منهنجي تخليق

مصور عالم

سينيئر رڪن

سنڌ سڏڪين ڇو ٿي تنهنجا پٽ پهلوان،
جنگ جوٽيندا جابرن سان هي جوڌا جوان،
قرب تنهنجي ڪاڻ ڪبا ڪنڌ ڪوڙين قربان،
لال ڪندا لهوء سان لالڻ سڀ ميدان،
ڀڄي ويندا ڀاڙيا گوڙ ڏسي گهمسان،
سنڌ جي خودمختياريء جو آخر ٿيندو اعلان،
مڻ ورهائيندا مٺاين جا خوشيء منجهان خان،
عالم ايندو انقلاب ٿيندو امن امان،
مالڪ تون مهربان سنڌ رکج سائي سدا۔
 
جواب: منهنجي تخليق

الله ڪندو سنڌ آباد رهندي، سکي ستابي رهندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين

اسان جي ايڪو اختيار ڪيون ، پاڻ ۾ ايڪتا پيدا ڪيون ته اهي خواب ضرور ساڀيان ٿيندا
 
Back
Top