نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدون

'سنڌي ادب' فورم ۾ علي رضا جوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2011۔

  1. علي رضا جوکيو

    علي رضا جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    working ngoگڏاپ
    ماڳ:
    گڌاپ ڪراڇي سنڌ gaddap
    نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدو
    علي رضا جوکيو
    ڪيتريون ئي صديون ۽ سال آيا جن هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ورکا ورجهائي جن پنهنجا پنهنجا غم ۽ خوشيون ، موجهون ۽ مزا تاريخون۽ .آثاثا چڏئي انت آندو.۽ ڪيترائي مور ماڻهو اسان ۽ اوهان کان وڃايا .جنهن ۾سنڌي قوم جو ايڏو ته وڏو نقصان ٿيو جيڪو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي اهو نقصان نه رڳو سنڌي قوم جو ٿيو پر دنيا تي به ان جا وڏا اثار نظر آيا اهو اڀاڳو سال 2007 هو جنهن شهيد راڻي اسان کان پل ۾ جهٽي ورتي هن جي ته اڃا هن ڏوتڙيل، پيڙيل مارون ماڻهن کي ته ضرورت هئي هن ته هن قوم لاءِ ته ڪيڏا نه خواب سجايا هئا انهن خوابن ۾ ته هن انهن کي سمائڻ ٿي گهريون انهن لاءِ هو ڪيڏا نه جتن جوڙي رهي هئي پر اهو انهن قوم جي دشمنن کي سٺو نه لڳو جن جتن جوڙِي اهڙي ته راند رچي ان ۾ ايڏو ته قهر ڪيو جو سنڌ ڄائي کي شهيد ڪري قهرام ڪري ڇڏيو هن ۾ قهرام به ايڏو ٿيو سڄي سنڌ آليئن اکين سان آهون ۽ دائون ڪندي رهي پر سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه هو.ٿوري دير لاءِسال 2011 ڏانهن دماغ جون سوچون ڍوڙن ٿيو جنهن ۾ اهڙي ته هستي هتا هلي ٿاڪ ٿي جنهن جي وڃڻ سان سنڌي ادب کي ڪاپارو ڌڪ لڳو جنهن مٺي ماڻهو سنڌي قوم جي وڏي خدمت ڪئي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب سندس خدمت جا اوڄاڻ آهن اها هستي اسان وٽان وڇڙي ته وئي پر وسري نه ٿي سگهي اهو جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي هستي اڄ علم و ادب ۾ سندس ڏاڍي ڪمي معصوص ٿئي پئي . .وري 365 ڏينهن تي نئون سال پنهجا آثار ڏيکاري رهيو آهي جيڪو ايندو اچي ڪري خبر نه آهي ته هن ۾ به ڪنهن کي خوشيون ملنديون ڪن جي هٿن تي ميهندي لڳندي ڪنهن لاءِ غمن جا انبار ايندا . ڪيترن جا جيهه جُرندا ڪيترن جا گهر اوجڙندا ڪيترن جا گهوٽ پٽ گهاوسهندا ڪيترن ڪنوارين جا غيرت مند گهوٽ رسُي راوي ٿيندا. ڪيترن مائون جي هج خالي ٿيندي ڪيترن ونئين جا ور وڇڙندا.ڪيترائي منور جهڙا لاڏلا معصوم پٽ پنهنجي پيءُ کان پري ٿيندا جن کي اڃا مرڻ ۽ جئيڻ جي ڪابه ڪل نه آهي ته مرڻ وارا ڪيڏا هليا ويندا آهن هو ته صبح جو آُ ٿي ننڍاور اکين کي هٿن سان ميٽي پڇن ٿا امڙ ابو ڪاڏي ويو رات ڇو نه آيو هن معصوم کي ڪهڙي ڪل ته هو اهڙي ديس ويو جتان ڪنهن به نه اچي ٻڌايو ته هتي ڪهڙو وکر وڪامجي ٿو پنهنجي ديس کان ڌار ٿيندا ڪيترا ديس کي ڏسڻ لاءِ آتا هوندا ڪيترا وطن ورڻ لاءِوسوسا ولولا ۽ وکر وٺڻ لاءِ هڻا هڻ ۾ هوندا .ڪن لاءِ سختيون سور ڪن لاءِ خوشيون کوڙڪنهن قوم لاءِ ڪوشا هوندا ڪنهن علم ادب سان قوم جي خدمت ڪري قوم جو ڳاٽ اوچو ڪندا ڪي وري پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ علم ۾ به انهن معصومن جو مستقبل تبائي ڏانهن ڌڪڻ ۾ ڪابه ڪثر نه گهٽائيندا . انهي نئي سال ۾ جيڪي سنڌ ايجوڪيشن فائوڊيشن پوک پوکي آهي ان جو جڏهن لابارو ٿيندو تڏهن انهن قوم جي ٻچن تي ڪياس نه ڪندڙ پڙهيل لکيل سُڌ ساريندڙن کي اهو چوندس ته اوهان اچوج اچي اکين اڳيان ڏسي وٺوج پوءِ پاڻ فيصلو ڪجو ته انهن ادارن کي جس آ جن جي ڪاوش ۽ ڪوشش سان هي هريالي آهي. سوچ چيج علم آباد ،ڳوٺ خوشحال، ٻارباعلم، خوشحال نياڻيون
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدون

    نئين سال کي وري به ڀليڪار ڪبي ۽ نين اميدن سان ڀليڪار ڪبي۔

    اوهان جا احساس پڙهي خوشي ٿي، اوهان اميدون جاڳايو ٿا اها سٺي ڳالهه آهي۔ دنيا اميد تي قائم آهي مايوسي ڪفر آهي۔ سختيون ئي سهي، ڏکيائون ئي سهي، مسئلا ئي سهي پر اميدن کي جاڳايو۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدون

    جيڪو گذري ويو ان کي ياد نه ڪرڻ ئي بهتر آهي

    سال خوشيون يا غم کڻي اچي ان ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدون

    ادا علي رضا ۔۔۔ جيڪا رب جي رضا ۔۔۔ گذريل گهڙين ڪيترائي گهوٽ گهايا ته وري ڪيترن ئي گهايلن تي مرهم رکي هوندي، ايندڙ وقت به گهوٽن کي گهاوَ رسائيندو ۽ گهاون تي مرهم به رکندو ۔۔۔ اها ئي ته زندگي آهي، اهو ئي ته دنيا جو چرخو آهي ۔۔۔

    انسان جي وس ۾ آهي به ڇا ۔۔۔ وقت کي وات پٽي ڏسڻ کان علاوهه ڪري به ڇا ٿو سگهجي ۔۔۔ ها ڪي سورهيه وقت جي ڪانٽي کي تمام مشڪل سان چرڻ ڏيندا آهن ۽ هر هڪ گهڙيءَ سان گڏ ڪيترائي معرڪا طع ڪندا آهن ۽ ڪيترائي گيدي وقت جي وهڪري کي ائين ئي وهڻ ڏيندا آهن ۽ مٽيءَ تي بار ٿيندا آهن ۔۔۔ ڪيترن جي هلڻ سان ڀونءِ به بسم الله چوندي آهي ته ڪيترن جي وجود تي ناراض ۽ پشيمان ۔۔۔

    ڇا لطيف سڳوري هي بيت چئي پوري انسانيت جي فطرت کي وائکو نه ڪيو آهي؛

    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي۔

    يا وري هڪ ٻيو فطري قانون نه ٻڌايو اٿس ته؛

    چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔

    انڪري اي دوست! دنيا جا سهڻا ڪوجها رنگ سڀ هن ڪائنات جو حصو ئي ته آهن ۔۔۔۔ منهنجي پتنيءَ هڪ آزاد نظم چيو هو؛

    آزاد نظم
    ”حياتي“
    نسيم حيدري

    حياتي ھڪ آرٽ آھي،
    ڪيترائي رنگ ڀريل،
    ڪي هلڪا
    ڪي گھرا
    ڪي پيارا
    ڪي سندر
    ڪي بدنما
    ڪي ناقابل برداشت،
    پوءِ به ته
    سڀ رنگ آهن
    جيون جا .

    سو دوست، اچو ته سڀني رنگن مان گذري پنهنجو پاڻ ملهايون ۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: نئي سال ۾ ڪهڙيون اميدون

    اسان جي لاء نئون سال ڇا ته پراڻو ڇا نئين ڏينهن جو به ساڳو سج هوندو ته پراڻي ڏينهن جو به ان ڏينهن به اسان کي محنت مزدوري ڪرڻي پوندي ۽ ڪندا رهون ٿا اميدون اسان جون اهي ئي رهنديون جيڪي هيون پر چوندا آهين ته نئون سال نئون سال نئون سال بس دل ڪو بهالاني ڪي لئي غاليب يه خيال اڇا هي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو