مصور عالم
سينيئر رڪن
محترم سائين ذوالفقار لنجو صاحب (سنڌ سلامت ميمبر شاڪرالرحمان لنجو جا والد) جن هڪ دفعو مون کي پنهنجي شاعري ٻڌائي مون کي چيائون ان جو ترجمو ٻڌائي جيڪو مون کي آيو ڪونه۔ پوء سائين مون کي سمجهاڻي ٻڌائي۔ تڏهن سائين کي مون پڇيو سائين هن غزل جو شاعر ڪير آ۔ ته سائين چيو اهو راز آهي راز ئي رهڻ ڏيو۔ ڪافي اسرار تي ٻڌايائون ته اها سندن پنهنجي شاعري آهي۔
شائري جون چار سٽون مون کي ياد آهن توهان جي نظر ڪري ٿو ڇڏيان۔
پاند مَ پُسائج پاڻهياري جر وڏو ۽ جاجھ گهڻي،
جَرِ وڏو جي جاجھ گهڻي ته رب وڏو ۽ ٻاجھ گهڻي
اسُرَ ويلَ آکاڙي ڀرڻ لئه ٿي وارو وارين ورت سين،
قوس ته تنهنجو گهڻيئي ڪسيل پر تڙُ وڏو ۽ تات گهڻي
تڙ وڏو جي تات گهڻي ته رب وڏو ۽ ٻاجھ گهڻي