• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دنيا به عجيب آهي۔ ڪٿي گرمي ته ڪٿي سردي۔ ڪٿي برف ته ڪٿي سخت ڪاڙهو ۽ اُلا پيا اڏرن۔ اوهان اڳيان دنيا جي ڪجهه گرم، ترين علائقن جو ذڪر ڪجي ٿو۔ اميد ته هي ڄاڻ اوهان لاء فائديمند ثابت ٿيندي۔​

1۔ ڊلول (ايٿوپيا) :

xmnyid.gif


ايٿوپيا جو علائقو ڊلول دنيا جو گرم ترين علائقو آهي جيڪو سمنڊ کان 328 فٽن جي بلندي تي واقع آهي۔ جيتوڻيڪ هي دنيا جي خوبصورت علائقن مان هڪ آهي پر هتي سراسري گرمي پد 94 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو هتي 145 ڊگري فيرنهائيٽ به گرمي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔​

2۔ لبيا (العزيزيه):

ibvsxDleVq9peB.gif

لبيا جو علائقو العزيزيه دنيا جو ٻيو نمبر گرم ترين علائقو آهي۔ هي صحرا تي مشتمل علائقو آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد 136 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔​

3۔ ڊيٿ ويلي ڪيليفورنيا

ibcK4UVCST4nEr.gif


ڊيٿ ويلي ڪيليفورنيا دنيا جو ٽيون نمبر گرم ترين علائقو آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد ڏينهن جو 115 ۽ رات جو 86 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔​

4۔ بئنڪاڪ:

imoYICUHO4CzN.gif

حيرت انگيز طور سياحن جو مقبول شهر ٿائلينڊ جو دارلحڪومت بئنڪاڪ هن لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آهي۔ هتي سياري ۾ به سراسري گرمي پد 85 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔​

5۔ ڪويت:

ipNIXu7SUquA2.gif

عرب ملڪ ڪويت سٽي جو علائقو گرم ترين شهرن ۾ پنجين نمبر تي آهي۔ هتي سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۾ رهن۔ هتان جو سراسري گرمي پد 116 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔

6۔ ايران جو شهر احواز:

ibaaxy7z4DuVug.gif

ايران جو شهر احواز هن لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي جيڪو سمنڊ کان صرف 76 فٽ جي بلندي تي آهي۔ هتي گرم موسم ۾ سراسري گرمي پد 129 تائين پهچندو آهي ۽ رهي سهي ڪسر وري هتان جا صحرائي طوفان ۽ گرم جهولا پوري ڪري ڇڏيندا آهن۔

7۔ عمان جو شهر سامل:


ibk9WAfOcaDtIS.gif


عمان جو شهر سامل گرم ترين علائقن م ستين نمبر تي آهي۔ گرمين جي ڏينهن ۾ هتان جو سراسري گرمي پد 109 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ پر هتان جون راتيون گهڻو خشڪ ٿين۔

8۔ ايروزينا جو علائقو زينه :

iFGJX8OM3sRzc.gif

اٺين نمبر تي ايروزينه جو علائقو زينه آهي۔ گرمين ۾ هتان جو سراسري گرمي پد 104 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔ آمريڪا جي موسميات کاتي وارن ته هن کي گرم ترين علائقو ڪوٺيو آهي۔​

9۔ وينزويلا جو شهر ڪليوڊيڊ بوليوار :

iDBMeiZmvPhR9.gif

ٽي لک 40 هزار آبادي وارو هي شهر دنيا جي گرم ترين شهرن مان آهي جيڪو درياء جي ڪناري تي واقع آهي۔ هتان جو سراسري گرمي پد 94 ڊگري فيرنهائيٽ رهي ٿو۔​

10۔ ايٿينز (يونان) :

itHzea5DmMHNb.gif


گرم ترين شهرن مان يونان جو تاريخي شهر ايٿينز 10 هين نمبر تي آهي۔ آگسٽ جي مهيني ۾ پوندڙ گرمي ۾ ماڻهو ٻاهر نڪرڻ جو ته سوچيندا به ناهن۔ کو ته 92 ڊگري فيرنهائيٽ جون هلندڙ گرم هوائون اسپتال داخل ڪرائي ڇڏينديون آهن۔​

حوالو : هماري ويب
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

ادا وساڻ تمام سٺي معلومات شئر ڪئي آهي ادا اهڙي گرمي پد 116 ڊگري فيرنهائيٽ ۽ گرمي پد 136 ڊگري فيرنهائيٽ ۾ انسان ۽ جانورن جي رهڙي ڪهڙي کي سلام آهي
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

ادا اڄڪلهه هتي ڪراچيء ۾ ته ڏاڍي سردي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قدرت جا رنگ آهن ڪٿي سردي ته ڪٿي گرمي

خوبصورت شيئرنگ
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

قدرت جو ڪمال آ۔۔۔۔۔۔سائين سليمان صاحب اوھان جي بھترين معلوماتي ونڊ۔
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

ادا سليمان لک لائق جَسُ هجي توهانکي جو هر موضوع ۽ هر پهلو تي محنت ڪري معلومات موڪليو ٿا۔ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهو ٿا۔
الله پاڪ توهانکي اڃان به وڌيڪ توفيق عطا فرمائي آمين والسلام
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

ادا وساڻ تمام سٺي معلومات شئر ڪئي آهي ادا اهڙي گرمي پد 116 ڊگري فيرنهائيٽ ۽ گرمي پد 136 ڊگري فيرنهائيٽ ۾ انسان ۽ جانورن جي رهڙي ڪهڙي کي سلام آهي

مهرباني

بلڪل سخت گرمي ٿيندي آهي۔ واقعي ماڻهن جو رهڻ ڏکيو ٿيندو هوندو۔
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

يار سليمان! اسين ته جيڪب آباد ۽ سبيءَ کي اهڙو گرم سمجهندا هياسون جو اصل هڪ لطيفو به ماڻهن ٺاهي ورتو هو؛

هڪ ماڻهونءَ کي مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ اڇلايو ويو ته ان اتي وڃي سوڙ جي فرمائش ڪئي ته کيس سيءُ ٿو ٿئي ۔۔۔ ملائڪ حيران ٿي ويا ۽ چيائونس ته هت ته باهه ٿي ٻري توکي وري سيءُ ٿو ٿئي ته جواب ڏانائين ته ادا مان جيڪب آباد کان آيو آهيان ۔۔۔“

خئير تمام معلوماتي ونڊ اهو به سهڻين سهڻين تصويرن سان سينگاريل ۔۔۔ ڪٿي گرمي ڪٿي سردي ۔۔۔ ڪٿي ڏک ڪٿي سک ۔۔۔ قدرت جا ڪمال آهن ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

ادا سليمان واقعي توهان اسان سان تمام معلوماتي ۽ ڪارائي ڄاڻ ونڊ ڪرائي آهي۔
 
جواب: دنيا جا ڪجهه گرم ترين علائقا

لاجواب ونڊ۔۔۔۔۔۔
مهربانيون سائين۔۔۔
 
Back
Top