مصور عالم
سينيئر رڪن
شاعر: مجرم محمد هوت لغاري
هاڻي سڻ تون هي حڪايت،
هادي توکي ڏئي هدايت،
حيا حقيقت شان شرافت،
ويئي لوڪان لڏي لياقت،
ڪري ڪرم ڪو قادر شال،
واه زمانا تنهنجي چال۔
هاء، اڳوڻي الفت ويئي،
سيڻن مان پڻ صحبت ويئي،
سُرهي سُرهي سنگت ويئي،
مٺڙي مٺڙي محبت ويئي،
جيڏانهن تيڏانهن جنگ جدال،
واه زمانا تنهنجي چال!
لوفر لنب ۽ پيٽوُ ڀاڙي،
مڇون مروڙي، ڪوُڙي ڏاڙهي،
رکي ڪلهي تي اڇي ڪهاڙي،
هوٽل ۾ ويهي هڻندا ڄاڙي،
پٽڪو تن جو پندرهن وال،
واه زمانا تنهنجي چال!
ٻاهر خان گهر ۾ سڃان،
زال پئسا ڏي ته بازار وڃان،
نه ته ٿو ٺڪر گهر جا ڀڃان،
چني چولو وڃي ٿو وڪڻان،
وڃي پڻهي کي ڪر سوال،
واه زمانا تنهنجي چال!
گهر ۾ ڪڪر ٻانگون ڏيندا،
سريلا هلي هوٽل ويندا،
چانھ مٿان سگريٽ ڇڪيندا،
پان وٺي سي خوش پيا ٿيندا،
پٺ جو ڪندا ڪونه خيال،
واه زمانا تنهنجي چال!
هاڻي سڻ تون هي حڪايت،
هادي توکي ڏئي هدايت،
حيا حقيقت شان شرافت،
ويئي لوڪان لڏي لياقت،
ڪري ڪرم ڪو قادر شال،
واه زمانا تنهنجي چال۔
هاء، اڳوڻي الفت ويئي،
سيڻن مان پڻ صحبت ويئي،
سُرهي سُرهي سنگت ويئي،
مٺڙي مٺڙي محبت ويئي،
جيڏانهن تيڏانهن جنگ جدال،
واه زمانا تنهنجي چال!
لوفر لنب ۽ پيٽوُ ڀاڙي،
مڇون مروڙي، ڪوُڙي ڏاڙهي،
رکي ڪلهي تي اڇي ڪهاڙي،
هوٽل ۾ ويهي هڻندا ڄاڙي،
پٽڪو تن جو پندرهن وال،
واه زمانا تنهنجي چال!
ٻاهر خان گهر ۾ سڃان،
زال پئسا ڏي ته بازار وڃان،
نه ته ٿو ٺڪر گهر جا ڀڃان،
چني چولو وڃي ٿو وڪڻان،
وڃي پڻهي کي ڪر سوال،
واه زمانا تنهنجي چال!
گهر ۾ ڪڪر ٻانگون ڏيندا،
سريلا هلي هوٽل ويندا،
چانھ مٿان سگريٽ ڇڪيندا،
پان وٺي سي خوش پيا ٿيندا،
پٺ جو ڪندا ڪونه خيال،
واه زمانا تنهنجي چال!