڊر مٿان پڻ ڏنل هوندي آهي۔۔ ته ”بيشڪ الله تعالى ان قوم جي حالت 1يسيتائين نه ٿو بدلائي۔۔ جيسيتائين هُو پاڻ پنهنجي حالت بدلائڻ نه ٿي گهري۔۔ (سوره رعد ۔۔ آيت 11) سو دوستو سائين نثار سميت سمورن دوستن جي جوابن کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته اسان سفر ته شروع ڪيو آهي پر ڀٽڪي ايترو ته پري نڪري چڪا آهيون جو منزل ته ٺهيو اسان کي اها به خبر ناهي ته اسان جو رخ منزل طرف آهي يا تباهي طرف۔۔۔۔