ڀيڻ نجمه ۽ ڪجهه دوستن جي اصرار تي آءُ هي مختصر جواب ڏيانٿو، ڇاڪاڻ ته تفصيلي جواب جو خاڪو ڪجهه وڏو آهي، ۽ وقت جي ڪمي سبب اهو تفصيلو جواب پڻ ڏيندس پر تيستائين؛
سنڌو ديش جو نعرو هڻندڙ ديشي حضرات کان سوال
1۔ ڇا سنڌو ديش صرف چوڻ سان آزاد ٿي سگهندو؟ منهنجي خيال ۾ سنڌو ديش جي آزاديء لاء گهٽ ۾ گهٽ ا ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت آهي۔
ڇا ا ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي؟
نه!!! ڳالهين سان ۽ صرف چوڻ سان سنڌو ديش آزاد ڪون ٿيندو اُنَ لاءِ تمام وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي، باقي رهيو ته جڏهن قومي جدوجهد شروع ڪئي ويندي آهي ته ان جدوجهد سان سڀ ماڻهون گڏ ناهن هوندا، آهستي آهستي ان قافلي سان ماڻهون شامل ٿيندا آهن ...
”آءُ ته اڪيلو ئي هليو هيس منزل ڏانهن، هلندي هلندي قافلو ٺهي ويو“
تاريخ شاهد آهي ته دنيا جون تمام وڏيون ڪاميابيون تمام ٿورن ماڻهن جي جدوجهد سان شروع ٿينديون آهن ...
خود الله جي رسول مڪي پاڪ ۾ سـڄا سارا 9 سال جدوجهه ڪئي پر ڪل 3 يا 4 سئو مسلمان ڪري سگهيو هو، پر جڏهن مديني هجرت ڪري ويو ته باقي 11 سالن ۾ ايترا ته مسلمان ٿيا جو لکن جي تعداد ۾ مسلمانن الله جي رسول سان گڏجي حج ڪيو ... جنهن ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي زندگيءَ جو آخري خطبو پڻ ڏنو هو ...
ڇا يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪري سنڌو ديش آزاد ڪري سگهجي ٿو؟
نه بلڪل نه! هرگز نه! ، يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪري نه، پر يونيورسٽين جو ماحول بهتر ڪري ۽ ان ۾ ٿيندڙ گهوٻين ۽ اقربا پروري ۽ رشوتي ماحول کي ختم ڪري ئي تعليم جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو ... شاگرد تنظيمن جو هڪ اهو به عمل هوندو آهي ته هو پنهنجي قوم جي اعلا تعليم جي حاصلات لئه پنهنجون خدمتون پيش ڪنديون آهن، ۽ انهن جي هر طرح سان مدد ڪري پاڻ ملهائينديون آهن. قومن کي سٺا انجنيئر، سٺا ڊاڪٽر، سٺا تعليمي ماهر، سٺا اقتصادي ماهر ۽ سٺا واپاري کپن نه ڪي جاهلن جو ٽولو جيڪي آزاديءَ کانپوءِ وات پٽي بيهي رهن ۽ ساڳيو ڌارين کي گهرائي ڪم ڪرائڻا پون ...
ڇا سنڌو ديش آزاد ڪرائي توهان تعليم جو اها ئي ٍحالت ڪندا نه جيڪا هن وقت توهان ڪري رهيا آهيو۔
ڇا سنڌو ديش ٺهڻ کان پوء اهي حڪمران ٿيندا جيڪي هن وقت يونيورسٽين جي شاگردن کي پڙهڻ به نٿا ڏين؟
اوهانجا هي سوال هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، سڀ کان پهريان ته موجوده اڳواڻي ڪندڙ ڪردارن ۽ موجوده سنڌي شاگرد تنظيمن جي سگهه ايتري آهي ئي نه جو هو سنڌو ديش آزاد ڪرائي سگهن، انڪري موجوده ارڪان جو سنڌو ديش جي تعليمي ادارن هلائڻ يا انهن جي حڪمراني ڪرڻ جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي .... ها اهي رڪن اڳتي وڌندا ته پاڪستان سرڪار ۽ فوج اهڙا ڪئي ماڻهون ماري چٽ ڪندي ....
ڇا اسانکان بنگلاديش وسري ويو آهي جنهن جا ٽيهه لک ماڻهون ماريا ويا ۽ جن بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي انهن مان ڪي چند آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ڪارڪن جيئرا بچي ويا هئا ... باقي سڀ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شهيد ڪيا ويا ... سڀ کان وڏو حملو ڍاڪا يونيورسٽيءَ تي ڪيو ويو هو ۽ هڪ ئي رات ۾ هزارين شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو ..... هن وقت فلسطين کي يونيسڪو پاران آزاد حيثيت سان تسليم ڪيو ويو آهي ته ڇا هن وقت فلسطين تي اهي ئي نوجوان حڪمران آهن جن فلسطين جي آزاديءَ جي جنگ شروع ڪئي هئي ... ؟ نه بلڪل نه، هن وقت انهن ڪارڪنن جن فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي هئي سي يا ته شهيد ٿي ويا يا وري جيلن ۾ سڙي ويا يا وري طبعي موت مري ويا آهن ...
ڇا اوهانکي هن پوڙهي واري آکاڻي ياد آهي جنهن مرڻ واري عمر ۾ ” وڻ “ ٿي پوکيو، چيائين ته اسانجي وڏن وڻ پوکيا ته اسين کائون پيا آءُ وڻ ٿو پوکيان ته جيئن اسانجا پويان کائي سگهن.
اسانکي آزاديءَ جي حاصلات ۾ قرباني ڏيڻ جو اندازو ڪرڻ گهرجي ....
اوهان پاڻ ئي هيٺ جيڪا صلاح ڏني آهي ته؛
سنڌو ديش جي دعويدارن کي گذارش ته اگر توهان سنڌو ديش ٺاهڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهريائين پنهنجو اخلاق سڌاريو، يونيورسٽي جي شاگردن کي تنگ ڪرڻ بدران پاڻ به تعليم حاصل ڪريو۔ ڇو ته ڪنهن شاعر چواڻيء ته:
ادا انقلاب آهي نه ماکي اڪ جي،
ڳاڙهو رت آ ڳاڙڻو جهڙو گل گلاب۔
اگر توهان انقلاب آڻڻ چاهيو ٿا ته هن شاعر چواڻي ته:
کڻو قلم کوليو ڪتاب،
انقلاب زنده باد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منهنجي ڀيڻ! اوهانجي مٿي ڏنل صلاح سون ۾ تورڻ جهڙي ۽ هي جملا مڙهائي سڀني انقلابين کي پنهنجين ديوارن تي چسپا ڪري سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، آءُ اوهانجي هن صلاح سان سهمت ئي نه پر هن صلاح تي اوهانکي سلام ڪريان ٿو ...
اگر توهان ديش ٺاهڻ چاهيو ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي ته مطمئن ڪريو، صرف يونيورسٽين ۾ ڏنڊي جي زور تي ميمبرشپ ڪرائڻ مان ڪجھ به نه ورندو۔
اگر سنڌو ديش جي تخليق جا حامي آهيو ته اهو به ته ٻڌايو ته ڪير حڪمران ٿيندو، توهان ته يونيورسٽين ۾ ڀتو وٺڻ ۾ پورا آهيو۔ اهي رشوت ۽ ڀتاخوريء جو ڪيئن خاتمو آڻيندا۔
ڇا توهان سنڌو ديش اهڙو ٺاهڻ چاهيو ٿا، جهڙا اوهان جا ڪرتوت آهن،
مطلب ته بندوق جي زور تي ڪم وٺڻ، تعليم کي مڪمل تباه ڪرڻ، وغيره وغيره
آءُ به ڀيڻ نجمه سان گڏ سمورين سنڌي شاگرد تنظيمن ۽ خاص سنڌوديش جي ڳالهه ڪندڙ تنظيمن کي اهو ئي عرض ڪندس ته خدارا جي ايم سيد جي نظرئي کي سڃاڻو، دنيا جي آزاديءَ جي تنظيمن جو مطالعو ڪيو، پنهنجي ڪردار کي روشن ڪيو ۽ اهڙو ڪردار ادا ڪيو جو قومي آزاديءَ جي شايان شان هجي، ياد ڪريو ته الله جو قانون تمام سخت آهي، نالائق ۽ جاهل قومن ۽ ڌڙن جي جاءِ هميشه صالح ۽ لائق ولاريندا آهن ... سنڌي قوم اڃان ختم ناهي ٿي، سنڌي قوم جا سڀ وسيلا اڃان جيئرا آهن ۽ ساهه کني رهيا آهن، اوهانجي ڪردار سبب سنڌ جي آزادي ويجهي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڏور به ٿي سگهي ٿي، انڪري ڀيڻ نجمه ۽ هر حساس سنڌيءَ جي آواز کي سمجهو ۽ پنهنجن ڪردارن جي اصلاح ڪري انقلابي ڪردار پئدا ڪريو .... ٻي صورت ۾ اسين اوهانکي سنڌ جا سڄڻ نه پر دشمن سمجهنداسون ۽ پاڻ مان اهڙا سڄڻ پئدا ڪنداسون، جيڪي سنڌ جي سينڌ سنواريندا ....
محترم جي ايم سيد ” نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ فرمائن ٿا ته؛
” تنظيمون يا تحريڪون ماڻهن ۽ ملڪن جي ڀلائيءَ جا سبب پئدا ڪنديون آهن، ۽ جيڪي تنظيمون ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪم نه ڪري سگهن ۽ انهن جا اڳواڻ انا ۽ ذاتي مفادن جي پورائي لئه عمل ڪندا هجن ته اهڙي تنظيم کان نڪري ٻاهر ٿجي“
ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪارو ڪانءُ،
اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀنڃي ڇو نه ڀورا ڪجي.
ڇا جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي اهي هزارين ڪارڪن نظر نٿا اچن جيڪي جيئي سنڌ ڇڏي يا ته ٻين تنظمين ۾ هليا ويا آهن يا وري خاموش ٿي وقت جي انتظار ۾ ويٺا آهن ...؟ هن وقت هزارين اهڙا سنڌي ماڻهون موجود آهن جيڪي سنڌ جي آزاديءَ سان پيار ڪنٿا، جيڪي سنڌ کي هڪ ملڪ ڏسڻ چاهن ٿا پر جيئي سنڌ ۾ ناهن ... انڪري جيئي سنڌ جي سموري ساٿ ۽ اڳواڻن کي اها گذارش آهي ته هو پنهنجا پير سڌا ڪن، ٻي صورت ۾ نه ته هو پاڻ بچائي سگهندا ۽ نه پنهنجا مفاد، ڀيڻ نجمه سميت ڪيئي ڀينرون ۽ ڀائر ملي گڏ ٿيا ته اوهان جو صفايو ٿي ويندو ...
هاڻ آءُ ڀيڻ نجمه سميت هن محفل ۾ ايندڙ سڀني دوستن کان سوال ڪندس ته؛
1. ڇا سنڌي هڪ قوم آهن؟
2. ڇا سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي ۽ سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر هڪ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪرڻ گهرجي؟
********
ڀيڻ نجمه، هي ته هيو اوهانجي سوالن جو مختصر جواب ... هن کانپوءِ آءُ هڪ تفصيلي ليک لکان پيو جنهنجو عنوان آهي ” قومي انقلابي تحريڪن ۾ شاگرد تنظيمن جو ڪردار“ هن مضمون ۾ سنڌ سميت دنيا ۾ هلندڙ ۽ مڪمل ٿيل آزاديءَ جي تحريڪن جو مطالعو ۽ ان ۾ شاگردن جو ادا ڪيل ڪردار تي بحث هوندو، ته جيئن خبر پوي ته سموري دنيا ۾ هلندڙ هلچل يا انقلاب ۾ شاگردن ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ ي شاگردن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ...؟؟؟؟
جيئن ته هي مضمون طويل آهي ۽ جيئن ئي مڪمل ڪري ورتم ته اوهان سميت سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪندس ....
لک ٿورا
سنڌ سلامت ساٿ سلامت