
هڪ اسٽيج شو تي هڪ مذاحيه آرٽسٽ آيو ۔۔۔ ۽ هڪ لطيفو ٻڌايو۔۔۔ شو ۾ شريڪ ٿيل سمورا ماڻهون زوردار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا۔۔ آرٽسٽ ساڳيو لطيفو ٻيهر ٻڌايو۔۔۔ هن دفعي پهرين جي مقابلي ۾ گهٽ ماڻهون کليا۔۔ آرٽسٽ هڪ دفعو وري ساڳيو لطيفو ٻڌايو۔۔۔ هن دفعي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون هئا جن لطيفي تي ٽهڪ ڏنا۔۔ ان طرح آرٽسٽ تيسيتائين لطيفو ٻڌائيندو رهيو جيسين ان لطيفي تي ڪو به کلڻ وارو نه مليو۔۔۔ تڏهن آرٽسٽ هڪ جملو چيو۔۔۔
جيڪڏهن توهان ساڳي ئي لطيفي تي وري وري کلي نه ٿا سگهو ته توهان ساڳي ئي پريشاني تي وري وري روئو ڇو ٿا۔۔۔